پي آءِ اي 45 ارب روپين جي خساري ۾ آهي:ايم ڊي


حيدرآباد:پي آءِ اي جي ايم ڊي ڪئپٽن اعجاز هارون انڪشاف ڪيو آهي ته پي آءِ اي 45 ارب روپين جي خساري ۾ آهي ان باوجود حيدرآباد ايئرپورٽ شروع ڪيو  ويو آهي. هن چيو ته حيدرآباد ايئرپورٽ تان هوائي سروس شروع ڪرائڻ جو شهيد سنڌ راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو خواب هو ۽ هن ان مقصد لاءِ فنڊ پڻ مهيا ڪيو هو. هن چيو ته هتان هفتي ۾ 2 فلائيٽون اڱارو ۽ جمعي تي هلنديون. هن وڌيڪ چيو ته هن ايئرپورٽ تان جلد ئي ڪارگو سروس پڻ شروع ڪئي ويندي. هن حڪومت کان مطلابو ڪيو ته جهڙي طرح اسٽيل مل ۽ ٻين ادارن کي فنڊ مهيا ڪري خساري مان ڪڍيو ويو اهڙي طرح پي آءِ اي کي به فنڊز مهيا ڪيا وڃن.ن

  ڏيهي - پرڏيهيعلائقائيتصويرون - ايڊيٽوريل - مضمون - ڪارٽون - ايڊيشن - اشتهار

Copyright © 2006 The Ibrat Group of Publications.
All Rights Reserved
.
Ibrat Building Gadi Khata Hyderabad, Pakistan .
 Ph: 92-022-2728571-2, 2728703-4, Fax. 92-022-2784300  
Email: ibrat@hyd.wol.net.pk