ڪيمپن تي پهتل اڪثر متاثرين وڏيرن، سردارن ۽ چونڊيل نمائندن کان بيزار


سکر: ڪئمپن تي پهتل وڏيرن، سردارن ۽ چونڊيل نمائندن کان بيزار سکر جي ڪئمپن تي آيل اڪثريت، غوثپور، ٺل، ڪرمپور، ڳڙهي خيرو، سلطان ڪوٽ، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، ٽوڙي وارن علائقن سان آهي. لعل بخش شيخ، علي اڪبر شيخ، علي حسن ٻپڙ ۽ ٻين عبرت سان ڳالهائيندي چيو ته سردارن پنهنجا گهر ڳوٺ، باغ، فارم هائوس بچائڻ لاءِ اسان غريبن جا هٿ سان ڳوٺ گهر ٻوڙڻ کان پوءِ هنن مهل تائين ڪئمپن تي لڙي به ناهن آيا،  ايندڙ اليڪشن ۾ وڏيرن، سردارن کي ووٽ نه ڏينداسين.