|
گهوٽڪي لڳ قلندر(رح) جي پانڌيئڙن جي بس ڪلٽي، 6 فوت، 30 زخمي گهوٽڪي(رپورٽ: اقبال صديقي) گهوٽڪي ڀرسان سرحد ٿاڻي جي حد ۾ قلندر شهباز جي پانڌيئڙن جي بس ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ماڻهو فوت ۽ 30 زخمي ٿيا آهن. اڱاري ڏينهن صبح جو اٽڪل 10 وڳي سرحد ٿاڻي جي حد ۾ سرحد باءِ پاس تي پنجاب جي شهر ساهيوال کان قلندر شهباز جي ميلي تي ويندڙ بس نمبر جي اي 0663 موڙ ڪاٽيندي تيز رفتاري سبب اونڌي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 12 سالن جي نينگر سميت 6 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، جن مان ملازم حسين، نيڪ محمد ۽ 12 سالن جو وسيم اڪبر گهوٽڪي اسپتال ۾ جڏهن ته حسنين ۽ رياض ميرپورماٿيلو ڊسٽرڪٽ اسپتال ۾ دم ڏنو. فرحت الله راجپوت، سڪندر گجر،محمد فتح، صغير راجپوت ۽ اشتياق احمد کي زخمي حالت ۾ سکر سول اسپتال داخل ڪيو ويو. جتي پنجاب جو رهواسي اشتياق احمد زخمن جا سور نه سهي فوت ٿي ويو. فوت ٿيلن جا لاش پوليس سندن اباڻي شهرن ڏانهن روانا ڪيا آهن. 11 زخمين کي تعلقه اسپتال گهوٽڪي ۽ 17 کي ڊسٽرڪٽ اسپتال ميرپورماٿيلو موڪليو ويو، جڏهن ته ٻن زخمين کي رحيم يار خان اسپتال موڪليو ويو، زخمين ۾ ظفر علي ولد ميان پهلوان(قصور) الله رکيو ولد حبيب ماڇي(ساهيوال) شعيب ولد شاهه گل(ميان چنون) صابر حسين ولد مشتاق احمد(ميان چنون) غلام عباس ولد محمد رمضان(چيچاوطني) منير احمد ولد احمد بخش(ميان چنون) مير آصف رضا سيد رزاق شاهه (ميان چنون) محمد امين ولد وريام(ميان چنون) رضوان ولد عبدالرزاق(ميان چنون) وقار حسن ولد سلطان قريشي(ڪماليه) صفدر علي ولد ظفر علي قريشي(قصور) ۽ ٻيا شامل آهن. بس ۾ ڦاٿل مسافرن کي پوليس ۽ ڳوٺاڻن وڏي ڪوششن بعد ٻاهر ڪڍيو.ل |
||
|
||