|
ڪنڌڪوٽ ڀرسان هٿياربندن هٿان ڳوٺاڻو قتل، وارثن جو انڊس هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) ڪنڌڪوٽ لڳ ڳوٺ دڙي سندراڻي ۾ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري 40 سالا عبدالرحمان لولائي کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد جوابدار واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويا. اطلاع تي مقتول جا وارث ۽ پوليس پهچي لاش کڻائي غوثپور اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن لاش کڻائي انڊس هاءِ وي تي رکي روڊ بلاڪ ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو. مقتول جي وارثن اربيلو، باري خان ۽ علي مدد لولائي چيو ته اسان جي همراهه کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. ڌرڻو ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهيو، جنهن بعد ايس پي او ڪنڌڪوٽ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪندي ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي. |