|
|||
|
سمجهوتا ايڪسپريس ۾ ٿيل ڌماڪو ننڍي کنڊ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ وقت جي اڻٽر ضرورت آهي نئين دهلي کان لاهور ايندڙ تاريخي سمجهوتا ايڪسپريس ۾ بم ڌماڪن کانپوءِ ۽ باهه لڳڻ واري خبر سموري عالمي توڙي علائقائي ميڊيا جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو آهي، ڇاڪاڻ جو سمجهوتا ايڪسپريس ۾ ٿيل بم ڌماڪن ۽ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ تقريبن 67 ماڻهو موت جو شڪار ٿيا آهن. جيتوڻيڪ دهشتگردي جي انهيءَ واقعي ۾ مرندڙ ماڻهن جي اڪثريت جو تعلق پاڪستاني شهرين تي مشتمل آهي پر اهڙي المئي جو شڪار اهي هندوستاني شهري به ٿيا آهن جن جو تعلق ڀارت سان آهي. اهڙي خبر جي تفصيل ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته سمجهوتا ايڪسپريس آچر ۽ سومر جي وچ واري رات جو 757 مسافر کڻي لاهور ڏانهن اچي رهي هئي ته پاڻي پت جي ديوانه ڳوٺ ۾ ريل جي ٻن بوگين کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي جڏهن ته مسافرن جو چوڻ آهي ته هنن بم ڌماڪن جا آواز به ٻڌا هئا. سمجهوتا ايڪسپريس ۾ ٿيل دهشتگردي جي انهيءَ واقعي تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگهه، پاڪستاني وزيراعظم سان فون تي رابطو ڪندي چيو آهي ته ڀارتي سرڪار انهيءَ واقعي جي جاچ ڪرائي پاڪستان کي آگاهه ڪندي. جڏهن ته پاڪستان جي اندر صدر جنرل پرويز مشرف اهڙي واقعي تي پنهنجو سخت ردعمل ڏيکاريندي چيو آهي ته دهشتگردي جي هن واقعي سان امن عمل کي تباهه نٿو ڪري سگهجي، پاڪستان ۽ ڀارت گڏجي دهشتگردن جي ارادن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. هوڏانهن ڀارتي صدر اهو چيو آهي ته دهشتگردي جو هي واقعو امن عمل کي تباهه ڪرڻ جي سازش آهي. اسان سمجهون ٿا ته سمجهوتا ايڪسپريس ۾ ٿيل دهشتگردي جي انهيءَ واقعي تي ڀارتي ۽ پاڪستاني سرڪارن جنهن ردعمل جو مظاهرو ڪيو آهي، اهو پنهنجي جوهر ۾ هڪ درست ردعمل آهي ڇاڪاڻ جو دهشتگردي جي انهيءَ واقعي ذريعي علائقائي امن ۽ خاص طور تي ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هلندڙ "امن مذاڪرات" جي مخالف قوتن پاران اها ڪوشش ڪئي وئي آهي ته پاڪ-ڀارت امن مذاڪرات جو اهو سلسلو انهيءَ حادثي جو شڪار ٿي وڃي، انهيءَ ڪري پاڪستان ۽ ڀارت جي حڪومتن تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اهي "امن مذاڪرات" کي مضبوط بنيادن تي سگهارو ڪن ته جيئن هر انهيءَ ڪوشش کي ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پوي جنهن جي پويان اها سازش آهي پاڪ-ڀارت امن مذاڪرات جو عمل ناڪاميءَ جي ور چڙهي وڃي. انهيءَ ڪري ضرورت انهيءَ ڳالهه جي به آهي ته پاڪستان توڙي ڀارتي سرڪار پنهنجي علائقائي حدن ۾ "امن جي ٽاريءَ" جي آبياري لاءِ اهڙا ٺوس قدم پڻ کڻن جنهن سان دهشتگردي جي ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي جي روڪٿام کي يقيني بنائي سگهجي ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن ٻئي ملڪ سيڪيورٽي جي حوالي کان ٺوس اپاءُ وٺندا ۽ سمجهوتا ايڪسپريس واري سانحي کانپوءِ ته ٻنهي حڪومتن کي گهرجي ته اهي نه رڳو ريلوي اسٽيشنن ۽ ريلن بلڪه انهيءَ سان گڏوگڏ بس ۽ هوائي اڏن تي به خصوصي انتظام ڪن ته جيئن اهي علائقا دهشتگردي کان محفوط رهي سگهن ڇاڪاڻ جو دهشتگردي جي انهيءَ واقعي اهو ثابت ڪيو آهي ته دهشتگرد قوتون پنهنجي وحشي پڻي جو ڪنهن به وقت ڪنهن به معصوم ماڻهن توڙي مسافرن کي نشانو بنائي سگهن ٿيون. ان تناظر ۾ ننڍي کنڊ جي موجوده ٻنهي حڪومتن کي گهرجي ته اهي نه رڳو پنهنجي شهرين کي جاني ۽ مالي تحفظ مهيا ڪرڻ لاءِ دهشتگردي جي ان معاملي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺن بلڪه انهن کي گهرجي ته علائقي جي انتهائي مخصوص ۽ ڳنڀير صورتحال کي به سامهون رکندي انهن معاملن جو ان حوالي کان به جائزو وٺن ته ڪٿي علائقائي امن جون مخالف قوتون امن مذاڪرات کي ناڪام بنائڻ لاءِ ته اهڙيون ڪوششون نه ڪري رهيون آهن؟ اسان سمجهون ٿا ته هن وقت ڏکڻ ايشيا ۽ خصوصي طور تي ننڍي کنڊ جو علائقو جنهن انتهائي خطرناڪ علائقائي مفادن جو مرڪز بڻيل آهي، ان جي تقاضا اها ئي آهي ته اسان هر ان سازش کي ناڪام بنائڻ لاءِ پنهنجا حوصلا بلند ڪيون جن جو تت اهو ئي آهي ته ننڍي کنڊ جي اندر هڪ منفي صورتحال پيدا ڪري هن ديس جي ماڻهن کي هڪ اهڙي صورتحال ۾ قيد رکجي جتي عوام جا بي پناهه مالي وسيلا انهن جي ترقي بجاءِ هٿيارن جي ڊوڙ تي خرچ ٿين، اهي وسيلا انهن ملڪن جي عوام کي سماجي سهوليتون ڏيڻ تي خرچ ڪرڻ بجاءِ ڪجهه ٻين مدن تي خرچ ڪن، ظاهر آهي ته اهڙي عمل سان حقيقي ترقي جو عمل سست رويي جو شڪار ٿي ويندو.
|
|||