|
A battle of Ideas between Trotsky and Stalin ليون ٽراٽسڪي جي شهادت ڏهاڙي ٻه چار اکر راشد اسٽالن جو هڪ ايجنٽ پهريون ٽراٽسڪي جو دوست بڻيو ۽ ڪجهه ملاقاتن کانپوءِ هو ٽراٽسڪي سان ملڻ هن جي اسٽڊي روم ۾ويو.هن هڪ چاقو ۽ هڪ برف ٽوڙڻ وارو هٿوڙو رين ڪوٽ ۾لڪائي رکيو هو. اهو هٿوڙو ٽراٽسڪي جي مٿي ۾هنيائين. ان مرڪاڊور هٿان ميڪسيڪو جي ويرانين ۾ 68 سال پهرين يعني 20 آگسٽ 1940 تي هڪ انقلابي، هڪ دوست هڪ باليشوڪ قيادت، وڏي ڪشادي ذهن رکندڙ انسان جو قتل ٿي ويو. بعد ۾ ان ئي مرڪاڊور کي 1960ع ۾ سياست تي ”لينن ايوارڊ“ ڏنو ويو! 1917ع جي بالشوڪ انقلاب نه رڳو روس پر پوري انساني تاريخ جو ذري گهٽ فيصلو ڪري ڇڏيو هو. هزارن سالن تي محيط طبقاتي ڪشمڪش جو روس جا پورهيت خاتمو ڪري چڪا هئا. هن سڄي تبديلي جي عمل ۾ روس جي پورهيتن شعوري طور تي پنهنجي مقصدن کي سمجهندي انقلاب لاءِ قربانيون ڏنيون ۽ نتيجتن انقلاب بنا ڪنهن وڏي جاني نقصان ۽ خون خرابي جي فتح مند ٿيو جنهن ۾ صرف 10 ماڻهو شهيد ٿيا. هونئن به 10 کان وڌيڪ ماڻهو روز جي معمول ۾ ٽريفڪ حادثن ۾ ئي مري وڃن ٿا. هي بالشوڪ انقلاب جن مارڪسي بنيادن تي استوار ٿيو ان انقلاب کي زندگي ، لائحه عمل، پروگرام ۽ پيش منظر ڏيڻ جو دارومدار ٻن عظيم انقلابي ليڊرن ، ولاديمير لينن ۽ ليون ٽراٽسڪي تي هيو جن جي غير موجودگي ۾ شايد انقلاب کي ڪڏهن به ڪاميابي نه ملي ها. 20 صدي جي هن عظيم انقلاب ۾ ٽراٽسڪي جي ڪردارکي تمام گهڻو فراموش ڪري ۽ ان کي هميشه هيچ ڪري پيش ڪيو ويو. پر حقيقت اها آهي جو ان جي ڪردار کي ڪڏهن به فراموش نه ٿو ڪري سگهجي. ٽراٽسڪي انقلاب لاءِ جتي عملي جدوجهد ڪئي اُتي انقلاب کي زندگي ڏيندڙ نظريا به دريافت ڪيا. جن منجهان ”مسلسل انقلاب“ جي نظريو انتهائي اهم آهي. روس اندر برپا ٿيندڙ بالشيوڪ انقلاب به ٽراٽسڪي جي ڏنل ٿيوري ”مسلسل انقلاب“ مطابق هو، نه ته اسٽالن وارا ته ان دور ۾ به مرحليواريت جا قائل هئا. ليون ٽراٽسڪي جي ڏنل محبوب ٿيوري مسلسل انقلاب Permanent Revolution کي نه سمجهجي، ان جي اهميت کي نه جاچجي ته پوءِ نه ته روس جي بالشوڪ انقلاب کي سمجهي سگهجي ٿو نه ته ٽراٽسڪي ازم کي. 105 سال پهرين ڏنل ٽراٽسڪي جي ٿيوري ”مسلسل انقلاب“ جي ٻل تي ئي اسان پوري دنيا خصوصن نو آبادياتي ملڪن ۾ انقلاب جو سوشلسٽ ڪردار ڏسي سگهون ٿا. هن نظريي جي بنيادن تي نه صرف ترقي يافته پر نو آباديادتي ملڪن ۾ به انقلاب جي شڪل سوشلٽ بڻجي ٿي، ڪلاسيڪل مارڪسزم کي بنياد ٺاهي ٽراٽسڪي تاريخ ۾ برپا ٿيل انقلابن، پورهيتن جي بغاوتن، تحريڪن جو ڀرپور تجزيو ڪيو ۽ اُنهي نتيجي تي پهتو ته قومي جمهوري انقلاب جا فرض هاڻي ”بورجوا انقلاب“ پنهنجي جبلي بحرانن جي ڪري ادا نه ڪري سگهندو، تنهنڪري پرولتاري طبقي کي ئي اڳتي اچي اهو فرض پورا ڪرڻ گهرجن. هن واضح ڪيو ته اهڙو انقلاب قومي جمهوري انقلاب کان به اڳتي جو قدم هوندو ۽ اهو انقلاب قابلِ واپسي هوندو جيستائين اُنهي کي سوشلسٽ بنيادن تي مڪمل ڪري ٻين پٺتي پيل ملڪن جي سوشلسٽ تحريڪن سان گڏائي هڪ مسلسل انقلاب نه ٿو ڪيو وڃي. ٽراٽسڪي جي ان مسلسل انقلاب واري ٿيوري تي هن ۽ لينن جي وچ ۾ڊگهو بحث به هلي پيو هو ، بعد ۾ اپريل ٿيسسز لکي لينن ڄڻ ته هن جي مسلسل انقلاب جي نظريي جي تائيد ڪري ڇڏي هئي. ٽراٽسڪي جي لفظن ۾ ته ”ترقي پذير ملڪن لاءِ سندن پسماندگي رعايت آهي“ ۽ اُنهي جي ڪري بالشويڪ روس جهڙي پٺتي پيل ملڪ ۾ انقلاب ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا. وڏي ڳالهه ته عين اُنهي وقت بورجوا دانشور، سوشل ڊيموڪريٽس ۽ ڪجهه ”بالشويڪ“ به مرحليواريت جو راڳ آلاپي رهيا هئا پر سندن خيالن کي آڪٽوبر انقلاب هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيو . ٽراٽسڪي جي غير معمولي ذهانت ۽ ذميداري جي احساس جي ڪري ئي هن کي داخلي ۽ خارجي پاليسين جو وزير بڻايو ويو ۽ هن گهٽ ۾گهٽ عرصي ۾سرخ فوج جي اهڙي ٽيم تيار ڪئي جن جي جذبي ۽ صلاحيتن سامراجي يلغار ڪندڙ 21 ملڪن کي شڪست ڏني. 1 جنوري 1918 ۾ پورهيتن جي هڪ وڏي اجتماع کي ٽراٽسڪي مخاطب ٿيندي چيو ته”اسان جو انقلاب بين الاقوامي انقلاب جي زنجير جي هڪ ڪڙي آهي ۽ اسان صرف آغاز ڪيو آهي، اسان جي آخري فتح تيستائين ممڪن ناهي جيستائين ٻين ملڪن ۾ انقلاب نه ٿا ٿين، ڇو جو روس ۾ طبقاتي جنگ جو فيصلو ٿي چڪو آهي. پر روس کان ٻاهر اڃا به ٻه طبقا پاڻ ۾ طبقاتي ڪشمڪش جي لڙائي وڙهي رهيا آهن. جابر حڪمران ۽ اسان جي انقلاب جو دشمن سرمائيدار صنعتي، سياسي، سفارتڪاري ۽ سائنسي لحاظ کان تمام گهڻو طاقتور آهي. جيڪڏهن اسان تنها رهياسين ته تنهائي اسان جو موت هوندي. ڏسجي ته ٽراٽسڪي ٻين لفظن ۾ دهرائي رهيو هو ته ”دنيا جا پورهيتو هڪ ٿي وڃو!“ آڪٽوبر انقلاب کانپوءِ ٽراٽسڪي چيو ”انقلاب کي ردِ انقلاب کان خطرو گهٽ پر پارٽي جي مصالحتي رويي کان وڌيڪ هوندو آهي.“ حقيقت هي آهي ته بالشويڪن جنهن نظريي تحت هي انقلاب ڪيو اهو ڪنهن هڪ ملڪ ۾ سوشلزم لاءِ نه پر بين الاقوامي سوشلزم لاءِ ڪيو هو. لينن نومبر 1918 ۾ آمريڪي مزدورن کي هڪ خط ۾ لکيو ته ”جيڪڏهن دنيا جا مزدور اسان جو ساٿ نه ٿا ڏين ته برطانوي، فرانسيسي ۽ آمريڪي سامراج ”پرولتاري“ انقلاب کي برباد ڪري ڇڏيندا... انهي ڪري اسان پنهنجو سڀ ڪجهه بين الاقوامي انقلاب جي ڪري داؤ تي لڳائي ڇڏيو آهي“. اُنهي بين الاقوامي پورهيت طبقي جي مدد ڪارڻ روس ۾ ته انقلاب ٿي ويو پر ٻين ملڪن خصوصن جرمني، اٽلي، فرانس ۽ هنگري ۾ انقلاب نه ٿي سگهيا ۽ نتيجتن روس جو پورهيت طبقو ۽ انقلاب عليحدگي جو شڪار ٿيا. 1922ع ۾ لينن ٽئين انٽرنيشنل جي مرڪزي ڪميٽي کي خطاب ڪندي چيو ته،”برلن جرمني جو دل آهي ۽ جرمني يورپ جو دل آهي، جيڪڏهن جرمن انقلاب ڪامياب نه ٿو ٿئي ته اسان جي انقلاب کي تباهه ٿيڻ ۾ دير نه لڳندي. جرمن انقلاب جي فتح لاءِ اسان کي روسي انقلاب قربان به ڪرڻو پيو ته هڪ لمحي لاءِ به دير نه ڪنداسين.“ ٽراٽسڪي ان قسم جي انٽرنيشنلزم جو وارث ثابت ٿيو. آفيسر شاهي جو اهڙو ڪردار ڏسي عين انهي موقعي تي ٽراٽسڪي چيو ته ”جڏهن به ڪنهن شيءَ جي قلت پيدا ٿئي ٿي ته اُن جي حصول لاءِ قطارون لڳن ٿيون، جيتري وڌيڪ بدحالي هوندي انهن قطارن ۾ ايترو ئي خلفشار هوندو. انهي لاءِ انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هڪ سپاهي جي ضرورت جنم وٺي ٿي(جتان ئي دراصل بيوروڪريسي جي شروعات ٿئي ٿي) جڏهن به گوشت جي گهرج لاءِ اهڙيون قطارون لڳن ٿيون ته انهن کي ڪنٽرول ڪندڙ سپاهي پنهنجي لاءِ سٺو گوشت اڳواٽ ڪٽي رکي ٿو.“ رياست ۾ وڌندڙ بدعنوان قيادت چور دروازي کان داخل ٿي رهي هئي ۽ اسٽالن جي شڪل ۾ اُنهي بيورو ڪريسي کي شعوري شڪل ملڻ شروع ٿي. 1924 ۾ لينن جي موت کان پوءِ اسٽالن جي ٽولي هڪ اهڙي نظريي کي پالي وڏو ڪيو جيڪو مارڪسزم جي روح جي ابتڙ هو جنهن جو لينن ۽ ٽراٽسڪي ڪڏهن به تصور نه ٿي ڪري سگهيا. اُهو نظريو هو روسي انقلاب جو سرحدن ۾ قيد ٿيڻ. ”هڪ ملڪ ۾ سوشلزم“ واري نظريو تخليق ڪيو ويو جيڪو سوويت يونين USSR جي خلاف هو. ٽراٽسڪي جهڙن عظيم انقلابين جيڪو انقلاب ڪيو اهو هڪ ملڪ کان وڌيڪ هڪ طبقي جو انقلاب هو ۽ عالمي سوشلسٽ انقلاب جو تسلسل هو. مارڪسزم قوم پرستي جي نفي ڪندي انسانيت جي نجات کي طبقاتي يڪجهتي ۽ جدوجهد سان تشبيهه ڏني هئي. اسٽالنزم جو ٻيو وڏو جرم مرحيلواريت هئو يعني انقلاب کي مرحلن ۾ ورهايو ويو هو. لينن جي موت کانپوءِ پارٽي اندر مسلسل انقلاب ۽ انقلابي حاصلات جي حفاظت لاءِ هڪ وڏي نظرياتي جنگ جو آغاز ڪرڻو پيو. ٽراٽسڪي ۽ اسٽالن جي ويڙهه ذاتي نه پر ٻن نظرين جي ويڙهه هئي. ٽراٽسڪي مارڪسزم۽ روس جي انقلاب جي بنيادن کي برباد ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پنهنجي زندگي، گهر ۽ ٻار ۽ پنهنجو پاڻ ارپي مارڪسزم جي بنيادي نظرين کي زندهه رکيو. 1924ع ۾ ڪامنيف ٽراٽسڪي کي چيو ته ”جيڪڏهن تنهنجو خيال آهي ته اسٽالن تنهنجي دليلن جو جواب ڳولڻ لاءِ پريشان آهي ته اُها تنهنجي غلطي آهي. هو صرف اُنهي ڳالهه تي غور ڪري رهيو آهي ته هو پنهنجو پاڻ کي نقصان پهچائڻ کانسواءِ توکي ڪيئن ٿو دٻائي سگهي.“ جڏهن ٽراٽسڪي پارٽي اندر ”ليفٽ اپوزيشن“ ٺاهي ته اسٽالن هن جو دشمن بڻجي ويو. اسٽالن بيوروڪريسي جي ترجماني ڪري رهيو هو ۽ انقلاب جي قبر کوٽي رهيو هو. گڏوگڏ بالشوزم جي روايتب ۽ مارڪسزم جي نظرين کي ختم ڪري رهيو هو. ٽراٽسڪي مارڪسزم۽ لينزم جو دفاع ڪندي اسٽالن جو سخت نقاد بڻجي ويو. ٽراٽسڪي کي جن اهم شعبن ۾ ذميداري ڏني وئي انهن ۾ سرخ فوج جي سربراهي به شامل هئي. لينن جي وفات کان پوءِ هن کان عهدا واپس ورتا ويا ۽ اُهي عهدا بيوروڪريسي ڏي منتقل ٿيڻ لڳا ۽ ڊسمبر 1926 کان ئي اسٽالن ۽ هن جي بيوروڪريسي معيشت ۾ سرائيت ڪرڻ شروع ڪري ڏني هئي.”نيشنلائيزڊ معيشت کي جمهوريت جي ايتري ضرورت هوندي آهي جيتري انساني جسم کي آڪسجين جي“ ٽراٽسڪي چيو. اسٽالن پورهيتن جي اُنهي جمهوري ڪنٽرول جي نفي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ پنهنجي شخصي آمريت مڙهي ڇڏي هئائين. 1927ع ۾ جڏهن اسٽالن ليفٽ اپوزيشن کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته ٽراٽسڪي کي پارٽي مان ڪڍيو ويو. ٽراٽسڪي کي قتل ڪرڻ جي صورت ۾ نوجوانن طرفان ردعمل جو اسٽالن کي وڏو خطرو هو تنهنڪري ماسڪو کان 2000 ميل پري قازقستان موڪليو ويو. پر ٽراٽسڪي جي مسلسل نظرياتي جدوجهد مان اسٽالن کي هتي به خطرو هو. آخرڪار ٽراٽسڪي کي ”ردِ انقلابي“ جو الزام ڏئي ترڪي ۾ جلاوطن ڪيو ويو. هزارن مخالفن کي گرفتار ڪيو ويو. ڪامنيف ۽ زينوف اسٽالن سان مفاهمت ڪري ڇڏي. ٽراٽسڪي مفاهمت جي انهي لهر ۾ مخالف ٿيو بيٺو رهيو. اسٽالن مطالبو ڪيو ته ٽراٽسڪي سياسي زندگي کان پري ٿي وڃي پر ٽراٽسڪي انڪار ڪندي چيو ته ”آئون پورهيتن جي هن بين الاقوامي جدوجهد کان دستبردار نه ٿيندس. ڇو جو منهنجي زندگي پورهيتن جي مفاد کانسواءِ ڪجهه به ناهي.“ بعد ۾ ٽراٽسڪي لاءِ هيءَ زمين ”ويزا جي بنا سيارو“ بڻجي وئي، هن کي ڪٿي به پناهه به ملي رهي هئي. ٽراٽسڪي پوري دنيا جي ليفٽ اپوزيشن جي حامين کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. 1930 کان هن ”اپوزيشن بليٽن“ نالي رسالو ڪڍڻ شروع ڪيو. اُن کان پوءِ ٽراٽسڪي اسٽالنزم جو گهرائي سان تجزيو ڪرڻ شروع ڪيو. 1936ع ۾ هن پنهنجo شاهڪار ڪتاب Revolution Betrayed ”انقلاب سان غداري“ لکيو جنهن ۾ هن اسٽالنزم جو گهرائي سان تجزيو ڪيو ۽ هن اسٽالنزم کي پرولتاري بوناپارٽزم جو هڪ قسم قرار ڏيندي چيو ”محنت ڪش طبقي جي حڪمراني کي بيوروڪريسي برباد ڪري ڇڏيندي آهي. پوءِ به اها بيوروڪريسي پنهنجون مراعتون منصوبابند معيشت مان حاصل ڪندي رهندي آهي، تنهن ڪري اُن منصوبابند معيشت کي قائم رکڻ وري به بيورو ڪريسي جي مجبوري آهي. هيءَ بيورو ڪريسي مراعتن تان رضا خوشي سان دستبردار نه ٿيندي انهي ڪري حقيقي مزدور جمهوريت جي بحالي لاءِ هڪ نئون سياسي انقلاب ڪرڻو پوندو.“ ٽراٽسڪي واضح ڪيو ته جلد يا دير آفيسر شاهي پنهنجي مراعتن جو تحفظ سرمائيداراڻي ردِ انقلاب ۾ ڳولهيندي ۽ پنهنجي پاڻ کي هڪ نئين سرمائيدار طبقي جي شڪل ۾ ظاهر ڪندي. ٽراٽسڪي جو 1936 ۾ ڪيل تجزيو 1990 ۾ درست ثابت ٿيو جڏهن روس ۾”ڪميونسٽ“ بيوروڪريسي هڪ مافيا سرمائيدار طبقي رياستي جي صورت ۾ ظاهر ٿي ۽ صنعتن جي نجڪاري ذريعي ڪروڙپتي بڻجي وئي. 1936ع ۾ بدنام ِزمانه ”ماسڪو ٽرائلز“ ۾ تمام پراڻن بالشويڪن کي گرفتار ڪري گولي هڻي ماريو ويو، ڪيترن کي ته جلاوطن ڪيو ويو. گهڻائي ڪامريڊ هميشه جي لاءِ گم ڪيا ويا. الائي گهڻن کي ته ٽراٽسڪائيٽ هئڻ جي جرم۾ اذيت گاهن ۾تڪليفون ڏئي ماريو ويو ۽ اُنهن هنگامن جو بنيادي ڪارڻ ٽراٽسڪي ۽ اُن جي پٽ ليون سيڊوف کي بڻايو ويو ۽ حڪم ڏنو ويو ته اُهي جيئن هن ملڪ ۾ ڏٺا وڃن گولي هنئي وڃي. 1938 ۾ اسٽالن جي خفيه پوليس فرانس ۾ ليون سيڊوف کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ 1938 -1931 تائين بالشويڪ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي پراڻن ڪامريڊن مان واحد اسٽالن پاڻ بچيو هو، باقي سڀ هن مارائي ڇڏيا. جيترو تجربو مارڪس ۽ اينگلس1871ع جي پيرس ڪميون مان اخذ ڪيو ايترو ئي تجربو، تجزيو، تناظر ٽراٽسڪي روس جي باري ۾ پيش ڪيو جيڪو وقت جي ڪسوٽي تي سچ ثابت ٿي رهيو آهي. ٽراٽسڪي واضح ڪيو هو ته ”منصوبا بند معيشت بيوروڪريسي جي يلغار باوجود تيز ترقي ڪندي پر هي اهڙو تضاد آهي جيڪو حل صرف هڪ طبقي جي مڪمل حڪمراني ۾ ٿيندو.“ ٽراٽسڪي تي الزامن جو وڏو ڪارڻ اهو هيو جو هن بين الاقوامي انقلاب ٿي چاهيو، ۽ آفيسرشاهاڻي ردِ انقلاب کان ڇوٽڪارو پڻ. هن عالمي انقلاب جي دفاع لاءِ بنيادي نظريا فراهم پئي ڪيا. ٽراٽسڪي ڪنهن به ملڪ، قوم جي مسئلي کي روس جي انقلاب سان ڳنڍيندي اجتماعي جدوجهد پئي چاهي. هن چاهيو ٿي ته قومي سرحدن کي پاش پاش ڪري انسانيت جو هڪ گولو ٺاهجي. اسٽالن ۽ سندس ٽولو ٽراٽسڪي کي نظرياتي جنگ ۾ شڪست نه ڏئي سگهيو. جڏهن ته اسٽالنزم جي بنيادن کي ٽراٽسڪي ازم لوڏائي ڇڏيو هو ، تڏهن سواءِ قتل جي هنن وٽ ٻيو ڪو ٻيو آپشن ئي نه بچيو هو. پر ٽراٽسڪي جو ڪم، نظريا، لکيل ڪتاب اڄ به سوشلزم جي صداقت ۽ اسٽالنزم جي فريب کي ظاهر ڪن ٿا. فرد مارڻ آسان هوندا آهن پر نظريا ڪڏهن به ناهن مرندا. اڄ به ٽراٽسڪي جي سياسي جدوجهد جي ميراث موجود آهي اڄ اسٽالنزم پنهنجي موت مري چڪو آهي جنهن جي نشاندهي عظيم مارڪسي استادن ڪئي، 1923 ۾ لينن، 1936 ۾ ليون ٽراٽسڪي، 1948 ۾ ٽيڊگرانٽ ڪئي. اسٽالنزم جي مرحليواريت ۽ ”هڪ ملڪ ۾سوشلزم“ تحت ڪيترائي انقلاب ناڪام ٿيا. جرمني 26-1924 ، چين 1926 ۽ ٻي مهاڀاري لڙائي دوران ڪيتريون ئي تحريڪون مصالحت جي ڪري ناڪام ٿي ويون.اڄ جي هن اپاهج گلوبلائيزڊ سرمائيداري ۾”مسلسل انقلاب“ جي نظريي جي حدکان وڌيڪ ضرورت آهي ڇو جو اڄ دنيا جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ بک سان گڏ بغاوت پلجي رهي آهي. اڄ به ٽراٽسڪي جا اُهي لفط هڪ انقلابي لاءِ اُتساهه جو سبب بڻيل آهن ته ”زندگي گذارڻ آسان ڪونهي جيستائين انسان وٽ ڪو عظيم مقصد نه هجي، جيڪو ذاتي تڪليفن، اذتين، بي وفائين، غدارين ۽ نيچ پڻي کان بلند هجي. نه ته انسان ڪٿي نه ڪٿي، ڪڏهن نه ڪڏهن ڪري پوي ٿو، جـُهڪي پوي ٿو، وڪامجي وڃي ٿو.“ |