|
سکر ضلعي ۾ تعليمي عمل سخت متاثر، اڪثر اسڪولن ۾ ڪيمپون قائم سکر: سکر ضلعي ۾ ٽوٽل اسڪولن جو تعداد 2618 آهن جن ۾ پرائمري اسڪول 1128 آهن ان ۾ بوائز پرائمري اسڪول 941، گرلس پرائمري اسڪول 184 آهن جڏهن ته مڊل اسڪولن جو تعداد 113 آهي بوائز مڊل اسڪول 77 گرلس مڊل اسڪول 36 هاءِ اسڪولن جو انگ 65 آهي بوائز هاءِ اسڪول 49 گرلس هاءِ اسڪول 16 هائير سيڪنڊري اسڪول 9 آهن. انهن ۾ 5 بوائز، 4 گرلز جا آهن مجموعي طور تي بوائز جا 1080 اسڪول، گرلز اسڪول 257 شامل آهن. جڏهن ته سکر سٽي تعلقي جي 39 اسڪولن ۾ 12 هزار 145 ٻوڏ ستايل ترسيل آهن. سکر نيو تعلقي جي 66 اسڪولن ۾ 12 هزار 848 ٻوڏ متاثرين ويٺل آهن روهڙي تعلقي جي 130 اسڪولن ۾ 3 هزار 589 ٻوڏ متاثرين آيل آهن. صالح پٽ جي 6 اسڪولن ۾ 177 ٻوڏ متاثرين پنوعاقل تعلقي جي 60 اسڪولن ۾ 6 هزار 688 ٻوڏ متاثرين ويٺل آهن. جڏهن ته ضلعي کاتي پاران اعلان ڪيو ويو هو ته ٻوڏ متاثرين جي روانگي شروع ٿي وئي آهي جيڪي اسڪول خالي ٿيندا انهن ۾ ڪلاس هلندا. پر ٽن ڏينهن دوران سکر جو شاهه خالد ڪالوني جو پرائمري اسڪول، پنوعاقل جا ٻه گرلس ۽ بوائز پرائمري اسڪول خالي ٿيا آهن جتي اڃا تائين 10 سيڪڙو شاگرد مس اچن ٿا. جڏهن ته ضلعي جا سمورا اسڪول اڃا تائين ڪئمپن ۾ منتقل هجڻ سبب پڙهائي جو عمل شروع ناهي ٿي سگهيو. |