|
وڏي وزير جي صدارت هيٺ گڏجاڻي، غريب ماڻهن کي گهر ڏيڻ بابت غور ڪراچي(بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي منشور تحت غريب ۽ بي گهر ماڻهن کي گهر تعمير ڪري ڏيڻ بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ويو ته پيپلز هائوس اسڪيم تحت ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، خيرپور ۽ ٻين شهرن ۾ زمين حاصل ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي سيد قائم علي شاهه چيو ته غريب ۽ بي گهر ماڻهن کي گهر ٺهرائي ڏنا ويندا. هن چيو ته وزيراعظم يوسف رضا گيلاني طرفان لاڙڪاڻي کي ماڊل ضلعي طور ترقي ڏني پئي وڃي ۽ 150 ايڪڙ زمين مختص ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ رهائشي رٿا قائم ڪئي ويندي ۽ هن پروگرام تحت مختلف شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ترجيحي بنيادن تي ڪم شروع ڪيو ويندو، گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام تحت تجويز ڪيل رهائشي رٿا جي مختلف ڳالهين تي به غور ڪيو ويندو. فيصلو ڪيو ويو ته بدين ۽ ٺٽي ۾ 50-50 گهرن تي مشتمل ڳوٺ قائم ڪيا ويندا. انهن ڳوٺن ۾ تنظيمون قائم ڪبيون جيڪي ڪميونٽي کي متحده ڪنديون. گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ويو ته ديهه سورجاڻي ۾ 100 ايڪڙ زمين هٿ ڪئي وئي آهي جتي غريب ماڻهن لاءِ گهر اڏيا ويندا، وڏي وزير ٻڌايو ته ڪيٽي بندر ۾ نموني طور 10 گهر تعمير ڪيا ويندا. جيڪي سستا ۽ سامونڊي طوفان کان محفوظ هوندا. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بدين مان ڊاڪٽر سڪندر منڌرو، ارباب وزير ميمڻ ۽ عبدالواحد سومرو پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ هائوسنگ ڪاميٽين جي نگراني ڪندا. گڏجاڻي ۾ صوبائي وزير لوڪاسٽ هائوسنگ سيد علي مردان شاهه، وڏي وزير جي خاص معاون ضياءَ اسلام، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري رٿابندي ۽ ترقيات نظر حسين مهر، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري سهيل اڪبر شاهه پڻ شرڪت ڪئي. |
||
|
||