|
جاتي لڳ گهٽي جي تڪرار تان جهيڙو،7ڄڻا زخمي،ٻن جي حالت نازڪ جاتي(ن ع) جاتي لڳ ڳوٺ ڦوٽو ملاح ديهه راڄڙ ۾ گهٽي جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن بعد چانڊيا برادري جي ماڻهن هٿيارن جي زور تي هلان ڪري حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ يعقوب ملاح، صديق ملاح، حنيف، جمن، ربڏنو، يوسف ۽ محمد ملاح شديد زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال جاتي آندو ويو جڏهن ته يعقوب ملاح جو ڳلو ڪپجڻ ۽ صديق ملاح کي مٿي ۾ ڪهاڙيون لڳڻ جي ڪري نازڪ حالت ۾ ڪراچي نيو ويو آهي، جاتي پوليس واقعي واري هنڌ پهتل آهي، جڏهن ته ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. |