|
|||
|
صوبائي خودمختياري بابت سنڌ سرڪار پاران اي پي سي گهرائڻ جو درست فيصلو سنڌ حڪومت جي پاران صوبائي خودمختياري واري معاملي تي 7 مارچ تي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. بين صوبائي رابطن واري وزارت جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو آهي ته آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سمورين سياسي پارٽين ۽ دانشورن کي شرڪت ڪرڻ ڏني ويندي. هن اهو پڻ چيو آهي ته وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت کان صوبائي خودمختياري بابت تجويزون گهريون آهن، جنهن بعد اسان اي پي سي سڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڏس ۾ سمورين سياسي پارٽين ۽ دانشورن کان مليل تجويزن سان گڏ سنڌ حڪومت پنهنجي تجويزون به شامل ڪري وفاقي حڪومت ڏانهن اماڻيندي. اسان سمجهون ٿا ته وفاقي حڪومت پاران سنڌ حڪومت کان "صوبائي خودمختياري" جي حوالي کان جيڪي تجويزون گهريون ويون آهن، ان تجويزن جي تناظر ۾ سنڌ سرڪار پاران صوبائي خودمختياري جي حوالي کان آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو فيصلو پنهنجي جوهر ۾ هڪ درست فيصلو آهي، ان ڪري صوبائي خودمختياري جي حوالي کان سنڌ جو هڪ ٺوس موقف ان وقت ئي وفاق ڏانهن وڃي سگهي ٿو جڏهن سنڌ جي سڀني سياسي پارٽين جي راءِ ان ۾ شامل هجي ۽ سنڌ جي دانشورن جون صلاحون پڻ ان جو حصو هجن. انهيءَ ڪري اسان جي سنڌ جي سمورين سياسي ڌرين کي اِها گذارش آهي ته حزب اقتدار جيڪڏهن صوبائي خودمختياري جي حوالي کان ڪا ڪانفرنس ڪوٺائي ٿي ته حزب اختلاف جي پارٽين کي ان جي مثبت موٽ ڏيڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو اسان سمجهون ٿا ته اها وقت جي تقاضا آهي ته سنڌ جون سياسي پارٽيون سنڌ جي حقيقي مسئلن جي حل لاءِ هڪ ٺوس ۽ گڏيل موقف اختيار ڪن ته جيئن سنڌ جي ماڻهن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بنائي سگهجي. جڏهن ڳالهه صوبائي خودمختياري جي هلي نڪتي آهي ته پوءِ اسان اها ڳالهه به رکنداسين ته موجوده حڪومت کي ملڪ جي اندر احساس محروميءَ جي شدت کي گهٽائڻ لاءِ سڀ کان پهرين ته آئين ۾ موجود "ڪنڪرنٽ لسٽ" کي ختم ڪري اهي کاتا صوبن جي حوالي ڪرڻ گهرجن ته جيئن 1973ع جي آئين ۾، وفاق پاران صوبن کي ڪجهه عرصي کان پوءِ جيڪي کاتا ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو هو، ان واعدي کي پاڻي ڏنو وڃي. ۽ سنڌ حڪومت کي گهٽ ۾ گهٽ وفاق جي سامهون ان معاملي تي هڪ زوردار موقف اختيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن کاتن جي وفاق کان صوبن ڏانهن منتقلي ۾ جيڪا دير ٿي آهي، انهيءَ دير جو ازالو ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ جو اهڙي ازالي نه هئڻ سبب ئي اڄ ان صورتحال جنم ورتو آهي جو ملڪ جي اندر احساس محرومي جي گرمي پد ۾ واڌ آئي آهي ۽ ان جو اعتراف صدر مملڪت پڻ وقت به وقت ڪندو رهيو آهي ته ملڪ جي اندر وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي آهي. اسان سمجهون ته وفاق ۽ صوبن جي اندر موجود ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ به اهو ضروري آهي ته وفاقي حڪومت ڪنڪرنٽ لسٽ جي اندر موجوده کاتن کي بنا ڪنهن دير جي صوبن حوالي ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪجهه ٻيا کاتا به صوبن جي حوالي ڪري ته جيئن وفاق پاڪستان جي بنيادن کي اڃا به وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي. |
|||