|
خيرپور لڳ ويگن ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر،3 عورتن سميت 12 ڄڻا زخمي خيرپور(ڊ ر)فيض آباد ڪالوني خيرپور وٽ ٺري ميرواهه کان سکر ويندڙ تيز رفتار مسافر ويگن ۽ سامهون ايندڙ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 عورتن سميت 12 مسافر زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ ويگن ڊرائيور بادل بڙدي، سيد حاڪم علي شاهه، نجيب ڪٽوهر، اعجاز علي، علي رضا شاهه، محمد علي، اسماعيل ڦلپوٽو، گلزار سولنگي، مسمات جهنڊي شاهه، مائي ڀانل ۽ مائي داڻا شامل آهن،زخمين کي سول اسپتال خيرپور پهچايو، جتي ويگن ڊرائيور بادل بڙدي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، هوڏانهن حادثي کانپوءِ ٽريڪٽر ڊرائيور ٽريڪٽر ڇڏي فرار ٿي ويو. |