|
|||
|
ذهني بيمار روَين جو شڪار ظلِ هما عثمان! خبرن پٽاندر گجرانوالا ۾ پنجاب جي سوشل ويلفيئر واري وزير ظلِ هما عثمان کي گولي هنئي ويئي، هوءَ شديد زخمي ٿي پئي، کيس اسپتال آندو ويو، پر هوءَ موت هٿان زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺي. هن کي ان وقت گولي هنئي ويئي، جڏهن هوءَ هڪ کلي ڪچهريءَ کي خطاب ڪرڻ پئي ويئي. سندس قتل جي الزام ۾ مولوي محمد سرور نالي ماڻهو کي پستول سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته کيس چار سال اڳ فن ۽ ماڊلنگ جي شعبي سان تعلق رکندڙ درجن کن عورتن کي زخمي ڪرڻ يا مارڻ جي الزام ۾ جيل ۾ وڌو ويو هو، پر ڪو به ثبوت موجود نه هئڻ ڪري کيس آزاد ڪيو ويو. جڏهن مولوي سرور کان اهو پڇيو ويو، ته تو کيس ڇو گولي هنئي، ته ان جي جواب ۾ هن چيو، ته هوءَ اسلامي ڪپڙا نه پائيندي هئي. ظلِ هما کي وزارت ٽي مهينا اڳ ملي هئي، ان کان اڳ هوءَ پلاننگ ۽ ترقيءَ جي پارلياماني سيڪريٽري هئي. ان انتهائي مذمت جوڳي ۽ الميي جهڙي واقعي پوري ملڪ ۾ هڪ ڏهڪاءَ ۽ افسوس گاڏڙ ماحول پيدا ڪيو آهي. اسان جي ملڪ ۾ مذهبي انتهاپسنديءَ جا مختلف خطرناڪ پهلو وقت به وقت سامهون ايندا رهيا آهن، جن ۾ ظلِ هما واقعو هڪ آهي. هن جو قصور رڳو ايترو هو ته هوءَ هڪ عورت هئي ۽ پردي کان سواءِ گهران نڪرندي هئي. اسان جي ملڪ ۾ عورتن جي تحريڪ هڪ عبوري ۽ اهم ترين دور مان گذري رهي آهي، سماجي ۽ قانون جون ڪيتريون ئي پيچيدگيون ۽ پابنديون ان جي سامهون آهن، جن سان اِها ويڙهه ڪري رهي آهي، پر سڀ کان اهم ترين ويڙهه جيڪا اڄ جي پاڪستاني عورت کي سامهون آهي، اها انتهاپسنديءَ جي حوالي کان آهي. اسان جي ملڪ جي ڪل آباديءَ جي چڱي چوکي شرح مذهبي انتهاپسندي ڏانهن لاڙو رکي ٿي، جيڪا جديد تقاضائن ۽ گهرجن لاءِ ڪنهن به قسم جي گنجائش ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي. خاص طور تي عورتن جي تعليم، ان جي پردي ۽ سماج جي سرگرمين ۾ شرڪت جي معاملي تي سخت ردعمل ڏسڻ لاءِ ملي ٿو. ظلِ هما پڻ انهن ئي انتهاپسند روين جي ور چڙهيل هڪ عورت جو اهڙو مثال آهي، جنهن کي ڪيترن ئي سالن تائين وساري نه سگهبو. هونءَ ته سرڪار پنهنجي طور تي عورتن جي سماجي انصاف، سندس حقن ۽ آزاديءَ جي لاءِ پنهنجي طور تي ڪيتريون بظاهر ڪوششون وٺي رهي آهي ۽ مختلف حوالن سان قانونسازيءَ جي عمل ۾ پڻ رڌل آهي، پر ظلِ هما جي افسوسناڪ واقعي کان پوءِ اهو تاثر اڀريو آهي ته عورت جي آزادي ۽ سماج ۾ سندن فعاليت جي سلسلي ۾ رڳو قانونسازي ڪرڻ ئي ڪافي ناهي، پر ان سلسلي ۾ پوري سماج جي سوچ تبديل ڪرڻ جي به گهرج آهي، جنهن لاءِ حڪومت کي الڳ انتظام ڪرڻا پوندا. جيستائين ان مرداڻي ۽ ان سان گڏ انتهاپسند سماج جي ذهن ۾ ڪا به تبديلي نه ٿي اچي، ان وقت تائين قانونسازي ۽ ان تي عملدرآمد وڏي حد تائين ڏکيو معاملو آهي. هيءُ واقعو اهو به ٻڌائي ٿو ته اسين پاڪستان جي معاشري کي نون دڳن ۽ جديد لاڙن ۽ رجحانن ڏانهن ان وقت تائين نٿا وٺي وڃي سگهون جيستائين ملڪ ۾ ڪٽرپڻي ۽ انتهاپسنديءَ مان پلوَ آجا نٿا ڪرايون. پاڪستان ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان وٺي دهشتگرداڻيون ڪارروايون ٿي رهيون آهن، جن تي قابو پائڻ ۾ سرڪار ڪنهن حد تائين بيوس نظر آئي آهي. ان منظم قسم جي دهشتگرديءَ جي لهر جي بنياد ڳولڻ جي ڪوشش ڪبي، ته اتي به اسان کي انتهاپسندي ڪارفرما ملندي. ڪنهن حد تائين اسين چئي سگهون ٿا ته اڄوڪي دهشتگرديءَ جي بدترين شڪل دراصل انتهاپسنديءَ جي سڌريل شڪل آهي، ان ڪري اهو ضروري ٿي پيو آهي ته سرڪار انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ لاءِ مختلف سطحن تي ڪم ڪري. چوڻ جو مقصد هيءُ آهي ته منظم دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ سان گڏ انفرادي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي پڻ آهي، جنهن کي قابو ڪرڻ جي گهرج آهي. انفرادي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي گروهي نوعيت جي دهشتگرديءَ ۽ انتهاپسنديءَ کان مختلف به آهي، ته ان کان وڌيڪ خطرناڪ به آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن ماڻهوءَ جو چهرو ڏسي اهو اندازو نٿو لڳائي سگهجي ته ان جي اندر ۾ ڪو ڪٽر مذهبي ماڻهو لڪل آهي ۽ اهو ڄاڻڻ پڻ ڏکيو آهي ته اهو ڪهڙي عمل تي پنهنجي انتهاپسند ردعمل جو اظهار ڪندو. ان لاءِ ضروري ٿي پيو آهي ته انتهاپسنديءَ جي انساني ذهنن مان خاتمي لاءِ ماڻهن جي تربيت جو همه گير بندوبست ڪيو وڃي. ظلم هما جو واقعو انساني حقن جي کلي ڀڃڪڙيءَ جي دائري ۾ اچي ٿو ۽ اهو واقعو دهشت جو اهڙو مظاهرو آهي، جنهن کي ان ملڪ ۾ بلڪل برداشت نٿو ڪري سگهجي، جيڪو پنهنجي اعتدال پسند ۽ روشن خيال ملڪ هجڻ جو تصور رکندو هجي. اهڙا واقعا ٻڌائين ٿا، ته روشن خيالي ۽ اعتدال پسنديءَ جي تصور کي رڳو بيانن جي حد تائين محدود نه رکيو وڃي ۽ نه ئي ڪنهن حڪومتي منصبدار جي چوڻ سان پاڪستان رات وچ ۾ هڪ فلاحي رياست جي صورت اختيار ڪري وٺندو. ان لاءِ رياست کي فعال ۽ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. حڪمران مسلم ليگ عورت ونگ پنجاب جي سيڪريٽري جنرل ۽ سماجي ڀلائي ۽ ترقي کاتي جي صوبائي وزير ظلِ هما عثمان جي قتل تي، اسين افسوس جو اظهار ڪريون ٿا، جنهن کي هڪ وحشي انتهاپسند گولي هڻي ماريو آهي ۽ ان واقعي جي ڀرپور مذمت ڪندي سرڪار کان مطالبو ڪريون ٿا ته ان واقعي ۾ ملوث جوابدار کي قانون جي روشنيءَ ۾ سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ۽ ان سان گڏ سرڪار کي اهو به مشورو ڏيڻ چاهينداسين ته ملڪ ۾ انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ لاءِ ان کي خاص اپاءَ وٺڻ گهرجن، جيڪي مذهبي طور ڪٽرپڻي ۾ ورتل ماڻهن جي سوچ ۾ تبديليءَ جو ڪارڻ بنجن. |
|||