|
مهاٻوڏ ٽوڙي کان ڪرمپور تائين 2 هزار ڳوٺ واري جي دڙن ۾ بدلائي ڇڏيا، دڙي شهر کنڊر بڻجي ويو،ٺل، غوثپور ۽ ڪرمپور سخت متاثر غوثپور : مهاٻوڏ جي منهن ۾ آيل پهريان شهر کنڊر بڻجي ويا. دڙي شهر کنڊرات ۾ تبديل غوثپور اڌ شهر بازار مڪمل تباهه، ڪرمپور ۽ ٺل جا شهر بچيل انهن جي ٻاهران آباد زمينون ۽ ڳوٺ ختم، تنگواڻي شهر اڃا تائين سم ۽ برسات پاڻي جي گهيري ۾ آيل ٽوڙي کان ڪرمپور تائين جي بيلٽ ۾ 2 هزار ڳوٺ واريءَ جي دڙن ۾ تبديل ٿي ويا، ايريگيشن ۽ روينيو کاتن بندن ٻڌڻ توڙي تباهه ٿيل فصلن زمين جي سروي جو ڪم شروع نه ڪيو. تفصيلي رپورٽ موجب سنڌو درياهه ۾ آگسٽ ۾ آيل مها ٻوڏ کي هڪ مهينو گذري ويو جڏهن ته تباهه ٿيل علائقا اڃا تائين کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيا آهن بي ايس فيڊر ۽ غوثپور لوپ بند جي ٽٽڻ کانپوءِ پهريون ٻوڏ جو شڪار ٿيل دڙي شهر اڃا تائين موهن جو دڙو بڻيل آهي. شهر ڏانهن ويندڙ روڊ رستا ختم ٿي ويا، اسڪول، بيسڪ هيلٿ يونٽ مختلف آفيسون، مسجدون، 2 هزار کان مٿي ڪچا پڪا گهر مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويا آهن جڏهن ته گهرن ۾ پيل سامان ان جون لوهي گنديون کٽون مڻين مٽي هيٺان دٻجي ختم ٿي ويون، شهر مان وڻ پٽجي لڙهي وڃي زمين تي ڪريل نظر آيا. جڏهن ته گهرن ۽ شهر جي ٻاهران واري جا دڙا نظر آيا. سوين خاندان دڙي شهر جي چوڌاري اڃا تائين خيما بستين ۾ ترسيل آهن. جڏهن ته غوثپور شهر جي انڊس هاءِ وي کان شروع ٿيندڙ مين بازار جا سمورا دڪان ۽ اڌ شهر جا 200 کان مٿي ڪچا پڪا گهر ٻوڏ جي پاڻي سبب ختم ٿي ويا آهن. ٻئي طرف ڪرمپور شهر ۽ ٺل شهر ۾ اندر ٻوڏ جو پاڻي ناهي پهتو پر شهر جي چوڌاري سارين جا فصل، ننڍا وڏا ڳوٺ، روڊ، بجليءَ جون لائينون ختم ٿي ويون آهن. تنگواڻي ڪرمپور، ٺل شهر ڏيڍ مهيني تائين بند رهڻ بعد مڪمل طور تي کلي ويا آهن. تنگواڻي شهر ٻوڏ جي پاڻي کان ته محفوظ رهيو پر شهر جي چوڌاري سوين ڪلوميٽرن ۾ برسات ۽ سم جو پاڻي سمنڊ جي صورت ۾ جمع ٿي ويو آهي. عبرت جي ٽيم پاران ڪيل سروي دوران ٽوڙي بند کان ڪرمپور تائين انڊس هاءِ وي جي ٻنهي پاسن کان هڪ اندازي موجب 2 هزار جي لڳ ڀڳ ننڍا وڏا ڳوٺ واريءَ جي دڙن ۾ تبديل ٿي ويا آهن. ايريگيشن کاتي طرفان بيلٽ ۾ ختم ٿيل شاخون، واٽر ڪورس، ۽ بيگاري کي ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ سروي جو ڪم شروع ناهي ڪرايو. ساڳي ريت روينيو کاتي به باقائده تباهه ٿيل فصلن، ختم ٿي ويل زمينن جي دنگن ۽ ٿيل نقصان جو اڃا تائين سروي جو ڪم شروع ناهي ڪرايو. ڪئمپن مان واپس ڳوٺن ۾ پهتل ٻوڏ متاثرين اڃا تائين کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن. |