|
ڏهرڪي لڳ 4 سالن جي نينگري کي ڀاءُ پرڻائي ڇڏيو، پوليس جو ڇاپو، گهوٽ سميت 10 ڄڻا گرفتار ڏهرڪي (ن-ع) ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ نرلي ۾ 7 سالن جي يتيم نينگري جنت شر ڌيءَ غلام فريد شر کي ڀاءُ وزير احمد شر 25 ساله نوجوان ڌڻي بخش شر سان پرڻائي ڇڏيو، ڳوٺاڻن جي اهڙي اطلاع تي ڏهرڪي ۽ ريتي پوليس جي اٽالن رخصتي دوران ڳوٺ نرلي پهچي غلام فريد شر جي گهر تي ڇاپو هڻي ڪنوار 7 ساله نينگري جنت کي هٿ ڪري گهوٽ ڌڻي بخش شر ۽ ناري جي ڀاءُ وزير شر سميت 10 کان مٿي ڄاڃين کي گرفتار ڪري پاڻ سان وٺي وئي، ان ڏس ۾ رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او اڪبر علي چنه ڏهرڪي ۾ پريس ڪانفرس ڪندي ٻڌايو ته اسان کي اطلاع ملي ته ڳوٺ نرلي ۾ معصوم يتيم نينگري کي پئسن عيوض پرڻايو پيو وڃي، هن چيو ته اسان جيئن ڳوٺ ۾ پهتاسون ته هڪ ڄڃ وڃي رهي هئي، جهڙتي بعد اسان هڪ نينگري جنهن جي عمر اٽڪل 7 سال ٿيندي کي ڪنوار جي لباس ۾ هٿ ڪري ورتو سون هن چيو ته پڇا ڳاڇا دوران گهوٽ ڌڻي بخش ٻڌايو ته کيس 2 سال اڳ جنت جو سڱ سندس فوتي پيءُ غلام فريد هڪ لک روپين عيوض ڏنو هو، جنهن پنهنجي حياتي ۾ سندس نڪاح به ڪرايو هو، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن کان جنت جو ڀاءُ وزير مونکي تنگ ڪري رهيو هو ته مون کي طئي ٿيل رقم هڪ لک روپيا ڏيئي جنت کي پرڻائي وٺي وڃي اهڙي سودي تحت اڄ هي شادي ٿي رهي هئي، هن چيو ته نينگري سان وڏو ظلم ٿيو آهي، انهي شادي ملوث ماڻهن ۽ نڪاح پڙهائيندڙ خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته اسان نينگري ۽ گرفتار نوجوان کي سيشن ڪورٽ گهوٽڪي ۾ پيش ڪنداسون، ڪورٽ جي هدايت تي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، ان موقعي تي گرفتار گهوٽ ڌڻي بخش شر صحافين کي ٻڌايو ته 2 اڍائي اڳ جنت جي پيءُ غلام فريد شر مون کي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ هڪ لک روپين عيوض ڏنو، مولوي محمود چاچڙ اسان جو نڪاح به پڙهائي ڇڏيو، هن چيو ته شادي ڪري ڪو گناهه نه ڪيو آهي، هوڏانهن ٿاڻي تي موجود نينگري جنت سخت خوف ۾ مبتلا هئي جنهن ٻڌايو ته هن جو نڪاح ته کيس ياد نه آهي، هن چيو ته کيس ڀاءُ وڪرو ڪري ڪنهن شخص حوالي ڪري رهيو هو ته پوليس اسان کي هت وٺي آئي آهي.ج |