مٺياڻي لڳ چوري جي الزام ۾ ڳوٺاڻو قتل، سوين ماڻهن پاران لاش هاءِ وي تي رکي ڌرڻو


مٺياڻي/مورو(رپورٽ:ممتاز ڀٽي/خدا بخش ميمڻ) مٺياڻي ڀرسان ڳوٺ پراڻا جتوئي جي رهواسي 45 ورهين جي ارباب علي پڃارو کي چوري جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي ۽ سندس خلاف ارباب ڀٽو جي فرياد تي قلم 457، 380 هيٺ ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن مقتول جي امڙ حاجران ۽ 16 ورهين جي پٽ محبوب علي  صحافين کي ٻڌايو ته ارباب ڀٽو، گلڻ ۽ سلمان سميت ڀٽا برادري جا ڪجهه ماڻهو رات ديرسان سندن دروازي تي آيا ۽ ارباب علي کي مينهن چوري ڪرڻ جي الزام ۾ وٺي ويا ۽ ڪجهه ڪلاڪن بعد خبر پئي ته ارباب علي مينهن چوري ڪرڻ جي الزام ۾ ڀٽا برادري جي ماڻهن هٿان قتل ٿي ويو آهي. هنن الزام هنيو ته فريد ديرو جي ايس ايڇ او پنهنجي پٽي ڀائي ايس ايڇ او سان ونگار وهندي سندن ڪيس داخل ڪرڻ بدران ابتو مٿن ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. مقتول جي وارثن ۽ سوين ڳوٺاڻن خير محمد پڃارو، ميان محمد، غفار پڃارو ۽ سيد اڪبر شاهه جي اڳواڻي ۾ لاش رکي هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي. 2 ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ ٿيڻ ڪري مورو لاءِ ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهي ويون. ايس پي او مورو عنايت ڀٽي ۽ ايس ايڇ او ممتاز جروار ڌرڻي واري هنڌ پهچي انصاف جي خاطري ڏئي ڌرڻو ختم ڪرايو. جنهن بعد مقتول جي پٽ جي فرياد تي فريد ديرو ٿاڻي تي ارباب ڀٽو،گلڻ، محرم ڀٽو ۽ 3 اڻڄاتل ماڻهن خلاف قلم 302، 247 ۽ 243 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ٻي ڌر جي ارباب ڀٽو دعويٰ ڪئي ته هڪ ڏينهن اڳ چورن جو پيڇو ڪري ڪچي ۾ مقابلي بعد مينهن ڇڏائي ورتي، مقابلي ۾ ارباب پڃارو مارجي ويو. جڏهن ته مقتول جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن اهڙي بيان کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.

  ڏيهي - پرڏيهيعلائقائيتصويرون - ايڊيٽوريل - مضمون - ڪارٽون - ايڊيشن - اشتهار

Copyright © 2006 The Ibrat Group of Publications.
All Rights Reserved
.
Ibrat Building Gadi Khata Hyderabad, Pakistan .
 Ph: 92-022-2728571-2, 2728703-4, Fax. 92-022-2784300  
Email: ibrat@hyd.wol.net.pk