ايڊيٽوريل

پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ برسات جي تباهي: حڪومت

 کي اڳواٽ اپاءُ کڻڻ واري روايت ڌارڻ گهرجي ها


خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب ۽ آزاد ڪشمير جي تقريبن علائقن ۾ برسات جي تباهيءَ جتي ناقابل تلافي جاني ۽ مالي نقصان ڪيو آهي اتي اسان جي سرڪاري مڪينزم جي نااهليءَ جو به رڪارڊ جوڙي ورتو آهي. برسات رحمت آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ برساتن جو پوڻ اسان جي ايڪو سسٽم ۽ حيات لاءِ ضروري آهي. اسان ماحولياتي اعتبار کان هڪ ڏي تباهيءَ کي اکئين ڏسي رهيا آهيون. جيڪڏهن بارشون نه پيون، خشڪساليءَ جو انجام نه ٿيو، ٻيلا وڍڻ نه ڇڏياسين ۽ وڻ دشمني نه ڇڏي ته پوءِ اڳتي هلي ان جو نتيجو انتهائي خطرناڪ نڪرندو.

پاڪستان ۾ صوبن اندر جيڪڏهن ڪنهن مامري تي خطرناڪ تڪرار ۽ اختلاف آهن ته اهو پاڻي آهي. درياهه تيزيءَ سان سڪڙندا ۽ ختم ٿيندا ٿا وڃن. درياهه اسان جي جيئڻ جو مک ذريعو آهن. مون سون کان اڳ پنجاب ۽ سنڌ ۾ پاڻي مامري تان تڪرار ٻنهي صوبائي حڪومتن کي هڪٻئي جي سامهون بيهاري ڇڏيو، جنهن ڪري وزيراعظم کي فورن ان مامري ۾ مداخلت ڪرڻي پئي. پر جڏهن قدرت مهربان ٿي ۽ سارنگ سار لڌي ته درياهه موجن ۾ اچي ويا آهن، شاخون ڀرجي اٿلي پيون آهن. جَر ۾ ذخيرو  (reservoir) پڻ اسان کي ايندڙ ٻن ٽن موسمن تائين پاڻي ڏيندو رهندو. مٺي پاڻين جي رسائي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم تائين ٿي ويندي. ان حساب ۾ هن ڀيري سانوڻ قدرتي مهربانيءَ سان اسان تي لٿو آهي ۽ آبپاشي کاتي پاران سنڌ ۾ وڏي ٻوڏ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته، ”ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا“. اها لوڪ ڏاهپ صدين جو پسمنظر رکي ٿي. ان ڪري ٻوڏ سنڌ ۾ ڪچي واري زندگيءَ کي ٻيهر جياري ڇڏيندي آهي ۽ ان سان ماڻهو ٻه ٽي سال آرام سان ڪڍي ويندا آهن.

جيڪي به تباهي ۽ نقصان ٿئي ٿو ان جي ذميواري اسان جي سرڪاري ادارن تي پڻ آهي. ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪرڻ، کين بروقت اطلاع ڏيڻ، شاخون اٿلڻ کان بچڻ توڻي انهن جي کوٽائي، ان جي مد ۾ آبپاشي کاتي وٽ وڏي رقم هجي ٿي پر اهي پئسا صرف ڪاغذن ۾ خرچ ڪري ڏيکاريا وڃن ٿا پر عملي طور ٿئي ڪجهه نه ٿو. جيڪڏهن ان سڄي سرشتي کي بهتر ڪيو وڃي ته ايترو نقصان نه ٿئي جيترو اسان ڏسي رهيا آهيون.

پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير ۾ برسات سبب تقريبن 250 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جيڪو وڏو انساني سانحو آهي. لکين ماڻهو بي گهر ۽ دربدر آهن. مختلف علائقن کي جوڙيندڙ پلون ڊهي پيون آهن، جنهن ڪري ڪيترن علائقن جو رابطو ٽٽي ويو آهي ۽ انهن علائقن تائين رسد مشڪل ٿي وئي آهي. پختونخواهه ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو آهي. 80 سيڪڙو شهرن جو رابطو باقي متاثر علائقن سان ڪٽجي ويو آهي. پختونخواهه جي ڪوهستاني علائقن ۾ هائيڊرو پاور منصوبي تي ڪم ڪندڙ پرڏيهي ملازمن ۽ خاص طور چيني انجنيئرن جي گم ٿيڻ جا پڻ اطلاع آهن ۽ پختونخواهه جي وڏي وزير پاران چيني ملازمن جي مدد ۽ کاڌ خوراڪ پهچائڻ لاءِ هيليڪاپٽر جو پڻ بندوبست ڪيو ويو آهي.

ميڊيا ۾ متاثر علائقن مان جيڪي ڪجهه رپورٽ ٿي رهيو آهي، ان موجب اڪثر متاثرين پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻ بچائڻ ۽ محفوظ هنڌن تائين منتقل ٿيڻ ۾ مصروف نظر اچن ٿا. جيڪي علائقا وڌيڪ متاثر ٿيا آهن انهن ۾ سرڪار پاران جيتري شدت سان رليف اپاءُ وٺڻ جي ضرورت هئي اهو نظر نه پيو اچي. برسات يا ٻوڏ جي وهڪرن کي روڪڻ کڻي اسان سرڪاري ادارن ۽ حڪمرانن جي وس ۾ نه آهي پر نقصان کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ ته انهن جي هٿ وس ۾ آهي. بدقسمتيءَ سان اسان ’مينهن پوندي ڪم اچڻ‘ وارو جيڪو روايتي حفاظتي سسٽم صدين کان جوڙي رکيو هو ان کي به وساري ڇڏيو آهي. اڳ روڊن رستن، گهرن جي اڏاوت ۽ پاڻي نيڪاس اهڙي طرح جوڙيو ويندو هو جيئن بارشن ۽ طوفانن کي مُنهن ڏئي سگهجي. پر جيئن ڏينهون ڏينهن بارشن جي شدت ۾ گهٽتائي ايندي وئي، ٻوڏون به خيالن خوابن ۾ رهجي ويون ان ڪري ڳوٺ مٿي ٺاهڻ، بند ٻڌڻ، شاخن/ واهن/ ڪئنالن جي صفائي ۽ ڪپرن کي مضبوط ڪرڻ ۽ کوٽائي ڪرڻ واريون عادتون ۽ روايتون به آهستي آهستي ختم ڪري ڇڏيون. نتيجي طور هاڻي جڏهن اهڙي مهل اچي ٿي ته ڪجهه ملي ميٽرن جي بارش اسان جي سڄي انفراسٽڪچر جي پت وائکي ڪري ڇڏي ٿي.

هن وقت موسميات کاتي پاران برساتن ۽ ٻوڏن متعلق اڳواٽ اطلاع ڏيڻ ۽ ٽي وي چئنلن ذريعي گهڙي گهڙي اهي اطلاع عوام ۽ سرڪاري مشينريءَ تائين پهچي وڃن ٿا، ان باوجود به جي اڳواٽ حفاظتي اپاءُ نه ٿا ورتا وڃن ته ان کي سرڪاري نااهلي چئجي يا ٻيو ڪجهه؟

سنڌ ۾ وڌيڪ بارشن پوڻ ۽ 4 آگسٽ تائين وڏي ٻوڏ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ان اڳواٽ اطلاع کان پوءِ سنڌ سرڪار کي اڳواٽ حفاظتي اپاءُ وٺڻ لاءِ جوڳا بندوبست هاڻي کان ئي ڪرڻ گهرجن.