گذريل ايڊيٽوريل

"امنُ" ۽ "امانَ" ڪٿي آهن...!!؟


سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال پنهنجي پوريءَ بگڙيل روپ ۾ بيٺي آهي. اخبارن ۾ روزاني ڇپجندڙ واقعن کي ڏسڻ سان اهو ثبوت ملندو ته سنڌ سرڪار سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي آهي ۽ ان ماڻهن کي ڪيترن ئي خطرناڪ معاملن ۾ اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي. سامهون رکيل اخبار ۾ جيڪي واقعا هڪ ڏينهن ۾ رونما ٿيا آهن، انهن جو تفصيل هن ريت آهي.

ڪشمور جي ڳوٺ منشي مالهو مزاري جي رهواسڻ بوئان کي سندس ڀاءُ ملوڪ مزاري پئسن عيوض وڏيري سان پرڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي بوئان انڪار ڪيو، ته سندس ڀاءُ هن جون ٻه ڌيئرون وڪڻي ڇڏيون. عدالت ۾ هيءُ ڪيس هليو، پوءِ کيس دارلامان موڪليو ويو، ڳوٺ واپس اچڻ تي کيس ٻيهر اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. هن عورت جو هڪ مڙس مري ويو، سندس ٻي شادي ڪرائي ويئي، اهو مڙس به فوت ٿي ويو هن کي ٽين شاديءَ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي.

ان کان سواءِ نسيما لٻاڻو، نسيما گرگيج ۽ ڪائنات سومرو وارا اجتماعي لڄالٽ سان تعلق رکندڙ معاملا هلي رهيا آهن ۽ نياڻيون تحفظ ۽ انصاف لاءِ واجهائي رهيون آهن.

جڏهن ته نوابشاهه ميڊيڪل اسپتال ۾ ڀريا جي رهواسڻ سڪينا جي حالت خراب ٿي ويئي آهي، مٿس تيزاب هاريو ويو هو.

لاڙڪاڻي ۾ انـڙ ۽ ابڙا برادرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر شروع ٿي ويو آهي ۽ انڙ برادريءَ جي هڪ جوان کي گوليون هڻي ماريو ويو آهي.

گمبٽ ۾ دڪان تي مزدوري ڪندڙ گلشن سهتي تي ٻن ڄڻن تشدد ڪيو ۽ تشدد کان پوءِ کيس گٽر ۾ اڇليو ويو، جتان ڪڍي کيس اسپتال نيو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو.

ان سڄي صورتحال ۾ چڱائيءَ جي ڳالهه هيءَ آهي ته شڪارپور ضلعي ۾ هلندڙ قمبراڻي- مارفاڻي تڪرار جي خاتمي ۽ پرامن نبيري لاءِ ڌرين وٽ بشير خان قريشيءَ جي سرواڻيءَ ۾ منٿ ميڙ قافلو پهتو آهي، جنهن کان پوءِ مورچابند ڌرين جي پاڻ ۾ ٺهڻ جا ڪجهه امڪان وڌيا آهن.

هي ته اهي واقعا آهن، جيڪي اخبارن ۾ رپورٽ ٿيا آهن، جن کي ڏسي/ پڙهي ماڻهوءَ جو من ڳرو ٿي وڃي ٿو ۽ بي اختيار ان جي زبان تي اهو جملو اچي وڃي ٿو ته: "سرڪار ڪٿي آهي؟" "ڇا هن ملڪ ۾ انصاف يا حڪومت نالي ڪا شيءِ به آهي". ظاهر آهي ته ايئن به هوندو ته انهن کان سواءِ ٻيا به الاهي ساترا اهڙا واقعا هوندا، جيڪي ميڊيا تي نه اچي سگهيا آهن. ڪنهن به ملڪ يا صوبي ۾ روزاني امن امان جي صورتحال اهڙي هجي، جو عام ماڻهو اغوا ٿيندا هجن، قتل ٿيندا هجن، نياڻين جي لڄالٽ ٿيندي هجي، سرعام ڦرون ٿينديون هجن، مختلف ڌريون ڇڪتاڻ ۾ ورتل هجن، ته اهڙي وقت تي سرڪار کي ميار نه ڏبي ته ڀلا پوءِ ڇا ڪبو؟

اها سرڪار جي ذميواري آهي، ته عام ماڻهن کي انصاف، تحفظ ۽ امن مهيا ڪري، جيستائين سرڪار ان ڏس ۾ ڪي به جوڳا اپاءَ وٺڻ ۾ سوڀاري نه ٿي ٿئي، ان وقت تائين سندن ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ تي آڱريون کڄنديون رهنديون. سوال هيءُ آهي ته جيڪڏهن سرڪار ماڻهن کي تحفظ به نٿي ڏيئي سگهي، ته ان مان ٻيون ڪهڙيون اميدون رکبيون، ته اها ماڻهن جي زندگيءَ جي بنيادي گهرجن جي پورائي لاءِ پاڻ پتوڙيندي، ماڻهن کي روزگار ڏيندي، پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪندي، سندن صحت ۽ تعليم لاءِ بهتر انتظام ڪندي يا شهرن توڻي ڳوٺن ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪرائيندي، جڏهن ته اها ماڻهن کي بچائي به نه ٿي سگهي.

سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته "ڳالهين سنديون ڳالهيون، ٽڪي سندي موٺ" معنيٰ ته رڳو زبان خرچ سان ڪو به مسئلو حل نه ٿيندو آهي. سرڪار مخلف وقتن تي اهي دعوائون ڪندي آئي آهي، ته امن امان جي سلسلي ۾ جوڳا اپاءَ وٺندي، پر اهو وقت الئه جي ڪڏهن ايندو؟ ڳالهه، جيڪا سمجهه کان مٿاهين آهي، اها هيءَ آهي ته آخر اهو ڪهڙو سبب آهي جو سرڪار اڄ ڏينهن تائين امن امان سڌارڻ لاءِ ڪي به عملي نوعيت جا اپاءَ وٺڻ کان لنوائي ۽ ڪيٻائي رهي آهي؟ آخر اهي ڪهڙا سبب آهن، جن جي ڪري ماڻهن کي عدم تحفظ ۽ لاقانونيت جي ليڪي ۾ بيهاريو ويو آهي؟

هي روزاني عورتن سان ٿيندڙ زيادتيون، اجتماعي لڄالٽ وارا واقعا، برادرين ۾ ڏڦيـڙ، اغوائن ۽ ڦرن ۽ ڌاڙن جا واقعا، سرڪار جي دل ۾ ڪو به اهڙو خيال ڇو نٿا آڻي سگهن، ته اسان کي پنهنجن ماڻهن کي بچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻي آهي، ڇا هن سرڪار جو هنن مرندڙ، جـُـهرندڙ ۽ مدد لاءِ ٻاڏائيندڙ عوام سان ڪو به واسطو ناهي ۽ ڇا هن ڀڃندڙ ڀرندڙ ۽ تباهيءَ ڏانهن ڪاهيندڙ سماج کي ڪنهن به سنئين گس سان لائڻ جي ذميواري سرڪار مٿان ناهي. ڇا سنڌ جا رڳو اهي ٻه روپ/ لقاءَ/ رخ آهن؟ جنهن ۾ هڪ پاسي جلاد ۽ ڪاسائي بيٺل آهن ته ٻئي بي زبان، لاوارث، بي يارومددگار، بيوس خدا جي خلق بيٺل آهي...!

سنڌ ڇا ٻيهار امن جو هندورو نٿي ٿي سگهي، ڇا عورتن خلاف ٿيندڙ پرتشدد واقعا ختم نٿا ٿي سگهن؟ ڇا برادريون پاڻ ۾ کير کنڊ نٿيون ٿي سگهن. ڇا ڌاڙيل ڪلچر جي بيماريءَ کان سنڌ صوبي جو وجود آجو نٿو ڪرائي سگهجي؟ ڇا اٽي، لٽي، اجهي، صحت، تعليم ۽ روزگار لاءِ واجهائيندڙ هنن ڪروڙين ماڻهن جو سندن زندگيءَ تي ايترو به حق ناهي، ته اهي ڪو هڪ ڏينهن خوف، دهشت ۽ خطري کان آجو گذارين ۽ ڪا هڪ رات ڇرڪڻ ۽ وهم کان پالهي ننڊ ماڻي سگهن...!

اسان جو سرڪار کي اهو مشورو آهي، ته اها جلد کان جلد سنڌ ۾ امن امان جي سڌاري لاءِ ڪي خاص انتظام ڪري. ان ڏس ۾ ڳالهيون گهڻيون ٿي چڪيون آهن، هاڻ انهن تي عمل ڪرڻ جو وقت آهي. ان سلسلي ۾ ڪا به دير، وڌيڪ جانين وڃائجڻ ۽ خاندان جي تباهه ٿيڻ ۽ مجموعي سماجي بگاڙ ۾ وڌيڪ واڌ جو سبب بڻجندي.