|
9 سالن جي ڪاري دور ۾ شروع ڪيل غير جمهوري پاليسيون ختم ڪيون وڃن: اي پي اين ايس ڪراچي (پ ر) آل پاڪستان نيوز پيپرس سوسائٽي (اي پي اين ايس) جنرل (ر) پرويز مشرف دور جي خاتمي تي جمهوري قوتن ۽ پاڪستاني عوام کي واڌايون ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته چونڊيل حڪومت گذريل 9 سالن جي ڪاري دور ۾ شروع ڪيل غير جمهوري پاليسيون ختم ڪري جمهوري عمل کي اڳتي وڌائيندي، اي پي اين ايس جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو اجلاس لاهور ۾ سيڪريٽري جنرل محمد اسلم قاضي جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ صدر حميد هارون، عمر مجيب شامي، مهتاب خان، وسيم احمد، قاضي اسد عابد، جبار خٽڪ، عبدالرشيد غازي، رحمت علي رضوي، مس قديحه خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آمريت جي خاتمي لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪندڙ ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ جمهوري قوتن جي ساراهه ڪئي ۽ ٺهراءُ ذريعي خراج تحسين پيش ڪيو ويو ۽ اميد ظاهر ڪئي وئي ته هاڻي جمهوري عمل سان عوام کي فائدو ٿيندو ۽ عوام کي آئين تحت حق ملندا، اجلاس ۾ اهو چيو ويو ته مشرف دور ۾ پريس سان وڏي پئماني تي ناانصافيون ڪيون ويون، پر ميڊيا ڀرپور جدوجهد ڪري ڪاميابي ماڻي. اجلاس ۾ ان اميد جو اظهار ڪيو ويو ته نئين حڪومت ميڊيا جي آزادي ۾ ڪا رڪاوٽ نه وجهندي ۽ پريس ايڊوائس سسٽم استعمال نه ڪندي، هڪ ٻئي ٺهراءُ ذريعي اسيمبلي طرفان نيوز پيپرس، نيوز ايجنسي اينڊ بڪ رجسٽريشن آرڊيننس 2002ع ختم ڪرڻ جي آجيان ڪئي وئي، ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي سڌ سماءُ واري وزارت طرفان فريڊم آف انفارميشن ايڪٽ 2005ع جو بل اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي به آجيان ڪئي وئي. جڏهن ته ميمبرن وفاقي ۽ صوبائي حڪومت تي زور ڀريو آهي ته حڪومتي اشتهار جاري ڪرڻ ۾ شفافيت جي عمل کي يقيني بڻايو وڃي.گ |
|||
|
|||