گذريل ايڊيٽوريل

عورتن کي تحفظ فراهم ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ قانونسازي ڪئي وڃي


مسلم ليگ جي صدر چوڌري شجاعت حسين عورتن جي حقن جي تحفظ، ڪڌين رسمن جهڙوڪ ڪارو ڪاري، نياڻيءَ کي قرآن سان پرڻائڻ، طلاق جي طريقيڪار، زوريءَ پرڻي ۽ عورت کي ملڪيت حق نه ڏيڻ وارن معاملن تي هڪ بل قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن کي منظوريءَ کان پوءِ سليڪٽ ڪميٽيءَ جي حوالي ڪيو ويو آهي. ان بل تي مخالف ڌر وارن ٻه اعتراض واريا آهن، هڪ اهو ته اهو بل کين ڏيکارڻ کان سواءِ ۽ سندن مشوري کان سواءِ منظور ڪيو ويو آهي. ٻيو اعتراض هيءُ ڪيو ويو آهي ته اهو بل چوڌري شجاعت کي نه پر قانون واري وزير کي پيش ڪرڻ کپندو هو.

عورتن جي مسئلن تي حڪومت اڳيئي حسبه بل جي رد ۾ قانونسازي ڪري چڪي آهي، جنهن کي مخالف ڌر جي اڪثريت پڻ قبول ڪيو. تنهن هوندي به عورتن بابت اهڙا ڪيترائي معاملا آهن، جن تي مناسب قانونسازي ڪرڻ جي ضرورت کي محسوس ڪيو ٿي ويو، انهن معاملن جو گهڻي ڀاڱي چوڌري شجاعت پاران پيش ڪيل بل ۾ ذڪر آهي. عورتن جي تحفظ، آزادي ۽ انهن جي حقن جي ڏس ۾ هاڻوڪي اسيمبلي سنجيدگيءَ سان ڪم ڪيو آهي، جنهن کي سٺو سنؤڻ چئي سگهجي ٿو، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪيل قانونسازيءَ تي عملدرآمد به ڪيو وڃي، ڇو ته ڪو به قانون ۽ ضابطو عمليت جي زمري کان ٻاهر هوندي ڪو به مثبت نتيجو نه ڏيئي سگهندو آهي.

حڪومت پاران عورتن جي مسئلن بابت پيش ڪيل تازو بل پڻ پنهنجي پاڻ ۾ هڪ افادي پهلو رکي ٿو، پر ضرورت ان شيءِ جي آهي ته جڏهن به ڪا اهم قانونسازي ڪئي وڃي ٿي، ته ان ۾ مخالف ڌر کي به پنهنجو مثبت پارلياماني ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي. جيئن هن بل تي مخالف ڌر وارن اهو اعتراض واريو آهي ته اهو بل کين ڏيکاريو ئي نه ويو آهي، ان کي پـرَٻاهرؤن منظور ڪري ڪميٽيءَ جي حوالي ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ان بل تي باقاعدي بحث ڪيو وڃي ها ۽ مخالف ڌر کي مشوري لاءِ ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو وڃي ها، ته ان ۾ ڪا به خرابي نه هئي. ان بل کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ٺهندڙ ڪميٽي ۾ مخالف ڌر وارن لاءِ پڻ گنجائش ڪڍي وڃي ته جيئن اڳين بل وانگي هيءُ بل به غير تڪراري نموني، ايوان مان اڪثريت سان پاس ٿي سگهي. ان بل ۾ جيڪي به معاملا شامل ڪيا ويا آهن، اهي عورتن جي تحفظ سان خاص طرح لاڳاپجن ٿا. اسان وٽ اڃا تائين خون بها طور سڱ چٽي ڀري ڏيڻ جو رواج آهي، جنهن سبب عورتون غير قانوني ۽ غير اخلاقي نموني ڪنهن ڌر جي حوالي ڪيون وڃن ٿيون. پوءِ ان سڱ چٽي وٺندڙ ڌر جي مرضي هوندي آهي ته اها ڏنڊ ڏوهه ۾ هٿ آيل عورت سان ڪهڙو به ورتاءُ ڪري. اڪثر عورتون بي تڪي ۽ اڍنگي نموني پرڻايون يا سڄي عمر واڙي رکيون وينديون آهن. سڱ چٽي واري روايت عورتن کان سندن زندگيءَ جي مرضي ئي نه پر پوري زندگي کسڻ برابر آهي.

ملڪ جي جاگيرداراڻي سماج جي عورتن ڏانهن اختيار ڪيل رويي جو هڪ ٻيو انتهائي غير اخلاقي پهلو عورتن کي قرآن سان پرڻائڻ وارو آهي، جيڪو عورتن جي سماجي زندگي جا سمورو سک کسڻ ۽ انهن جي فطري خواهشن کي تباهه ڪرڻ جو هڪ المناڪ اهڃاڻ آهي. قرآن سان پرڻي وارو رواج ذات ۽ سماجي رتبي جي لحاظ کان وڏن ۽ مشهور خاندانن ۾ عام آهي، اهڙا گهراڻا پوري سماج مان ڪنهن کي به پنهنجي مٽ نه سمجهندا آهن ۽ انهن کي نياڻيون ذات ۽ طبقي جي لحاظ کان گهٽ خاندانن ۾ پرڻائڻ پنهنجي بي عزتي محسوس ٿيندي آهي. ان کان سواءِ ڪي خاندان ته نياڻيون پرڻائڻ کي پنهنجي گهٽتائي محسوس ڪندا آهن، پوءِ ڇو نه سندن ذات ۽ طبقي سان برميچيندڙ رشتو وٽن ايندو هجي. عورتن جي اهم مسئلن مان هڪ مسئلو کين خانداني جاگير يا ملڪيت مان حصو نه ملڻ يا گهٽ ملڻ وارو به آهي. پيءُ يا ڏاڏي جي ملڪيتن تي پٽن ۽ پوٽن جو حق تسليم ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ڌيئرن ۽ پوٽين جي حصي ۾ نالي ماتر جاگير ۽ ملڪيت ايندي آهي، جيڪا به ڀائر پنهنجين ڀـينرن کان ڇڏرائڻ ۾ اڪثر ڪامياب ويندا آهن، بهرحال جيڪڏهن ملڪيت جي ورهاست وارو معاملو آهي، ته ان ۾ پٽ ۽ ڌيءُ، پوٽي ۽ پوٽيءَ واري امتياز کي رد ڪري ٻنهي کي هڪ جيترو حصو ڏنو وڃي، ته چئبو انصاف جون تقاضائون پوريون ٿي رهيون آهن.

ان کان سواءِ ڪاروڪاريءَ وارو مسئلو به آهي، جنهن بابت پ پ پ وارن پاران اڳيئي بل پيش ڪيو ويو آهي، ان مسئلي تي پڻ مناسب قانونسازي ڪرڻ جي گهرج آهي.

اسين آخر ۾ اهو چوڻ چاهيون ٿا ته عورتن جي تحفظ، آزادي، سماجي وقار، حيثيت ۽ حقن جي سلسلي ۾ سرڪار جيڪي قدم کنيا آهن ۽ جيڪي قدم وضع ڪرڻ پئي وڃي، اهي ساراهه جوڳا آهن، ان سڄي معاملي ۾ خال رڳو هيءُ آهي ته مخالف ڌر کي به اهڙي قانونسازيءَ ۾ پارلياماني ڪردار ادا ڪرڻ ۽ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو موقعو ڏنو وڃي، ته جيئن اهڙا اهم ۽ حساس مسئلا ايوان ۾ اڪثريت ۽ ڪنهن هل هنگامي کان سواءِ پاس ٿي سگهن.