Sharing Economic Perspectives

مشرف کانپوءِ ملڪي معيشت جو مستقبل ڇا آهي؟

ظفر امام


                مشرف جي استعيفى کانپوءِ خوڪار طريقي سان سڀ ڪجهه ٺيڪ ناهي ٿيڻو. خاص طور تي پاڪستاني معيشت وارو  پاسو انتهائي خطرناڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ هن ملڪ جي معيشت جو ڏيوالو نڪرڻ وارو ئي آهي. مشرف جي استعيفى هڪ وچين درجي جي سياسي فتح آهي. هن ملڪ جا ڪجهه ٻيا بحران اهڙا آهن جيڪي مشرف واري مسئلي کان به سنگين آهن، انهن مان سڀ کان اهم معاشي صورتحال آهي ۽ پوءِ دهشتگردي خلاف جنگ.

هن حڪومت وٽ  اهو ڪهڙو جادو ٽوڻو آهي جنهن سان ملڪ جي معاشي بحران کي منهن ڏئي سگهجي؟ اٽي ، لٽي ۽ اجهي جو بندوبست ڪرڻ هن دور جو سڀ کان وڏو معرڪو آهي. مشرف جي استعيفى کانپوءِ ملڪي معاشي صورتحال بهتر ٿيڻ جا ڪيترا امڪان آهن؟ هيءَ حڪومت معاشي صورتحال کي بهتر ڪري سگهڻ جي پوزيشن ۾ آهي يا نه؟ هن ملڪ جي ان عوام جو ڇا ٿيندو جيڪو هاڻي هڪ ويلي جي مانيءَ ڳڀي لاءِ به سخت پريشان آهي!

جنهن معاشي اسڪول آف ٿاٽ جا  اڪانامڪ مئنيجرز پيپلزپارٽي ۽ مجموعي طور تي حڪمران اتحاد وٽ آهن، ان ئي اسڪول آف ٿاٽ جا اڪانامڪ مئنيجرز مشرف وٽ هئا. شوڪت عزيز ، اسحاق ڊار ۽ نويد قمر کي هڪ ٽيبل تي ويهاريو ۽ کين پاڪستاني معاشي بحران جو حل تلاش ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏيو. سوچ ويچار کانپوءِ هي سڀئي همراهه ساڳيا ئي نتيجا ۽ پاليسيو ن کڻي سامهون ايندا. ان جو ثبوت اهو آهي جو نويد قمر به نجڪاري کي اڃا تائين ايئن ئي معيشت جي لاءِ بهتر سمجهي ٿو جيئن شوڪت عزيز سمجهندو هو. هو ته چئي چڪو آهي جو هاڻي انتهائي تيزيءَ سان نجڪاري ڪرڻي پوندي. هن وقت پيپلزپارٽي جن معاشي پاليسين کي لاڳو ڪيو ويٺي آهي، اُهي ساڳيون ئي مشرف شوڪت  حڪومت واريون آهن. انهن ۾ ڪو فرق ناهي. ڇو ته ٻنهي حڪومتن ۾ پاڪستان جو معاشي پلان هتي ويهي نه ٺاهيو ويو ، پر ٻاهر کان امپورٽ ڪيو ويو . ان معاشي ماڊل کي آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ، ڪجهه طاقتور مالياتي ادارن ۽ عالمي سرمائيدارن ويهي ڊزائن ڪيو آهي. اهو ئي ساڳيو معاشي ماڊل هن وقت بنگلاديشن، سري لنڪا، ڀوٽان، هندستان ۽ ٽين دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ لاڳو آهي. انهن سڀني ملڪن اندر بک۽ بدحالي جي شدت ڏسي سگهجي ٿي.

آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ۽ عالمي مالياتي ادارا سڌي ريت هن ملڪ جي ڪروڙين عوام جي قسمت کي طئي ڪري رهيا آهن. اهي بنا ڪنهن رنڊڪ جي اسان جو معاشي قتل عام ڪري رهيا آهن. کين رياست ۽ حڪومت پاران کليل ڇوٽ مليل آهي. تيل ۽ خوراڪ تي سبسڊي واپس وٺڻ جي صلاح ڪنهن جي هئي؟ اها صلاح انهن ئي عالمي ادارن جي هئي. نويد قمر کي ته چيو هئائون ته هڪدم سموري سبسڊي واپس وٺو. اسان جي هن جمهوري حڪمرانن اسان تي اهو ٿورو ڪيو جو هڪدم نه پر مرحليوار سبسڊي واپس وٺڻ شروع ڪئي اٿائون.

سموري دنيا اندر انهن معاشي پاليسين جي حمايتين وٽ  ملڪن جي معيشتن کي سڌارڻ لاءِ جيڪي سـُتيون ۽ ڦڪيون آهن، انهن مان سڀ کان اهم آهي DFI يعني سڌي بيروني سرمائيڪاري. ان ساڳي فارمولي کي ئي سموري معيشت جي استحڪام جو بڻ بڻياد تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ سمورو زور ان تي ئي ڏنو وڃي ٿو. حيرت آهي ته هن ملڪ ۾ جيتري بيروني سرمائيڪاري وڌي آهي، ايتري ئي بيروزگاري وڌي آهي، ايتري ئي غربت وڌي آهي. پيپلزپارٽي ۽ ق ليگ جن ساڳي ئي معاشي پاليسين تي عمل ڪندا رهيا آهن، ان معاشي طرز جو عمومي سماجي ترقي سان ڪو به واسطو نه آهي. هن معاشي ماڊل ۾ هڪ مخصوص طبقو تمام گهڻي ترقي ڪندو آهي ۽ اڪثريت عوام جي رت ست تي پلجندو آهي. جڏهن اهو طبقو کائي پيئي الٽي ڪندو آهي، تڏهن ان اُلٽيءَ مان ئي عوام کي ڪجهه ميڙڻ جي لاءِ چيو ويندو آهي. اهو آهي ٽرڪل ڊائون Effect .

هاڻ جڏهن مشرف نه رهيو آهي، ۽ معيشت جو ڏيوالو نڪرڻ ئي وارو آهي، تڏهن هن حڪومت کي نه صرف معيشت کي ٺيڪ ڪرڻو آهي پر عوام جي لاءِ اٽي، لٽي ۽ اجهي جو بندوبست به ڪرڻو آهي. پر  هيءَ حڪومت ايئن نه ڪري سگهندي. مهانگائي بلڪل به نه گهٽجندي، بيروزگاري ايئن ئي سماج جو ٻرندڙ مسئلو رهندي، ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ٿيڻ بجاءِ اڃا هيٺ ڪرندو. معاشي تنگي جي ڪري غربت ۾ بيپناهه اضافو ٿيندو. صرف ڇهن مهينن کانپوءِ توهان انفليشن جي شرح کي 30 سيڪڙو جي حد پار ڪندي ڏسندوَ. هونءَ ته انفليشن ان کان به وڌيڪ آهي، پر سرڪار موجب هن وقت 24 سيڪڙو آهي. ڇهن مهينن کانپوءِ اها سرڪاري انگن اکرن موجب 30 سيڪڙو کي پار ڪندي، ممڪن آهن 40 سيڪڙو تائين وڃي پهچي. هاڻي هي ڪالم لکئون ٿا، ڇهن مهينن کانپوءِ وري ان صورتحال جو جائزو وٺنداسين،  توهان ڏسندوَ ته ڳالهه صفا ڳري ٿي چڪي هوندي. ان مهانگائي جي بار هيٺ دٻجي عوام مزاحمت ڪري سگهي ٿو، ان ڳالهه جا واضع امڪان آهن ته هن ئي حڪومت سان عوام منهن مقابل ٿيندو. آخرڪار آزاد عدليه، سول سوسائٽي، آئين ۽ قانون کائي ته ماڻهو جيئرا نه ٿا رهن، کين پنهنجي زندگين ۾ ٺوس مادي تبديليون گهرجن، نه ڪي ڪاسميٽڪ اصلاحون.

تجارتي خسارو روز نوان رڪارڊ قائم ڪري رهيو آهي. ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو به رڪارڊ مٿان رڪارڊ رقم ڪري رهيو آهي. جڏهن به اهو تجارتي خسارو وڌي ويندو آهي، تڏهن ملڪ اندر امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ جو بئلنس بگڙجي ويندو آهي ۽ نتيجي طور هڪ ته روپئي جي قيمت ۾ لاٿ ايندي آهي، ٻيو وري انفليشن جو وڌڻ اڻٽر بڻجي ويندو آهي. حڪومت کي بئنڪن مان قرض کڻڻا پوندا آهن، يا وري آءِ ايم ايف جي آڏو قرض لاءِ ٻاڏائڻو پوندو آهي. پيپلزپارٽي ۽ اتحادي حڪومت وٽ ڪوئي به اهڙو طريقو ناهي جو  اهي 20 بلين ڊالرز جيترو تجارتي  خسارو پورو ڪري سگهن. امريڪي امداد جي سهاري ته اڄ تائين هيءَ معيشت هلندي رهي هئي، پر هاڻي ڳالهه ان کان به زور ٿي وئي آهي. ڪا واٽ ڪونهي، سواءِ قرض کڻڻ جي. تنهنڪري هيءَ ڳالهه به هتي رڪارڊ تي رکي ٿا ڇڏيون ته جلد ئي حڪومت آءِ ايم ايف ڏانهن قرض کڻڻ جي لاءِ ڊوڙ پائيندي، اسان سڀني کي گروي رکندي ۽ ”آسان شرطن“ تي قرض کڻي ايندي.

بيروزگاري کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جيڪي اخبارن ۾ نوڪرين جا اشتهار ڇپجي رهيا آهن انهن مان اڪثر نوڪريون هڪ ته عارضي آهن ٻيو وري اهي ناڪافي آهن. ملڪ اندر حڪومتي دعوائن جي ابتڙ هن وقت بيروزگارن جي اڪثريت نوجوانن جي آهي ۽ اهو انگ گذريل سال ساڍا ٽي ڪروڙ هئو ته هاڻي وري لڳ ڀڳ چار ڪروڙ تائين اچي پهتو آهي. ايتري وڏي آبادي کي ڪرڻ لاءِ ڪو ڪم به ڪونهي، ۽ اهو ورڪ فورس ايئن ئي ضايع ٿي رهيو آهي. اها نااهلي آهي هن سرمائي جي نظام جي، جو  ماڻهن کي روزگاري ڏي ها ته ان ۾ سندس ئي ڀلائي هئي. پر، دراصل، ٽيڪنالاجي جي ذريعي گهٽ کان گهٽ ماڻهن کان وڌ کان وڌ ڪم وٺڻ واري سرمائيدار جي موقعا پرستي ئي ايتري وسيع بيروزگاري کي جنم ڏنو آهي.

هن حڪومت جي حوالي سان اها ڳالهه يقين سان چئي سگهجي ٿي ته ان جي جاري ڪيل معاشي پاليسين  جي ڪري عوام اندر ايندڙ وقت ۾ شديد بيچيني جنم وٺندي. اها ڳالهه يقين سان چئي سگهجي ٿي ته ايندڙ ڇهن مهينن اندر ملڪي  معيشت تباهي جي انتهائن کي ڇهي رهي هوندي . هن حڪومت ۽ خاص طور تي پيپلزپارٽي کي وري هڪ ڀيرو ٻيهر غور ڪرڻ گهرجي ته اها ڪهڙي ڌٻڻ ۾ اچي ڦاٿي آهي . عوام جي سياسي شعور ۾ ايندڙ دور جي خراب معاشي صورتحال وڏو اضافو آڻي سگهي ٿي. انهن معاشي پاليسين جي ڪري ملڪ جي اڪثريتي عوام جي ڄڻ ته قبر کوٽي پئي وڃي.

مشرف جي استعيفى کانپوءِ روپئي جي ملهه ۾ جيڪو اضافو ٿيو ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج  انڊيڪس 461 پوائنٽس وڌي وئي، اهو هڪ وقتي رد عمل جو نتيجو هو. ايندڙ ڏينهن ۾ اها غيريقيني  واري صورتحال بهرحال موجود رهندي، ۽ ان وقت اضافي جا اثر  ايندڙ ڇهن اٺن مهينن تي پنهنجي ضد ۾ تبديل ٿي ويندا. اسٽاڪ ايڪسچينج اندر جيڪي تمام وڏا بروڪر آهن انهن جا عالمي شاهينگن سان رابطا آهن ۽ ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج سميت ملڪ جون ٻيون اسٽاڪ ايڪسچينجز مافيائن جي ور چڙهيل آهن. ان ۾ شوڪت ۽ مشرف جا پاليل سانَ به آهن جيڪي اڪثر جڏهن پاڻ ۾ وڙهندا آهن ته اڪثر ٻوڙا لتاڙجي ويندا آهن. ان اسٽاڪس واري جوا ۾ هيل تائين جيڪو نقصان ٿيو آهي اهو پڻ ملڪي تاريخ جو رڪارڊ نقصان آهي.

دراصل معيشت ۾بهتري هاڻي انهن طريقن سان نه ايندي جيڪي شوڪت عزيز  آزمايا هئا. هن حڪومت کي سنجيدگي سان غور ويچار ڪرڻ گهرجي، ته آخر ڪجهه بلين ڊالرز جي امداد جي ڪري نه صرف اسان پنهنجي مستقبل کي داوَ تي لڳائي رهيا آهيون پر ان سان گڏ پنهنجي عوام کي عالمي سرمائيدار مافيائن جي رحم ڪرم تي ڇڏي رهيا آهيون.

ايندڙ وقت جو معاشي تناظر ڪو چڱو نه آهي. غربت، بيروزگاري، بدحالي سميت ڪيتريون ئي سوشو اڪانامڪ بلائون ته هونءَ ئي اسان جو انتظار ڪري رهيون آهن، پر مئڪرو اڪانامڪس اندر به ڪن وڏين تبديلين اچڻ جي اميد ڪونهي، تنهنڪري بحران در بحران مان گذرندا رهنداسين. ڪي هٿرادو طريقا استعمال ڪري بحران کي ٽارڻ ڏاڍو خطرناڪ ثابت ٿيندو. اها به پڪ آهي ته حڪومت اهڙا هٿراڌو طريقو استعمال ڪندي. پر انهن جو مطلب اهو ٿيندو ته توهان بحران کي في الحال ته ٽاري رهيا آهيو پر ايندڙ وقت جي لاءِ ان کان به وڏو ۽ شديد معاشي بحران تخليق ڪري رهيا آهيو.

zafarimam301@hotmail.com