|
Notes from Canada عمران خان جون ڪئناڊا ۾ ڪيل ڳالهيون فياض سومرو اخبارن جو تيز ۽ تکيون خبرون، ٽيڪاٽپڻي ڪندڙ ڪالم ۽ ٽي وي جا گجگوڙ ڪندڙ اينڪرمين، ٽاڪ شو ۽ وڌندڙ مهنگائي عوام کي اڀساهي ڏياري ان جو ساهه منجهائي رهيون آهن. جهڙو هي ملڪ آهي، تهڙي ئي ان جي اسٽيبلشمينٽ، سياستدان ۽ تهڙا ئي انهن جا بيان ۽ وعدا آهن. جهڙا روح تهڙا ختما واري ڳالهه لڳي پئي آهي. ڪالهه جيڪي دشمن هئا سي في الحال پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا آهن ۽ گڏيل پريس ڪانفرنسون ائين پيا ڪن ڄڻڪ جنم جنم جو پاڻ ۾ ناتو ۽ رشتو هئن. نواز شريف طرفان هر دفعي حڪومتي اتحاد کان الڳ ٿيڻ جي ڌمڪي ڏئي وري الڳ نه ٿيڻ مان سندس اقتدار لاءِ شوق ۽ بيوسي هڪ وقت ظاهر ٿين ٿا. ڇو جو سندس پارٽيءَ جي سرمائيدارن ۽ جاگيردارن کي به اقتدار کان پري رهڻ پسند نه آهي. اهو ته چڱو ٿيو جو جماعت اسلامي وارن اليڪشن ۾ حصو نه ورتو جو اڄ انهن مان هن پارليامينٽ جي جان ڇٽل آهي. هونئن به قاضي حسين احمد جي زنبيل ۾ فتوائن جهڙن بيانن ۽ ماضي جي مزارن ۽ خمارن جهڙين ڳالهين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. جماعت اسلامي وارا جنهن تي به ناراض ٿين ٿا ته ان تي ڪفر جو ملبو وجهي پاڻ سرخرو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ائين اهي مذهب ۽ عقيدي جي پنهنجي تعبير ڪڍي پنهنجي سياست چمڪائين ٿا. جڏهن هن ملڪ تي مارشلائن جا دؤر هئا يا ائين کڻي چئون ته واقعي به ”قيام“ جو وقت آيو هو ته پوءِ مون ۽ اي جي چانڊيو جهڙا هزارين ڪفر جي فتوائن هيٺ آيل ته ”قيام“ لاءِ جماعت سان گڏ اُٿي کڙا ٿيا هئا ۽ ايم آر ڊي جي تحريڪ دؤران هر ڏهاڙي رستن ۽ چواٽن تي پوليس جو لٺيون ۽ مارون کائيندا هئا. پر اهي ”قيام“ جي وقت، نام نهاد اميرالمومنين ضياءَ جي آڏو سجدي ۾ هليا ويندا هئا. جماعت اسلامي وارا ان زماني ۾ آمريت خلاف پيپلزپارٽي، جمهوريت ۽ ايم آر ڊيءَ جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ آمر ضياءَ جي تسبيح پڙهي مراقبي ۾ ويهڻ وڌيڪ پسند ڪندا هئا . تازو عمران خان به شوڪت خانم ميموريل اسپتال لاءِ چندو گڏ ڪرڻ لاءِ اتي ڪئناڊا آيل هو. هن پنهنجي تقرير ۾ نه رڳو جناب آصف زرداري، جنرل مشرف ۽ الطاف حسين تي ڏاڍي سخت تنقيد ڪئي پر ان سان گڏوگڏ نواز شريف تي به هلڪي انداز ۾ تنقيد ڪئي. هن چيو ته مشرف پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم وارن تان هزارين معاف ڪري ڇڏيا. هن ايم ڪيو ايم جي حوالي سان پنهنجا الزام ورجائيندي چيو ته سنڌ ۾ هاڻوڪي گورنر جا مبينه طور ۱۸ قتل ڪيل آهن. اهو به چيائين ته مون عوام سان واعدو ڪيو هو ته الطاف حسين جي خلاف اسڪاٽ لينڊ يارڊ ۾ ڪيس وڙهندس ۽ مان ان واعدي تي قائم آهيان ۽ توهان جلد ئي خوشخبري ٻڌندا. هن چيو ته چيف جسٽس جي ڪراچي اچڻ مهل گوليون مشرف جي چوڻ تي هلايون ويون هيون ۽ پوءِ هن جڏهن الطاف حسين کي بي نقاب ڪرڻ شروع ڪيو ته بقول عمران خان جي ته ماڻهن کيس چيو ته اهو وڏو دهشتگرد آهي، توهان کي به مارائي ڇڏيندو. هن چيو ته مون اڄ ڏينهن تائين ڪو به باڊي گارڊ نه رکيو آهي ۽ نه ئي رکندس. ڀلي ايم ڪيو ايم وارا مون کي مارائي ڇڏين. هن اهو به چيو ته اسان وٽ جانورن جي سطح جا ماڻهو سياست ڪري رهيا آهن . هن وڌيڪ چيو ته هاڻوڪن سڀني سياستدانن جي خلاف آهيان پر نواز شريف جي حوالي سان وقتي طور تي نرم رويو رکيو اٿم. ڇالاءِ جو ججن جي بحالي لاءِ اهو به اسان جهڙو موقف رکي ٿو. هن جي بقول جج بحال ٿيا ته اليڪشن ڪميشن به آزاد ٿيندي ۽ پوءِ آزاد ۽ منصفاڻين چونڊن جي نتيجي ۾ عوام جا حقيقي نمائيندا چونڊجي ايندا ته پوءِ جمهوريت هلائڻ لاءِ شارٽ ڪٽ عزيز جهڙن کي امپورٽ ڪرڻ جي ضرورت به نه پوندي. هن چيو ته شوڪت عزيز پنهنجي دؤر ۾ ۵۵ ارب رپين جا قرض معاف ڪيا سي به رڳو چوڌرين، جاگيردارن، اميرن ۽ سرمائيدارن جا. هن چيو ته مشرف پاڻ پنهنجي ڪتاب ۾ اعتراف ڪيو آهي ته هن سوين ماڻهون پڪڙي آمريڪا جي حوالي ڪيا آهن. هن چيو ته صدر جنرل پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ ماڻهو پڪڙي آمريڪا جي حوالي ڪيا آهن. ائين ڪري مشرف آئين جي آرٽيڪل ۴ جي کليل خلاف ورزي ڪئي آهي ۽ اهو به ته آئين ٽوڙڻ وارن کي هر حال ۾ سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته عوام کي مُڪون ڏيکارڻ وارو جنرل مشرف آمريڪا جا بوٽ پاليش ڪري ٿو. هن چيو ته ماڻهو مونکي چون ٿا ته تون فلاحي ڪم سٺي نموني سان ڪري رهيو آهين، تنهنڪري ان ڪم ۾ ئي لڳو رهه ته تنهنجي لاءِ بهتر آهي. هن چيو ته مولانا ڊيزل ۽ چند چوڌري سڄو ملڪ کي لٽي کائيندا پيا وڃن ۽ توهان چؤ ٿا ته مان سوشل ورڪ کي لڳو رهان. هن چيو ته پوءِ آخر حڪومت جو ڪهڙو ڪم آهي. جيڪڏهن اسڪول ۽ اسپتالون به مونکي ئي ٺهرائڻيون آهن ته پوءِ حڪومت به اسان جي حوالي ڪريو. پوءِ اسين نه رڳو سوشل ورڪ ڪنداسين بلڪ هن ملڪ کي فلاحي رياست ٺاهي ڇڏينداسين . عمران خان جي ڳالهين کي ٻڌي ائين لڳو ته ڄڻڪ اسٽيبلشمينٽ آصف زرداري ۽ نوازشريف جو متبادل ڳولڻ جي ڪوششن ۾ آهي. ڇالاءِ جو مستقبل ۾ وڪيلن ۽ ساڄي ڌر جي پارٽين کي عمران خان جي چؤگرد گڏ ڪري ڪجهه وقت لاءِ اقتدار کيس ڏيڻ جي ڪوشش ٿي سگهي ٿي. جنهن ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو ئي جهالت هجي. جتي تعليم جي شرح تمام گهٽ هجي، سماجي ۽ معاشي حوالي سان معاشرو پستيءَ جو شڪار هجي، اتي ديومالائي ۽ معابعدطبعياتي رجحانن جي اڀرڻ کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ڇالاءِ جو سخت مايوسي ۽ بدحاليءَ ۾ وڪوڙيل ماڻهن طرفان اهڙي ڪيفيت ۾ هليو وڃڻ سان عام ماڻهن کي هڪڙي قسم جو دلاسو، آرام ۽ سڪون ملي ويندو آهي. ائين عام خلق هلندڙ صورتحال مان بيزار ٿي ماضيءَ جي خمارن ڏانهن موٽ کائيندي مختلف عقيدي پرست ڳالهين، عدل انصاف ڪرڻ جهڙين ٻڌل ڪهاڻين، پرين، شهزادن ۽ شهزادين جي آکاڻين ۽ ڪردارن جهڙين ڳالهين ۾ گم ٿي وڃڻ ۽ انهن تحت ڪو حل يا آسرو ملڻ جي ڪوشش ۾ اهي ان طرف راغب ٿي ويندا آهن. عمران خان جيڪو ڪلاسيڪل قدامت پرستي ۽ سخت مزاج روش جو گڏيل نمونو ۽ مجموعو آهي. اهڙي پسمنظر ۾ ساڄي ڌر، وچئين طبقي جي وڏي حصي، مذهبي ، خدمت پرستيءَ جي قوتن کي ڄڻ ته عمران خان جي شڪل ۾ هڪ قسم جو شهزادو گلفام ملي ويو آهي. سندس ڪرڪيٽ شاندار هئي، عالمي ڪرڪيٽ ڪپ جو هيرو هو، شوڪت خانم اسپتال، سماجي سرگرميون، سوشل ورڪ ۽ سندس شخصيت کي ڏسي ماڻهو عمران خان کي ڇوٽڪارو ڏياريندڙ سمجهي ان طرف راغب ٿي سگهي ٿا. جيڪو پاڻ به پنهنجي سياسي بيانن مان محسوس ڪرائيندو هجي ته اهو نيڪي ۽ بدي جي جنگ ۾ برائي کي شڪست ڏيئي ڇڏيندو ۽ خوشحالي ۽ خوشيون اچي عوام جا قدم چمنديون. پوءِ ڀلي صورتحال ساڳي يعني ساڳيان لاٽون، ساڳيا چڳهه واري ئي رهي. ظاهر آهي ته اسٽيبلشمينٽ جا سنجيده حصا ۽ پاليسي ساز ان مفروضي کي اهڙي طرح ڪو نه ڏسندا هوندا. پر اهي پنهنجي مستقل مفادن، رتبي جي تحفظ ۽ اقتدار تي دائمي قبضي جي منصوبابنديءَ جي طور تي ڏسندي عمل ڪندا هوندا. اهو ئي سبب آهي عمران خان هاڻوڪي حڪومت جي ٻاراڻين پاليسين سبب پيدا ٿيندڙ مايوسيءَ کي محسوس ڪندي مختلف مامرن ۽ اشوز سان گڏوگڏ عدليا جي مسئلي کي کڻي ۽ باقي سياستدانن تي نااهليت، عوام سان سچي نه هئڻ ۽ ڪرپشن جا الزام هڻي، پنهنجي شخصيت ۽ اهميت کي تيزي سان اڀاري رهيو آهي. توڻي جو هن وٽ به ملڪ جي مسئلن جو ڪو حل يا نبيرو ڪو نه آهي. اهو به اسپتال، ڪاليج ٺاهڻ، سماجي ڪم، چندو ۽ خيرات، پاڪستانيت، جنونيت، قدام پرستي ۽ آمريڪا وٽ پاڪستاني قيدي عورت عافيا صديقيءَ جي حوالي سان غيرتمندي جي جذبن کي اڀارڻ جهڙن طريقن سان عوام کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيو آهي. مٿان وري هاڻوڪي حڪومت جا ٿڪل عمل ۽ پاليسيون، جيڪي ظاهر آهي ته بيوروڪريسيءَ ئي هن حڪومت کي ٺاهي ڏنيون آهن جي ڪري به عمران کي فائدو پهچي رهيو آهي.امڪان آهن ته اسٽيبلشمينٽ به وڪيلن سميت عمران خان کي ڍال طور استعمال ڪرڻ آڻڻ جي ڪوشش ڪري. ان لاءِ اها عمران خان کي اڃان به وڌيڪ مقبوليت ۽ پبلسٽي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندي ته جيئن عمران خان ڏانهن عوام جون خوشفهميون اڃان به وڌن. تنهنڪري اهو امڪان آهي ته عمران خان رائٽ جي ونگ حصن، ساڄي ڌر جي ڪجهه ليڊرن ۽ ڪجهه ٻين ڌرين جي ٽيڪر تي هاڻوڪي حڪومت کي اڳتي هلي اڃان به وڌيڪ ٽف ٽائيم ڏيئي. عمران خان جنهن پنهنجي سياست جو سفر سياست کان نفرت ۽ سياسي پارٽي نه ٺاهڻ کان شروع ڪيو هو سو اچ پاڻ نه رڳو پنهنجي سياسي پارٽي ٺاهي چڪو آهي، بلڪ پاڻ به عملي سياستدان ٿي چڪو آهي. اڳ اهو پاڻ کي سٺو ڪرڪيٽر ۽ بهترين ڪئپٽن ثابت ڪري چڪو آهي ۽ سندس طرفان هلندڙ صورتحال تي هاڻوڪي حڪومت ۽ سياستدانن خلاف بيان بازي به سندس سياست ۾ مهارت کي ظاهر ڪري ٿي. جيڪڏهن مستقبل ۾ امڪاني طور تي عمران خان اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو ته پوءِ سندس سخت مزاج آڙيڪاپ شخصيت ۽ قدامت پرستي سبب سنڌ جي قومي حقن ۽ ان لاءِ جاکوڙ کي کي سخت نقصان پهچي سگهي ٿو. عمران خان طرفان هن حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جي صورت ۾ هاڻوڪي حڪومت طرفان ان کي بيوروڪريٽڪ انداز سان حل ڪرڻ جي صورت ۾ هاڻوڪي حڪومت کي پاڻ وڌيڪ نقصان پهچڻ جو امڪان آهي. تنهنڪري هن حڪومت کي کيس سياسي انداز سان ئي ڊيل ڪرڻ گهرجي ۽ سندس مقابلي ۾ ٻيو ڪو ڪرڪيٽر آڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي سياسي نمونن سان کيس منهن ڏيڻ گهرجي. هن ملڪ جي سياسي روايت رهي آهي ته سياسي مفادن جي منڊيءَ ۾ جيت سدائين حڪومت جي ٿيندي آهي. آمريڪا ۽ هاڻوڪي سپهه سالار جي خاموشيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان کي جنرل مشرف جي وڃڻ تي ڪو به اعتراض ناهي. ڇو جو سپهه سالار کي جيڪڏهن ان ڳالهه تي اعتراض هجي ها ته پوءِ اهو حڪومت کي اهڙو پيغام ضرور موڪلي ها ۽ هاڻوڪي حڪومت مشرف جي مواخذي ڪرڻ واري خفي ۾ ئي نه پوي ها. عوام ته ۱۸ فيبروري تي مشرف خلاف اڳواٽ ئي فيصلو ڏيئي چڪو آهي. مختصر اهو ته صدر مشرف خلاف مواخذي جي ڪهاڻي پنهنجو آخري موڙ هاڻي رڳو اهو ڏسڻو آهي ته اُٺ ڪهڙي پاسي ٿو ويهي. (نوٽ؛ هي آرٽيڪل جنرل مشرف جي استعيفيٰ کان اڳ جو لکيل آهي. انچارج ايڊيٽوريل صفحو) |