Exploring Sindh

ٿر کي هڪ نئون گيت گهرجي

ارشاد لغاري


                ”پنهنجي ڪل ڪائنات ڪارونجهر آهي. ڪراچي رڳو ڪنين ٻڌي اٿئون. حياتي ۾ پهريون شهر ميرپور ڏٺوسين، جڏهن شاديءَ جا ڪپڙا وٺڻ ويا هئاسين. سموري حياتي ٽٽل چـَم ٽوپيو اٿئون پر دل جو ڦاڪ جيئن جو تيئن آهي. بس زندگي سپني جيان گذري وئي آهي.“ تازو ٻه ٽي ڏينهن اڳ جڏهن ننگر وڃڻ ٿيو ته ڪارونجهر ۾ رُلندي سڄو وقت مٿين ڳالهه منهنجي تصور ۾ ڦرندي رهي، جيڪا مون سان پهريون ڀيرو ڪارونجهر اچڻ تي هڪ ڪچهري دؤران راجائن جهڙي چاپهين ڏاڙهي ۽ گهنڊ شهپرن واري پرمار نـُک سان تعلق رکندڙ ڪاڪي اَوَچي ڪئي هئي. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن دل درد ۽ اکيون حيرت سان ڀريل رهنديون هيون. سو ڪاڪي اَوَچي جي ڳالهه به ان حيرت ۾ اضافو ڪيو هو ته هڪ شخص جنهن پنهنجي سموري حياتي هڪ پهاڙ جي پاڇي ۾ گذاري ڇڏي آهي سو ڪيترو نه ان مختصر دائري ۾ راضي آهي ۽ هڪڙا ماڻهو سڄي دنيا تي قابض ٿي وڃڻ بعد به ڪيئن نه وٽ کائيندي زهر زندگي جيئن ٿا.

ٿر ڏانهن ان سفر ۾ سمن جي ماڙين وٽ ساهي کڻندي مون رڳو اهوئي پي سوچيو ته ڪارونجهر ۾ مون کي ڪو اهڙو شخص ملي وڃي جنهن جي صورت ۾ آئون اهو احساس ماڻي واپس موٽي سگهان ته مون مڪمل ٿر کي هڪ ماڻهوءَ جي روپ ۾ پـَسيو. ۽ پوءِ واقعي به ائين ٿيو. ڪاڪي اَوَچي جي ملاقات ۾ پاڻ کي پورو ٿر مليو جيڪو چئي رهيو هو ته: پاڻ گهڻو ٻاهر ڀل کڻي نه نڪتا آهيون پر ڪارونجهر جو ڪو به لڪ يا گهار پاڻ کان ڳـُجهو يا ڳـُجهي ناهي. سانوڻ جي موسم ۾ مورن جا ٽهوڪا ٻڌي سڄي سال جا سـُور وسري ويندا آهن. شين جي ڀيٽ ڪندي هن چيو هو دنيا ڀل ڪيڏا به ڪاڄ سينگاري پر اُٺن جي ڄڃ ڪٿان لڀي! پنجن اٺن جي مختصر ڄڃ ڪاهي ويرا واهه مان سنگي (سندن وني) سان لائون لهي کـيس ڳوٺ وٺي اچڻ واري گهڙي سندس زندگي جي خوبصورت ترين ياد هئي ۽ چئن ورهين جي ساٿ کان پوءِ سنگيءَ جو ديهانت سندس حياتيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڏک هو، جنهن جو ڪو به درمان نه هو. هن ڀيري ڪارونجهر ۾ گهمندي ننگر جي هاڙهي تپي جي ڳوٺ ساميو يري جو 71 ورهين جو اهو واسي مون کي تمام گهڻو ياد اچي رهيو هو، جنهن ٻڌايو هو ته کيس پپون، کنڀيون ۽ مريڙو ڏاڍا وڻندا آهن. بارشون پيون آهن، ٿر ويس مٽايو آهي، ڪارونجهر قرار ورتو آهي پر اَوَچو هاڻ رهيو آهي يا نه؟ پاڻ کي اها خبر ڏيڻ وارو ان ننگر ۾ ڪو به نه هو جيڪو هاڻ آهستي آهستي پنهنجي خاموشي وڃائيندي هـُل جي گهيري ۾ اچي رهيو آهي. ٿر جا ننگر سميت سڀ شهر هاڻ ان ترقي ڏانهن مرحليوار وڌي رهيا آهن، جنهن ترقيءَ کي کيت سنگهه جي ڳوٺ جو جهونو رجپوت سندن پـُرکن جي روايتن لاءِ هاڃيڪار سمجهي ٿو. اهو هڪ بهرحال الڳ موضوع آهي ته ٿر ۾ آيل روڊ ۽ ڪجهه مخصوص شهرن کي مليل بجليءَ اتان جي عام ماڻهوءَ جي سماجي بيهڪ ۽ نفسيات تي ڪهڙا اثر ڇڏيا آهن، جيڪو اڄ به اُٺ  جي مهار جهلي روڊ جي پاسي پاسي کان هلي ٿو ۽ ڀرمان شـُون ڪري گذري ويندڙ گاڏين کي ڏسي سوچي ٿو ته هي ماڻهو ڪٿان اچن ٿا، ڇا لاءِ اچن ٿا ۽ پوءِ ڪيڏانهن وڃن ٿا؟ سلام ڪوٽ، مٺي يا ڏيپلي جهڙن شهرن جو قصو الڳ ۽ کيت سنگهه جي ڪـُراڙي رجپوت ٺڪر جهڙن ماڻهن جو الميو الڳ ڳالهه آهي. اهو هڪ تمام آهستي غير محسوس طريقي سان تبديل ٿيندڙ ٿري سماج جو تازو منظر نامو آهي جنهن جي ڀٽن تي پوندڙ بارش سان اڄ به گاهه ۽ وليون ته ساڳيا ڦٽن ٿا پر سندس لوڪ جي ذهنن تي متضاد اثر پئجي چڪا آهن، جنهن جو اظهار هو مختلف نموني ڪن ٿا. سڏونت ۽ سارنگا جي محبت جي امين ڌرتي ۽ ڪاڇٻوپرمار جي لوڪ ڪهاڻي واري هن زمين جو رنگ ته ساڳيو آهي پر ان جو ڍنگ تبديل ٿي رهيو آهي. ڇهين صدي عيسوي ۾ ڀوڏي سوڍي طرفان ٺهرايل تلاءُ جيڪو ڀوڏيسر جي نالي سان مشهور آهي. سو پڪي ٿيڻ کان پوءِ اهو نه رهيو آهي. هي علائقو جيڪو مهاپرشن جو ٽڪرو هو سو هاڻ سياسي رانديگرن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي پاڻ ۾ ورهائي کنيل جاگير نظر اچي ٿو ۽ عام ماڻهو جي سلامتي ان ۾ ئي آهي ته اهو انهن ٻن قوتن مان ڪنهن جو نه ڪنهن جو ٿي رهي. جي نه ته هو پنهنجي ئي ڳوٺ ويندي پراون هٿان جنهن تلاشيءَ جو شڪار ٿئي ٿو تنهن مان گذرندي ساڻس ڪجهه به ٿئي ته ان جي پوئيواري ڪير ڪندو؟

خبر ناهي ڇو هن ڀيري ساڙ دري، انچليشور ۽ مرگهي ڪونڊ واري هن ماڳ تان موٽندي آئون سنڌ جي دنگن جي مالڪيءَ جي حوالي سان ڏاڍو اهم سوال کڻي موٽيس. جي نه ته پاڻ فطرت جي وسيع دائرن ۾ رُلندي اڪثر سماجي تلخين کي وساريندي رڳو رومانس کڻي موٽندڙ ماڻهو رهيا آهيون پر نه هن ڀيري ڪجهه مختلف ٿيو. مون جڏهن ننگر ۾ ڪاري رنگ جي ٻارڙن کي ٽوئرسٽن آڏو هٿ جهليندي يا پنهنجا ميرا وٽا وڌائيندي ڏٺو پئي تڏهن مون سوچيو پئي ته آخر ننگر جا اهي ڪٽ مست ڌاڙيوال ڪولهي ڪيڏانهن ويا جن کا سرنديءَ وارن جا ڪوٽ ڪنبندا هئا. اهي ڪولهي جن جنگيون وڙهي سوڍن جا راڄ بچايا پر اڳتي هلي ڪجهه سوڍن انگريزن کان جانيون بخشرائي جاگيرون ورتيون ۽ روپلي جي ڪـُڙم جا ڪٽ مست ڌوڪي جو شڪار ٿي ويا ۽ اڄ انهن جو نسل ڪسمپرسي جي حالت ۾ گذاري ٿو. ٿر سميت پوري سنڌ ۾ زندگي کي غربت باهه وانگر وڪوڙي وئي آهي ۽ ان ۾ وڌ ۾ وڌ جي ڪنهن جون حسرتون اڌوريون رهجي پيون وڃن ته اهي ٻارڙن جون آهن. ڪوڙن واعدن ۽ ڏڪارن جو ماريل ٿر، جنهن کي آخر ۾ هن ملڪ جو فرار ٿي ويل اڳوڻو وزيراعظم شوڪت عزيز به پنهنجي پر ۾ ٺڳيو ويو ۽ جن کيس هتي آندو اڄ مٺي، اسلام ڪوٽ کان ننگر جي ديوارن تي سندن نالن وارن نعرن تي وقت جي دز چڙهي ته چڪي آهي پر ڇا انهن جون جڙون ايتريون ڪمزور ٿيون آهن جو سندن جاءِ مسڪين جهان خان کوسي جهڙا ڪي ڪردار والاري سگهن؟ شايد اڃا اهو ممڪن نظر نٿو اچي. ڇو ته ٿر ۾ روڊ ته گهڙي آيا آهن پر هتي سياسي تبديلي وارو سوال مجموعي طور سڄي سنڌ جيان ڪورو آهي. ان ڪري سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سمورين حقيقي ڌرين کي ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ ٿر کي پنهنجي جدوجهد جي هڪ اهم حصي طور ايجنڊا ۾ آڻڻو پوندو. جي نه ته راڻن، اربابن ۽ شاهن جي جاگير طور رهندڙ هن علائقي جي ميگهواڙ، ڪولهي ۽ ڀيل کي کٽ تي ويهڻ وارو درجو اڃا تمام وڏو عرصو ملندي نظر ڪونه ٿو اچي.

هن علائقي ۾ غريب ذاتين لاءِ ڪجهه ڪرڻ ۽ کين عزت، مانُ مرتبو ڏيارڻ لاءِ ڪجهه سول سوسائٽي جي ادارن ڪم ڪيو ته آهي پر اهو ايترو ڪافي ناهي. ان ۾ سياسي تحريڪن کي پنهنجو ڀرپور حصو ڳڻائڻو پوندو، جنهن جي هن وقت تمام گهڻي ضرورت آهي نه ته شايد تمام گهڻي دير ٿي ويندي.

ٿر کي سجاڳيءَ جي نون گيتن جي ضرورت آهي. هتي محبتن جا جيڪي به قصا رهيا آهن انهن کي وري اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. پارڪر ۾ هاڻ وري اهي پراڻا گيت جهونگاري انهن کي نون سان هم آواز ڪيو وڃي جيئن هڪ پراڻو گيت هي به آهي ته: ”اي ماءُ! آئون ٻارنهن سالن کان پوءِ آيو آهيان پر هوءَ ڪٿي به نظر نٿي اچي. پرمار راجپوتن جي ڌيءَ، جاڙيجن راجپوتن جي ڪنيا، کائڙ جي وڻ تي پپيو ٻولي ٿو.“

محبت جي اهڙن گيتن سان گڏ ٿر سميت سڄي سنڌ کي تبديليءَ جي جنهن نئين گيت جي ضرورت آهي ان جي شروعات جي ٿر کان ٿئي ته ٻيو ڇا گهرجي؟ اهو ٿر جيڪو مارئي جي تمثيل ۾ اسان لاءِ وطن ۽ ويڙهيچن جي شناس آهي. ها ان ٿر لاءِ اهڙو ڪو گيت ته:

“Lives of great men all remind us

We can make our lives sublime

And departing leave behind us

Foot-prints on the sands of time.”

”مهاپرشن جا جيون اسان کي ياگيري ٿا ڏيارين ته اسين پنهنجي حياتي شاندار بنايون ۽ جڏهن هن دنيا مان لڏي وڃون، تڏهن وقت جي واريءَ مٿان پنهنجا نشان ڇڏي وڃون.“

ها سو هن ڀيري اها واري ڀنل خوشبوءَ سان واسيل هئي. منجهائنس ڪئين گل ۽ وليون ڦٽي نڪتا هئا. مارو هڪ حد تائين سندا هئا. ڪٿي ٻاجهر ۽ گوار جا فصل چڱا خاصا بيٺا هئا ته ڪٿي اڃا هارين هر سنڀاهيا پئي. هڪ زندگي هئي جنهن جو هٿ اميد جي مـُٺئي ۾ هو. بس پاڻ کي گڏجي جيڪڏهن ان زندگي لاءِ ڪجهه ڪرڻو آهي ته اهو، جو ان لاءِ تبديلي جو هڪ نئون گيت سرجڻو آهي. باقي ٿر سڄو سون آهي ماڻهوءَ کان وٺي مٽي تائين مقدس ۽ پراسرار...!!

laghariirshad@yahoo.com