|
|||
|
وائڙن بيانن کان پاسو ڪيو وڃي اڱاري ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ مذهبي اقليتن سان تعلق رکندڙ ميمبرن احتجاج ڪيو آهي ۽ علامتي واڪ پڻ ڪيو آهي. اهو واڪ آئوٽ انهن لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس خواجا شريف جي لاهور بم ڌماڪن جي حوالي سان ڏنل بيان تي ڪيو آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته لاهور بم ڌماڪن ۾ هندو برادري ملوث آهي. جڏهن ته اجلاس ۾ اقليتي برادريءَ جي احتجاج جو ساٿ پ پ پ، اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن پڻ ڏنو آهي، جن جو چوڻ هو ته اهڙي بيان تي ملڪ جي هندو برادريءَ ۾ سخت مايوسي پکڙي آهي، ڇاڪاڻ ته اهي به ايترا محب وطن پاڪستاني آهن، جيترا مسلمان شهري. دنيا ۾ شايد ئي اهڙو ڪو ملڪ هجي، جتي اقليتن جو مسئلو نه هجي، خاص طرح ٻوليائي ۽ مذهبي اقليتن جو. انهيءَ ريت دنيا ۾ جڏهن اسين ڪنهن قوم جو نالو وٺون ٿا، ته ان جو مطلب اهوئي هوندو آهي، ته ڪنهن جاگرافيائي حدن ۾ رهندڙ منظم ماڻهن جو ميڙ، جنهن جا پنهنجا جيئڻ جا ۽ هڪٻئي کي سهڻ جا ۽ پڻ هڪ ٻئي لاءِ گنجائش ڪڍڻ جا ڪي بنيادي اصول ۽ ضابطا هجن، جن هيٺ اهي پنهنجي سماجي زندگي گذاريندا هجن، يعني وٽن گڏيل ثقافت، ٻولي، تاريخ ۽ ٻيا سماجي ۽ معاشي نظام موجود هوندا آهن. دنيا جي ڪنهن به قوم، سماج يا ملڪ ۾ اقليتن جو هجڻ اڻٽر ڏٺو ويو آهي– انهيءَ لاءِ اقليتن جي تحفظ ۽ ترقيءَ لاءِ خاص قسم جا ۽ اڪثريتي آباديءَ جي برابر، انتظام ڪيا ويندا آهن. پاڪستان به هڪ گهڻ ٻوليائي، گهڻ ثقافتي ۽ گهڻ صوبائي ملڪ آهي، جتي اقليتن جو مسئلو شروع کان وٺي موجود رهيو آهي. پر ان هوندي به هيءَ ڳالهه وڏي ڏک ۽ افسوس سان چوڻي پوندي ته اقليتن سان سدائين ٻي درجي جي شهريءَ وارو ورتاءُ رکيو پئي ويو آهي، ۽ انهن کي شڪ جي نظر سان ڏٺو پئي ويو آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ ئي پنجاب ۾ اقليتي مسيحي برادريءَ سان جيڪي ڪلور ٿيا آهن، اهي زخم اڃا تازا ئي آهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس خواجا شريف جو هيءُ بيان سامهون آيو آهي، جنهن تي بروقت احتجاج ڪيو ويو آهي ۽ انهيءَ معاملي کي اتي ئي رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن انهيءَ مسئلي کي گهڻي هوا ڏني وڃي ته ملڪ ۾ مذهبي بنيادن تي وڏا گوڙ ۽ وڳوڙ پيدا ٿي سگهن ٿا ۽ هر ڀيري وانگي، نقصان وري به مذهبي اقليتن کي ئي کڻڻو پوي ها. ان قسم جا غير ذميوار بيان هڪ ذميوار عهدي تي ويٺل ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪونه ٿا سونهن، ۽ ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس حيثيت ۾ جسٽس خواجا شريف پاران ائين سرعام ميڊيا تي اچي بيان ڏيڻ به ڪا چڱي ڳالهه نه آهي. ملڪ ۾ موجود ججن جي ڪمن جو هڪ خاص دائره اختيار ۽ سندن چرپر جي حدن جو به تعين ٿيل آهي، جن کان ٻاهر وڃڻ ڪنهن به ذميوار جج کي نه جڳائي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا چوٽ چڙهيل آهن، خاص طرح دهشتگردن خلاف وسيع ترين فوجي آپريشن کان پوءِ اهي دهشتگرد ٽڙي پکڙي ويا آهن ۽ انهن مختلف علائقن جو رُخ ڪيو آهي. اهي هاڻي اڳي وانگي ڪن خاص جاين کي ٺڪاڻو بڻائي نه ٿا رهن. انهيءَ ڪري اهي عام ماڻهن ۾ رلي ملي پنهنجيون دهشتگرداڻيون ڪارروايون ڪري رهيا آهن ۽ ايئن اهي پاڻ کي وڌيڪ محفوظ به سمجهي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته عوام ۾ ملي رهڻ سان کين پڪڙجڻ ۽ جهلجڻ جو گهٽ انديشو آهي. ماڻهو ته ماڻهو جهڙا ئي آهن، انهيءَ ڪري انهن مان دهشتگردن کي سڃاڻڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو. پنجاب ۾ دهشتگرديءَ وارن واقعن جي سيريز اها گواهي ڏئي ٿي ته دهشتگرد پنجاب جي مختلف علائقن ۾ لهي آيا آهن ۽ خاص طرح لاهور ۽ ان جي آسپاس موجود آهن. هاڻي اها سرڪار ۽ سندس ٻين ذميوار ۽ بااختيار انتظامي يونٽن جي ذميواري آهي ته اهي اهڙن دهشتگردن کي مختلف اپائن ۽ بندوبستن وسيلي نه رڳو روڪڻ جي ڪوشش ڪن، پر کين پڪڙڻ لاءِ مناسب اڳڀرائيءَ جو مظاهرو ڪن. حالتون ڪيتريون به ڳنڀير ڇو نه هجن، پر مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ وري به ٿڌي دماغ رکڻ جي گهرج هوندي آهي، جيڪا شيءِ ڏسڻ ۾ نه پئي اچي. پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف اڳيئي هڪ وائڙو بيان ڏيئي چڪو آهي، جنهن جي ملڪي ميڊيا مذمت ڪري رهي آهي، ته مٿان وري جسٽس خواجا شريف جو بيان آيو آهي. اهڙي بيان مان ڇا هڙ حاصل ٿي سگهي ٿو، سواءِ ان جي، ته ملڪ جي مذهبي اقليتن کي هراسان ڪيو وڃي ۽ کين ڊيڄاري ڀت سان لڳايو وڃي. اهي مذهبي اقليتون جيڪي اڳيئي سماجي سطح تي پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي دٻائن مان گذرنديون رهن ٿيون ۽ پاڻ کي غير محفوظ سمجهنديون رهن ٿيون، پر ههڙو ڀڙڪائيندڙ بيان کين ويتر غير محفوظ بنائڻ لاءِ ڪافي آهي. اسان جو خيال آهي ته اهڙن بيانن کان پاسو ڪيو وڃي ۽ ملڪ ۾ انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ جي ٽوڙ لاءِ اهڙا اپاءَ ورتا وڃن، جيڪي لاڳاپيل مسئلي جي خاتمي لاءِ لاڀائتا ثابت ٿين. جنهن قسم جو بيان جسٽس خواجا شريف ڏنو آهي، اهڙن بيانن مان عوامي سطح تي وڌيڪ غير يقيني صورتحال ئي پيدا ٿيندي. |
|||