|
ڪورنگي نمبر2 ۾ هٿياربندن هٿان قيوم آباد واسي قتل ڪراچي(بيورو رپورٽ) ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي نمبر 2 ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري قيوم آباد واسي 45 سالن جي اسرار ولد تاج محمد کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال آندو، هوڏانهن صدر جي علائقي ۾ ڦر دوان مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن جي فائرنگ ۾ امانت علي ولد واجد علي زخمي ٿي پيو، زخمي کي طبي امداد لاءِ جناح اسپتال پهچايو ويو.
|