صالح پٽ ۾ گاهه ڪرڻ تان تشدد ڪيل عورت جو حمل ضايع ٿي ويو


صالح پٽ(ن ع) صالح پٽ چوڌري شفيق ملڪ جي ڪمدار گل مگسي هٿان گاهه ڪرڻ تي زخمي ٿيل عورت مسمات بخش زال گوهر مگسي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال سکر ۾ داخل آهي، جتي مذڪوره عورت جو ٻار ضايع ٿي ويو، متاثر ناري جي مڙس جو زميندار ۽ ڪمدار خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي گهر ڪندي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ، جڏهن ته پوليس ڪو به جوابدار گرفتار نه ڪيو.