|
سجاول پوليس پاران ٻن پورهيتن کي مارڻ واري واقعي جي جاچ شروع، اهلڪارن جا بيان قلمبند سجاول (ن-ع) سجاول پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ پورهيتن کي ڦورو ڄاڻائي مارڻ واري واقعي بابت ڊي آءِ جي ثناءُ الله عباسي جي حڪم تي مقرر ڪيل انڪوائري آفيسر ملڪ ظفر اقبال سجاول ٿاڻي تي پهچي ايس ايڇ او فاروق نظاماڻي ۽ ٻين پوليس اهلڪارن محمد، لياقت، عباس ۽ نثار جا بيان قلمبند ڪيا. انڪوائري آفيسر کي بيان ڏيندي چيو ته ڦر جي اطلاع تي پهتاسين ته ڦورن سڌي فائرنگ ڪري ٻه سپاهي زخمي ڪيا ۽ جوابي فائرنگ ۾ 2 ڦورو مارجي ويا، بعد ۾ انڪوائري آفيسر مقابلي واري هنڌ جو پڻ معائنو ڪيو، جڏهن ته اڄ مارجي ويل نوجوانن جي وارثن کان بيان ورتا ويندا.01 |
||
|
||