عبرت آرٽيڪل
ننڍي کنڊ جو وڏو ماڻهو
خالد ڪنڀار
سمنڊ ڪناري تي ڪاٺياواڙ ۾ ممبئي ۽ ڪراچي جي وچ تي سمنڊ جي ڌيمين ڌيمين ڇولين جو آواز هن جي ڪنن ڪائنات ۾ ايندي پهرين پهرين ٻڌو هو. هو پور بندر تي ڄائو هو. هن جو ڏاڏو اتمچند پوربندر رياست جو وڏو وزير هو، انهي کانپوءِ اتمچند جو پٽ ڪرمچند انهي بندر جو وڏو وزير ٿيو هو ۽ پوءِ ساڳيو عهدو سندس ڀاءُ تلسيداس کي مليو، اهو هنن جي خاندان جي موروثي ملڪيت هو. پر گانڌي انهي عهدي جي غلامي کان محفوظ رهيو. هن جو وهانءُ هن جي ٻاروتڻ ۾ 13 سالن جي عمر ۾ ڪستوري ٻائي سان چونري جا ڦيرا کائي ٿيو. هو طبيعت ۾ شرميلو هو. پنهنجو پاڻ تي اعتماد واري هٿيار کان هو شروع ۾ محروم رهيو. هو پاڻ چوندو هو ته مونکي ڊپ ٿو ٿئي متان ڪير مون تي چرچو نه ڪري، هن کي ٻارهن سالن جي عمرکان ٻيڙيون ڇڪڻ جي هير هئي، انهي ڪري هو پئسا پيءُ ۽ ڀاءُ جي کيسن مان چوري ڪندو هو هن پاڻ لکيو آهي ته مان ننڍپڻ ۾ چورن، ڀوتن ۽ بلائن کان ڊڄندو هئس. قد جو ننڍڙو ۽ هاٺي ۾ سنهڙو،هن جا وار ڪارا ٿلها هئا، ساڄي پاسي سينڌ ڪڍندو هو. هن جا ڪن وڏا ۽ نڪ نوڪدار هو. هن جا چپ ۽ اکيون اثر رکندڙ هئا. گانڌي ٻاهر کليل هوا ۾ پنڌ ڪرڻ جو عادي هو. پنڌ ڪرڻ مهل هو پنهنجي ٻانهن جو سهارو يا نوجوان ڇوڪرن جي ڪلهن کي بڻائيندو هو يا نوجوان نينگرين جي ڪلهن کي هن ڪيترا ئي ميل پنڌ نوجوان ڇوڪرن ۽ نينگرين جي ڪلهن تي ٻاهون رکي ڪيو هوندو. هن مذهب جي غلامي ته تڏهين ئي ادولي ڇڏي هئي جڏهن هن ندي جي ڪناري تي نويڪلائي ۾ ويهي شيخ مهتاب سان گڏجي گوشت کاڌو هو ۽ انهي رات هن ڪيترا ئي ڀيرا خواب ۾ ڏٺو هو ته هن جي پيٽ ۾ زنده ٻڪرو رڙي رهيو آهي. پهرين ته هو لڪي گوشت کائيندو هو پر ماءُ پي جي موت بعد هو کلم کليو گوشت کائيندو هو. هن کي مندرن جو دٻدٻو ته ڪونه وڻندو هو پر هن جو خدا ۾ ايمان به ڪمزور هو. هن کي انهن سوالن جا ڪوبه تسلي بخش جواب ڏئي نه سگهيو ته دنيا ڪنهن پيدا ڪئي ۽ انهي کي ڪير هلائي رهيو آهي؟ گانڌي ماڌ واڻيا برادري جو هو ۽ هن برادري جو ڪوبه شخص هيل تائين ولايت نه ويو هو. هن جي ولايت بئريسٽر ٿيڻ لئه وڃڻ واري فيصلي جي سندس چاچي مخالفت ڪئي ته ولايت مان جيڪو پڙهي ايندو اهو گورن جهڙو بي حيا ٿيندو نيٺ هن کان قسم کڻايو ويو ته هو اتي وڃي شراب، ڇوڪرين ۽ گوشت کي ويجهو نه ويندو. انهي شرط سان هن کي ولايت لنڊن وڃڻ جي اجازت ملي. هن جي ولايت وڃڻ واري فيصلي جي هنن جي برادري مخالفت ڪئي پر هي پنهنجي ارادي تي بيٺو رهيو. نتيجن هن کي برادري مان نيڪالي ڏني وئي. انهن ڏينهن ۾ گانڌي جي عمر 19 سال هئي. گانڌي انگلينڊ ۾ راڳ ۽ ساز وڄائڻ جي سکيا وٺڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي هئي. هن انگلينڊ ۾ ماءُ جي ڏنل وچن کي پاڙڻ لئه گوشت جي ٻوٽي به وات ۾ ڪونه وڌي. مائيٽن کي به منع ڪيائين ته هو انهي کي مٺايون موڪليندا هئا هن چيو ذائقي جو مرڪز دل آهي نه دماغ. هن اتي پنهنجو پاڻ کاڌو پچائڻ سکي ورتو هو، انگلينڊ وارن ڏينهن ۾ هو لکي ٿو ته جڏهن آئون مايوس ٿيندو هئس يا ڪا ناڪامي اچي ورائيندي هئي ته منهنجي اميد جو آخري ڪنارو گيتا جو ڪتاب هو. هو اتان وري ڀاڃي خور بڻجي پيو. 10 جون 1891 تي هن کي بئريسٽري جي سند ملي ۽ 12 جون تي هو بمبئي ڏانهن رونو ٿيو. هن جي انگلينڊ وڃڻ کانپوءِ هن جو ڄايل پٽ هري لعل هن جي واپسي تائين چئن سالن جو ٿي چڪو هو. هن جي ماءُ مري چڪي هئي. هن جي زال ڪستور ٻائي ڦوهه جواني کي پهتي هئي ۽ هن جو حسن جواني نکاري ڇڏيو هو. انهي حسن جي نکرڻ ڪري گانڌي جي هن سان رقابت به وڌي وئي هئي. هڪ دفعي انهن جو اهڙو جهيڙو ٿيو جو هن ڪستوري ٻائي کي گهران ڪڍي ڇڏيو هو ۽ هو پور بندر هلي وئي هئي. هڪڙي وڪيل جي حيثيت ۾ هن راجڪوٽ ۽ بمبئي ۾ پنهنجي قسمت آزمائي پر ٻنهي هندن تي مڪمل ناڪام ويو. ممبئي ۾ هن کي هڪڙو 30 روپين وارو ڪيس مليو پر هن کي ڳالهائڻ جي همٿ ئي ڪونه ٿي انهي ڪري هن اهو ڪيس به هڪ دوست جي حوالي ڪري اچي پور بندر ۾ اتي جي راجڪمار جي قانوني مسئلن ۾ مدد ڪرڻ لڳو. گانڌي هڪڙو ناڪام وڪيل، ڊڄڻو احساس محرومي جو بيمار ساڙيلو پنهنجي زال تي به شڪ ڪندڙ هو. هڪڙي پوليٽيڪل ايجنٽ کي ڀاءُ جي سفارش ڪرڻ ويو ته هن کي پور بندر جو وڏو وزير ڪري هن جي پي ۽ ڏاڏي وانگر پر انهي ايجنٽ اها ڳالهه نه مڃي ته به هن بحث جاري رکيو. انهي تي انهي پوليٽيڪل ايجنٽ چپڙاسي جي هٿان هن کي ٺيلها ڏئي ٻاهر ڪڍيو. اها هن جي پهرين تذليل هئي جيڪا انگريزن ڪئي.
انهي کانپوءِ پوربندر جي ڪجهه مسلمان واپارين هن کي پنهنجي وڪيل جي حيثيت سان آفريڪا وڃڻ جي آڇ ڪئي جيڪا هن قبول ڪئي. اتي وري آفريڪا ۾ هن سان انهي قسم جو ٻيو واقعو پيش آيو. هن ريل ۾ چڙهڻ لئه فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ ورتي ۽ هو انهي ڏٻي ۾ ويٺو هو جو مارٽز برگ اسٽيشن وٽ هڪڙو گورو ڏٻي ۾ چڙهي آيو. اتي هڪڙي سانوري کي ويٺل ڏسي باهه ٿي ويو ۽ ريل جي هڪ عملدار کي وٺي آيو انهي عملدار گانڌي کي حڪم ڪيو ته هو هن ڏٻي مان لهي وڃي ٿرڊ ڪلاس ۾ چڙهي گانڌي اعتراض ڪيو ته هن وٽ فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ آهي پو هو ڇو نه اتي ويٺو رهي، هو ويٺو رهيو هو ويا هڪ سپاهي کي وٺي آيا، جنهن گانڌي جو سامان پليٽ فارم تي اڇلايو ۽ هن کي ٺيلها ڏئي لاهي ڇڏيو. هو ٿرڊ ڪلاس ڏٻي ۾ چڙهي ٿي سگهيو پر هن ائين نه ڪيو ۽ اتي انتظار گاهه ۾ ويٺو رهيو. هو سياري جي اها سڄي رات انهي انتظار گاهه ۾ ويٺو رهيو ۽ ڪوٽ به نه پاتائين، جيڪو هن وٽ پيو به هو اهو سڄي رات هو سوچيندو رهيو. انهن ٻن واقعن هن ماڻهو کي اندران ئي اندران سڄو تبديل ڪري ڇڏيو اهو هن جو ٽٽڻ چئجي يا ٺهڻ پر اتان کان گانڌي، جيڪو مهاتما وارو اندر جو سفر شروع ٿيو هو هڪڙي ڀاڙئي مان بهادر ۽ ناڪام مان ڪامياب ٿيو. اهو هن جو ٻيو جنم هو. هو آفريڪا آيو ته هڪ سال لئه هو پر پوءِ يڪو 21 سال 1893کان 1914 تائين اتي رهيو. هي اتي ئي ڀُريو ۽ اتي ئي ٺهيو، اتي هي مڪمل وڪيل بڻجي ويو. انهي واقعي کانپوءِ هن هڪ هفتي اندر ئي هندستانين جي ميٽنگ ڪوٺائي. اتي ئي هن پهرين تقرير ڪئي. هن جو ميڙ ۾ تقرير ڪرڻ جو پهريو تجربو هو. هن جي ساري هٻڪ غائب ٿي وئي. هن پنهنجي آپ بيتي تلاش حق ۾ لکيو آهي ته ڪيئن هڪڙو انسان ٻئي انسان کي آزارڻ ۽ بي عزتي ڪرڻ ۾ پنهنجي عزت ٿو سمجهي. هندستاني 1860 کان آفريڪا ۾ اچڻ شروع ٿيا هنن انهن ٻنين تي مزوري ٿي ڪئي جن تي شيدي مزوري ڪرڻ لئه تيار ڪونه هئا. هنن جي اتي حيثيت غلامن واري هئي. انهن غلامن جي نجات واري مقصد جي حاصلات لئه هي هندستان ٻاروٺڻ ويو ۽ اتي هو هندستانين کي آفريڪا ۾ رهندڙ هندستانين جا سور به سڻائي آيو.آفريڪا ورندي جڏهن گانڌي وارو جهاز ڊرين پهتو، انهي وقت ٻيو به هندستانين سان ڀريل جهاز اتي پهتو، هو انهي تي گانڌي تي اهو الزام لڳو ته هو بيڪار هندستانين سان آفريڪا کي ڀري رهيو آهي. گورن گهر ڪئي ته ٻنهي جهازن کي واپس هندستان اماڻيو وڃي. هڪڙي ليکي آفريڪا وارن جي اها گهر ٺيڪ به هئي. ڪير پنهنجي وطن ۾ بي وطن ٿيڻ قبول ڪندو. پر اهي هندستاني نيٺ اتي ئي لٿا ته گورن گانڌي تي سروٽن ۽ بيضن سان حملو ڪري ڏنو، هن جو پٽڪو وڃي پري ڪريو، هن کي هجوم مڪون ۽ لتون اهڙيو هنيون جو هو نيم بي هوش ٿي ويو. انهي وقت پوليس سپرنٽينڊنٽ جي زال اچي اتان گذري، جيڪا هن هجوم ۽ گانڌي جي وچ ۾ ٿي بيٺي. رتورت گانڌي ٻارن کي هڪ هندستاني جي گهر پهچايو ويو انهي هجوم انهي گهر جو اچي گهيراءُ ڪيو ته هن کي ٻاهر ڪڍو ته ماريون پوءِ پوليس هڪڙي حڪمت عملي تحت هن کي اتان پوليس جا ڪپڙا پهرائي ٿاڻي تي وٺي آئي، جتي هو ٽي ڏينهن رهيو، پر گانڌي انهن حملي آورن تي فرياد ڪرڻ کان نابري واري، توڙي جو گانڌي هنن کي سڃاتو به هو. بوئر جنگ ۾ هندستانين انگريزن جي مڪمل مدد ڪئي. ڦٽيلن جي ٽهل ٽڪور ڪئي، جنهن تي انهن ئي گورن گانڌي کي تمغو ڏنو، هو انهن ڏينهن ۾ انهي خيال جو به هو ته دنيان ۾ رڳو انگريز ئي امن قائم رکي سگهن ٿ،ا انهن سان وفاداري ڏيکارڻ سٺي ڳالهه آهي. ڏکڻ آفريڪا ۾ گانڌي انگريزي لباس پهريندو هو۽ رهڻي ڪهڻي ۾ انگريزن جو نقل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندو هو. ڊربن ۾ انگريز طرز تي ٺهيل بنگلي ۾ رهندو هو آفريڪا هن ۾ وڏيون تبديليو آنديون. وڪالت مان هن جي هاڻ اپت منو لک ساليانو هئي. چوٿون پٽ هن کي آفريڪا ۾ ڄائو ته انهي جو ويم هن پاڻ ڪرايو، هن چيو ته اهو ويم ڪرائڻ وقت آئون وڏو گهٻرايل هئس. هو پنهنجي زال لئه پاڻ سدريون سبندو هوءَ هو اتي جي عورتن جي جهڳڙن جا فيصلا به ڪندو هو، هي پنهنجي زال لئه وڏو عذاب هو. انهن ڏينهن ۾ ڪاڪوس ڪونه هئا. انهيءَ ڪري انهن ڏينهن ۾ ڪاڪوس لئه هر ڪمري ۾ ٺڪر جا پاٽولا رکيل هوندا هئا اهي صفا ڪرڻ لئه گانڌي ڪنهن ڀنگي رکڻ کان انڪار ڪيو. اهي هو پاڻ صفا ڪندو هو يا وڏن پٽن ۽ زال کي اهو صفا ڪرڻ تي مجبو ڪندو هو. هڪڙي دفعي گانڌي جو هڪڙو ڪلارڪ اچي وٽن رهيو جيڪو هندستاني اڇوت هو جيڪو اوچ ذات جي زيادتين کان بچڻ لئه عيسائي ٿيو هو. ڪستوري انهي جو پاٽولو صاف ڪرڻ کان انڪار ڪيو جنهن تي گانڌي چيو مون کي گهر ۾ اهڙي هلت قبول ناهي ڪستوري روئي اکيون سڄايون ۽ چيو اهڙو گهر پاڻ وٽ رک مونکي ڇڏ ته وڃان، گانڌي هن کي گهلي گهر کان ٻاهر ٿيلهيو ڏيڻ وارو هو، جو انهي تي هو روئڻ لڳي ۽ هن کي چيائين شرم نٿو اچي هتي منهنجو ڪير ويٺو آهي تڏهن وڃي هن کي هوش آيو.1901 ۾ جڏهن هو واپس هندستان وڃڻ وارو ٿيو تڏهن هن کي قيمتي تحفا ڏنا ويا جن ۾ هيرا موتي، سونا زيور ۽ هار هئا، جيڪي ڪستوري ٻائي واسطي هئا. انهي رات هو ننڊ ڪري نه سگهيو. خوف اچي ورايس ڪو چوري نه ڪري وڃي، ڪو ڦري نه وڃي. هن کي انهي رات سمجهه ۾ آيو ته انسان وٽ پنهنجي ملڪيت گهٽ هوندي ته هن کي دلي سڪون حاصل ٿيندو. صبوح ٿيندي سڀ تحفا اتي ئي سڌاري واري فنڊ ۾ ڏئي ڇڏيائين ڪستوري ٻائي گهڻيون ئي رڙيون ڪيون پر گانڌي هڪ به نه ٻڌي.
هي هندستان جي مٽي مان ڳوهيل آلو گهڙو جيڪو ڇنڊ به برداشت ڪري نه سگهندو هو اهو سڪو به آفريڪا ۾ ۽ پچي راس به اتي ٿيو. هو جيڪو چڱي ڳالهه تي عمل ڪرڻ جو عادي هو ۽ بري ڳالهه وساري ڇڏيندو هو،هو جنهن جو پوءِ پنهنجي خواهشن پنهنجي طبيعت ۽ پنهنجي جسم تي پورو ضابطو هو. هن پنهنجو پاڻ کي 42 سال جنسي ميلاپ کان پري رکيو 1906 کان 1948 تائين 1906 ۾ هي 37 سالن جو تڏهن کان مرڻ گهڙي تائين جنس کان پري رهيو. گانڌي جڏهن ڪم ڪار ڪري ٿڪ کان چڪنا چور ٿي پوندو هو ته وڃي بستري تي ليٽندو هو جيئن بنا دير ننڊ اچي وڃي. ماڻهو چون ٿا ته مان سنت آهيان ۽ سياست ۾ پيو ٿاڦوڙا هڻان پر حقيقت ۾ مان سياستدان آهيان ۽ سنت ٿيڻ لئه پيو جتن ڪريان. آفريڪا ۾ ئي رجسٽريشن تان هڪڙي پنهنجي ئي ديس واسي سرحدي پٺاڻ مير عالم گانڌي جي مٿي ۾ زورائتي لٺ هنئين هئي. گڏيل تعليم ڏيڻ لئه گانڌي جا خيال نرالا هئا هو سامايل ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي گڏ ترڻ تي همٿائيندو هو. هو چوندو هو ترڻ وقت منهنجون نگاهون ڇوڪرين جي نگهباني اهڙي طرح ڪنديون هيون جهڙي طرح ماءُ جون نگاهون ڌيءَ جي نظرداري ڪنديو آهن، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گانڌي جي چوڌاري ٽالسٽاءِ کيت ۾ کليل ورانڊي ۾ فقط ٽن ٽن فٽن جي فاصلي تي سمهندا هئا، پر گانڌي چوندو هو هنن کي منهنجي پيار جو ايترو يقين هو، جيترو اولاد کي ماءُ جو ضابطي جو سبق به پيو ڏيندو هئس. نيٺ هڪ ڏينهن واقعو ٿيو انهي ۾ ٻه ڇوڪرا ۽ هڪ ڇوڪري شامل هئا، ٻي ڏينهن صبح جو گانڌي انهي ڇوڪري جا وار سزا طور پاڻ ڪوڙيا. اتي ئي هڪ جلسي ۾ هو هڙتال ۾ قتل ٿيلن جي ڏک ۾ مغربي پوشاڪ ترڪ ڪري هڪ جلسي ۾ پاکڙي ڌوتي ۽ پهراڻ پائي آيو. 1914 ۾ هي انگلينڊ ڏانهن آفريڪا مان روانو ٿيو. هن هڪ سپاٽو جنرل سمٽس کي سوکڙي طور موڪليو، 1939 تائين اهو سمٽس پريٽوريا ۾ پنهنجي ٻني ۾ پائيندو هو، انهي وقت اهو گانڌي کي واپس ڪري موڪليائين، هن لکيو آئون اهو ڪيترا سال پائيندو رهيو آهيان، پر اهو سدائين محسوس ڪيو اٿم ته مان اهڙي عظيم انسان جي جتي ۾ پير پائڻ جي لائق ناهيان سمٽس جڳ مشهور مدبر جنهن چيو هو هي خطرناڪ ۽ بي صبر دشمن آهي، هن جو جسم ته فتح ڪري سگهجي ٿو پر هن جو روح فتح ڪرڻ ناممڪن آهي.
1915 ۾ هي هندستان موٽيو جلسي ۾ هن تقرير ڪئي انهي جلسي ۾ هن کي ماڻهن پهريون دفعو مهاتما ڪوٺيو، انهي کانپوءِ جلد ئي رابندرناٿ ٽئگور هن کي مهاتما جو لقب ڏنو، ٽئگور چيو گانڌي غريبن جي روپ ۾ عظيم روح آهي، هن هندستان ۾ سابرمتي ندي جي ڪناري تي پنهنجو آشرم ٺاهيو. هو چوندو هو منهنجو رايو ساڳيو سمجهڻ نه گهرجي ٻي وقت ٻيو ٿي سگهي ٿو، هو چوندو هو جيڪي ڦٽيلن کي سنڀالين ٿا سي به پنهنجو پاڻ کي جنگ جي جرم کان آجو نه سمجهن، توڙي جو اهو جرم هن پاڻ آفريڪا ۾ ڪيو هو. 1920 ۾ هن انگريزن جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هن آفريڪا ۾ مليل ٻئي تمغا واپس ڪيا. ماڻهو گانڌي جي جلسن ۾ لکن کان مٿي هوندا هئا جيڪي هن جو آواز ٻڌي به ڪونه سگهندا هئا بس درشن لئه ايندا هئا، هن جو کاڌو اهو ئي ساڳيو هوندو هو. هڪ سير ٻڪري جو کير ٽي ڦلڪا ٻه نارنگيون ۽ ڪشمش انگور جا ٻه ٽي ڇڳا گانڌي چوندو هو اوهانکي مغربي لباس نه پهرڻ کپي تڏهن ماڻهو هن جي چوڻ تي انگريزي ڪپڙا لاهي هن جي اڳيان ڍير ڪندا هئا، پوءِ گانڌي پاڻ پنهنجي هٿ سان انهيءَ کي تيلي لڳائيندو هو. چرخو ڪتيو پنهنجا ڪپڙا پاڻ ٺاهيو، هو ينگ انڊيا ۽ نوا جيون اخبارن جو ايڊيٽر پڻ رهيو. هو جڏهن 22 مهينن لاءِ جيل ويو ته هن جا ڪيترائي ساٿي وڃي پنهنجي پنهنجي ڌنڌن کي لڳا،هن هڪڙي خط ۾ لکيو جنهن گهڙي هندستان اخلاقي طرح لائق ٿيو ته هنن کي آزادي ملي ويندي. هن چيو انسان نيڪ ضرور آهي پر جيستائين هن ۾ نيڪي جو جذبو نٿو جاڳايو وڃي اوستائين بدي جو جذبو پيو استعمال ٿيندو. هن جي پيغام رسائڻ جا عجيب طريقا هئا، ڪڏهن لکن ماڻهن جي وچ ۾ پلٿي هڻي ويهي رهندو هو پوءِ مرڪي آخر ۾ روئي پوندو هو، ڪڏهن ورت رکندو هو،ڪڏهن پيادو ڪوهن جا ڪوهه پنڌ ڪندو هو، هو جڏهن ورت کوليندو هو ته ٿورو جشن ملهايو ويندو هو. امام قرآن جو ٽڪرو ٻڌايو ايڊ ورڊ اچي انجيل ٻڌايو ۽ پنڊت ڀڳوت گيتا مان ڪجهه، هو چوندو هو جڏهن انگريز ڳئون ٿا ڪُهن ته ڪجهه نٿو چيو وڃي مسلمان ڪُهن ٿا ته باهه ٿي ٿا وڃو اهي هندو ئي ته آهن جيڪي پنهنجون ڳئون وڪرو ڪن ٿا ڪوهڻ لئه.
سابرمتي آشرم واري جهڳي انڊيا جو وائيٽ هائوس بنجي چڪي هئي جڏهن دوري تي نڪرندو ته هر جاتي ۽ مذهب جا ماڻهو اچي خانابدوشن سميت هن چرن ڇهندا هئا، رات جو هو پنهنجي پيرن تي ڪيتريون ئي روڙو ڏسندو جيڪي هن جي چاهيندڙن جي هٿن سان لڳنديون هيون، هو ديوتا بنجي ويو هو گونڊ ذات جا ماڻهو هن جي عبادت ڪندا هئا توڙي جو چوندو هو ته مونکي انهي قسم جي بت پرستي مان وحشت ٿئي ٿي. ماڻهو هن جا معجزا بيان ڪندا هئا، پڙهيا لکيا ماڻهو هن جا مريد هئا، هن جو چرخي ڪتڻ ۾ ايتري اميد هئي جو ڪانگريس جي جهنڊي ۾ ان جو نشان ڏنو ويو، جتي ويندو هو اتان چندا گڏ ڪندو هو، جنهن مان هن هارين لئه چرخا ٿي ورتا. هو ميڙ ۾ کاڌي جو ڪپڙو وڪڻندو هو ڪيترن ماين هن کي پنهنجي تن جا زيور لاهي چندي ۾ ڏنا، هو ڪارخانن جو مخالف هو چوندو ائين ڪرڻ سان ڪم هڪ هٿ ۾ هليو ويندو آئون هڪ هٺي جو مخالف آهيان، هو ترقي جو اندازو ماڻهن جو دولت نه پر هنن جي اخلاق مان لڳائيندو هو، لوڻ واري تحريڪ ۾ هو پيادو سمنڊ تائين ويو ۽ اتان لوڻ جو ٻڪ ڀريائين. هي هن جي وڏي بغاوت هئي، هو جڏهن گرفتار ٿيو ته هن کي جيل ۾ ٻڪري ڏني وئي ڇو جو هو ٻڪري جو ئي کير پئيندو هو. انگلينڊ جي حڪومت طرفان ٻه جاسوس هن جي حفاظت لئه رکيا ويا جن کي پوءِ گانڌي جي وڻندو هو آخر ۾ هن گهر ڪئي ته اٽلي واري بندر تائين هو هن سان گڏ هلن پوءِ هن انهن لئه انڊيا مان ٻه گهڙيون سوکڙي طور موڪليون انسان جي فطرت هر ملڪ ۾ هڪجهڙي آهي توهان پنهنجو پيار ڏيکاريو موٽ ۾ توهانکي ڏهوڻو پيار ملندو، هن سابر متي آشرم اڇوتن کي ڏنو ۽ پاڻ وڃي وارڌا وسايائين، هن جو خيال هو ته جسماني ميلاپ حد اندر هجڻ گهرجي، هو پنهنجي اولاد کي چڱي طرح سنڀالي ڪونه سگهيو هو. هن چاهيو ته هن جا پٽ سنت بڻجن،پر هن جو پٽ هيرالال ته وڃي عياشي ڪئي ۽ شراب جون بوتلون ڏوگهيائين پنهنجي زال ۽ ٻارن کي به ڇڏي ويو نه فقط ايترو پر وڃي مسلمان ٿيو نالو رکيائين عبدالله مني لال پيءِ جو فرمانبردار هو، هنجي نقش قدم تي هليو، رامداس وڃي دڪان کوليو، ننڍو ديوداس سپوٽ هو پيءُ سان گڏ رهيو ۽ هن جو سيڪريٽري به ٿيو گانڌي چوندو هو ٻار پويتر ٿين ٿا ناپاڪي هن جي عمر وڌڻ سان پئدا ٿئي ٿي. هو اهو به چوندو هو مان عيسئ آهيان مان هندو آهيان مان مسلمان آهيان مان يهودي آهيان انهي ڪري ڪيترائي عيسائي اچي هن جي پيرن ۾ وهندا هئا، آفريڪا وارن ڏينهن ۾ هو عيسائي ٿيو ٿي پر هن کي پنهنجي سوالن جا جواب نه مليا هن جا سوال هئا خدا کي صرف هڪ پٽ ڇو هو،مان صرف ڇو عيسائي ٿي ئي جنت ۾ وڃي سگهان ٿو، هن چيو منهنجو عقيدو آهي جنت ۾ نه ڪو هندو هوندو نه عيسائي نه ٻيوڪو مذهب، هن هڪڙي انگريز کي چيو اسان انب کي نپوڙي هن جي چوٽي ۾ ٽنگ ڪري چوسيندا آهيون جڏهن اهو انگريز انب کل لاهي رهيو هو. ڪستور ٻائي 1944 ۾ هن جي گود ۾ دم ڏنو. هو هر سال انهي ڏينهن کي ماتم طور ملهائيندو هو. هي جيلن ۾ ڪل هندستان ۾ 2089 ڏينهن ڪاٽيا ۽ آفريڪا جي جيلن ۾249 ڏينهن رهيو. وڏن وڏن سرمائيدارن کان چندا وٺڻ جو ڪاريگر هو،انهي ڪري ئي مس ننڊو چيو هو ته گانڌي کي غريب رکڻ لئه تمام گهڻي دولت جي ضرورت آهي. هن چيو هو منهنجو جانشين جواهر لعل نهرو آهي نه رجگوپال آچاريا هن چيو هينئر هو منهنجي ٻولي نٿو سمجهي پر جڏهن مان نه هوندس ته هو منهنجي ئي ٻولي ٻوليندو. هن هندو مسلم فساد روڪرائڻ لئه وڏيون ڪوششون ورتيون، ڳوٺ ڳوٺ گهر گهر ويو. هو جتي هندو مسلم فسادن جو ٻڌندو ته پهچي ويندو هو، هن چيو مان هندن جي عيبن تي پردو وجهڻ کان هندو مذهب ڇڏڻ پسند ڪريانٿو،هو چوندو يا مان هندن ۽ مسلمانن کي هڪ ڪري ڇڏيندس يا پنهنجي جان ڏيندس. لارڊ مانئونٽبيٽن چيو گانڌي اڄ ڪانگريس مونسان آهي ته هن چيو پر هندستان مونسان آهي. انهي کانپوءِ هن هڪڙي تقرير ۾ چيو هن قسم جي هندستان ۾ مون واسطي ڪا جڳهه ناهي مون سوا سؤ سال جيئڻ جي اميد ترڪ ڪري ڇڏي آهي باقي سال ٻه مس جيئندس.
هن چيو جي رڳو هندو ئي منهنجي پٺيان هجن ها ته به مان هندستان جو ورهاڱو روڪي وڃان ها. 15 آگسٽ 1947 تي هندستان آزاد ٿيو پر هن اهو ڏينهن ملهائڻ کان انڪار ڪيو.31 آگسٽ تي خود انهي گهر تي حملو ٿيو جنهن ۾ گانڌي رهيل هو. هندن جو وڏو لشڪر نعرا هڻي رهيو هو، هو ڪنهن هندو جو لاش کڻي آيا هئا جنهن کي ڪنهن مسلمان ماريو هو. اتي گانڌي جي چوڻ تي هندو ڪونه مڙيا پوءِ مسلمانن هن جي حفاظت ڪئي،هو پنهنجي پوڄا ۾ قرآن جون آيتون پڙهي ٻڌائيندو هو،هن نهرو تي اهو زور رکيو ته هو گڏيل هندستان جي خزاني مان پاڪستان جو حصو ڏي جڏهن پٽيل هن جي راءِ جي مخالفت ۾ دليل ڏنا ته هي روئي پيو ۽ چيائين پٽيل تون اڳيون پٽيل ناهين رهيو، پوءِ نهرو اهو حصو ڏنو خزاني جو. هڪڙي جلسي ۾ گانڌي ۽ جلسي وارن تي دستي بم اڇليا ويا هن چيو ڪجهه نه ٿيندو اوهين مونکي ٻڌو 30 جنوري 5 وڳي جيئن هو پوڄا واري آشرم ڏانهن آيو رش گهڻي هئي گوڊسي اڳتي وڌي آيو هن ڇوڪري منو کي ٺيلهو ڏئي ماتما کي ٽي گوليون هنيون، جيڪو انتها پسند هندو هو. هن انهي ڪري ته هتي مسلمانن کي ڇو ٿو وٺي اچي ۽ هتي قرآن جون آيتون ڇو ٿو پڙهي. ائين هي 19 صدي جو عظيم روح هر مذهب کي هڪڙي اک سان ڏسندڙ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جو مخالف اهنسا ۽ عدم تشدد جو پيروڪار مخالفن سان ساري عمر وڙهندڙ پنهنجن هٿان شهيد ٿي ويو هندستان جو ابو گولي سان گيان ۽ ڌيان ڇڏي وڃي آخري سفر تي روانو ٿيو. 78 سالن جي عمر ۾ پساهه پورا ٿيا روس سواءِ سڀني حڪومتن ۽ مذهبي پيشوائن هن جي موت تي افسوس ڪيو ۽ پنهنجي ملڪن جا جهنڊا جهڪايا.
jogee_khalid@yahoo.com