|
سڀاڻي قلندر شهباز رحه جو عرس شروع ٿيندو، تياريون مڪمل سيوهڻ(رپورٽ: اعجاز سولنگي) ايشيا کنڊ جي عظيم صوفي بزرگ ۽ اولياءَ حضرت قلندر لعل شهباز جو ساليانو 756 هون عرس مبارڪ 21 آگسٽ خميس کان سيوهڻ شريف ۾ شروع ٿيندو. ميلي جون تياريون عروج تي پهچي ويون آهن ۽ سڄي ملڪ مان پانڌيئڙن جا هزارين قافلا بسن، ڪوچن ۽ ٻين ننڍين وڏين گاڏين ذريعي هتي پهچي رهيا آهن. ضلعا ميلا ڪاميٽي جي فيصلي موجب شهر جي ٻنهي پاسن جي داخلا وارين جاين ڊگري ڪاليج ۽ جهاز چوڪ روڊن وٽ وڏيون رڪاوٽون بيهاري شهر ۾ وڏين توڙي ننڍين گاڏين ۽ چنگچي رڪشائن جي داخلا تي بندش وڌي ويئي آهي ۽ اتي پوليس بيهاري نگراني سخت ڪئي ويئي آهي ۽ پوليس جي مدد سان وي آءِ پي روڊ جي فٽ پاتن تان حد دخليون هٽائي انهن کي صاف ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف قلندر جي ميلي دؤران شهر جي صفائي برقرار رکڻ لاءِ ڪوٽڙي، دادو، ڪي اين شاهه، ميهڙ ۽ جوهي مان پڻ وڏي انگ ۾ صفائي جو عملو سيوهڻ گهرايو ويو آهي ۽ شهر جي فٽ پاٿن کي پڻ رنگ روغن ڪيو ويو آهي. قلندر جي ميلي ۾ باقي ٻه ڏينهن بچيا آهن پر بجلي جي مرمت ۽ اکٻوٽ جو سلسلو جاري آهي،جنهن ڪري شهر اندر پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. هوڏانهن تعلقه ناظم سيوهڻ سردار سڪندر علي راهپوٽو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جي طرفان واٽر سپلاءِ جا ٽيئي تلاءُ پاڻي سان ڀريا ويا آهن ۽ پاڻي جي ڪا به کوٽ ناهي پر جيڪڏهن کوٽ پيدا ٿي ته ان جو ذميوار حيسڪو انتظاميه هوندي. راڳ جي راڻي عابده پروين 6 سالن کانپوءِ قلندر جي ميلي جي آخري ڌمال تي شهباز آڊيٽوريم ۾ ٿيندڙ موسيقي جي محفل ۾ پننجي فن جو مظاهرو ڪندي. ميلي جي پهرين ڌمال تي ادبي ڪانفرنس،ٻي ڌمال تي سگهڙن جي ڪچهري ۽ ميلي جي ٽئين ڏينهن شاندار ملاکڙو منعقد ڪيو ويندو.ن |
||
|
||