گذريل ايڊيٽوريل

سنڌ جا وڏا شهر ترقيءَ لاءِ واجهائين ٿا


ڪراچي ملڪ ۽ سنڌ جو اهم ترين شهر آهي، جنهن تي ملڪ جو تمام گهڻو اقتصادي بار آهي. گذريل ٻن سالن کان وٺي صورتحال ڏسبي ته ڪراچي ۾ هڪ ئي وقت مختلف نوعيتن ۽ قسمن جا الڳ الڳ ترقياتي پروگرام شروع ٿيا آهن، جن ۾ اوور هيڊ پـُـلن کان وٺي ٻي هر ڪنهن قسم جا ترقياتي پروگرام شامل آهن. خاص طور تي هن حڪومت دوران ڪراچيءَ تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو ويو آهي، جيڪا تمام سٺي ڳالهه آهي.

پر هتي جيڪا ڳالهه ڪرڻ ۽ لکڻ مقصود آهي اُها هيءَ آهي ته ڪراچيءَ کان سواءِ به سنڌ جا ٻيا شهر پڻ ترقيءَ جون راهون واجهائي رهيا آهن، جن ۾ حيدرآباد، سکر ۽ نوابشاهه ۽ اهڙا ٻيا اهم شهر اچي وڃن ٿا. سرڪار پاران شروع ڪيل ترقيءَ جي سمورن پروگرامن جو رخ ڪراچيءَ ڏانهن آهي، جنهن جي ڪري ان صورتحال ڪي سوال ضرور اُڀاريا آهن ته ڪراچيءَ کي ئي ڇو نوازيو پيو وڃي ۽ باقي سنڌ جي وڏن شهرن کي ڪهڙي بنياد تي نظرانداز ڪيو ٿو وڃي. جيتوڻيڪ ڪراچي به اسان جو ئي شهر آهي، اُن جي ترقيءَ تي ڪو به اعتراض ناهي پر اسان سرڪار جي ان رويي جي هتي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ سنڌ جي ٻين اهم شهرن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، جتي پڻ ترقياتي ڪمن جي تمام گهڻي ضرورت آهي ۽ جيڪڏهن اُنهن تي پوري طرح ڌيان ڏنو وڃي ها ته هيل تائين اُهي شهر ڪراچيءَ جهڙا ئي واپاري ۽ اقتصادي مرڪز بڻجي چڪا هجن ٿا.

پاڪستان اندر ٻه اکيائي واري روايت ان وقت کان وٺي پوري زور شور سان جاري آهي، جڏهن کان ملڪ ٺهيو آهي. هن وقت اِن ٻه اکيائي واري صورتحال جو نقشو اِهو وڃي بيٺو آهي جو هڪ صوبو ترقي ڪيل آهي ۽ باقي ٽي بک ۽ بدحاليءَ مان گذري رهيا آهن ۽ زندگي ۽ وقت جي سمورين ضروري سهوليتن کان وانجهيل آهن. جنهن جي ڪري ملڪ جي ننڍن صوبن ۾ احساس ڪمتري جنم ورتو آهي، جنهن جو اظهار مختلف وقتن ۽ صورتن ۾ ننڍن صوبن جو عوام ڪندو آيو آهي. ساڳي نموني سنڌ اندر هڪ شهر تي ڌيان ڏئي باقي وڏن ۽ اهم شهرن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ انهن ۾ پڻ احساسِ محرومي کي هوا ڏني پئي وڃي. جيڪڏهن سنڌ جا باقي وڏا ۽ اهم شهر اِئين نظرانداز ٿيندا رهندا ته اڳتي هلي هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو، جڏهن اُهي ڪراچيءَ تي آڱريون کڻڻ شروع ڪندا. اِها صورتحال بلڪل اڻوڻندڙ هوندي. ڇاڪاڻ ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي ۽ ان تي ڪو به حرف اچڻ تي سنڌ جي رهندڙن کي ڏک جو احساس ضرور ٿيندو. اصل ۾ هتي ڳالهه شهرن جي ڀيٽ جي ناهي، پر ان مخصوص ۽ مستقل مفاد جي آهي جيڪو ڪراچي کي پنهنجي ملڪيت سمجهيو ويٺو آهي ۽ اُن جي ئي ڪوششن ۽ مداخلت سان سڄي سنڌ جي ترقيءَ جو سرمايو صرف ڪراچيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي.

اسين سمجهون ٿا ته ڪراچيءَ ۾ جيڪي به ترقياتي پروگرام شروع ڪيا ويا آهن يا هن جديد شهر کي وڌيڪ سهولتن ڀريو ۽ مراعات يافته بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، اِهو به بهتر عمل آهي پر اُن سان گڏوگڏ ضرورت اِن ڳالهه جي آهي ته سنڌ جا ٻيا شهر پڻ ترقيءَ ۽ سڌارن لاءِ واجهائي رهيا آهن، اُنهن کي به ترقي وٺرائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ کپن ۽ اُنهن کي به ڪراچيءَ جهڙا جديد ۽ زندگيءَ جي سهولتن سان سينگاريل شهر ٿيڻ جو موقعو ڏنو وڃي.