سنڌ آگي هي....

امتياز چانڊيو


ان ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي گيلري ۾ ويٺي پرو چانڊيو جي ياد اچي وئي جنهن ڌاڙيل ٿي ايترو نالو ڪمايو، جيترو اڄ ڪو وزير، مشير ٿي  به نه ٿو ڪمائي سگهي، شايد ڳالهه به اهڙي هئي جو هڪ اصول پرست ڌاڙيل ياد اچي ويو، ڇو ته  هڪ پاسي بند مائڪ تي موري جو مسرور جتوئي سنڌ جي مٿان ٿيندڙ دوکي جي قراداد تي ڳالهائڻ لاٰءِ لاڙڪاڻي واسي اسپيڪر کان  اجازت ڏيڻ جا ايلاز ڪندو رهيو، ته ٻئي پاسي خيرپور  وارو سيد سڳورو پنهنجي ايم پي اي عمران ظفر لغاري جي شڪايت کي ڪوڙو ۽ هڪ اسسٽنٽ مختيار ڪار کي سچو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهيو. خبر ناهي ان ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ ان پارٽي پاليسي سان وفا ڪرڻ جو ڏينهن هو جنهن جا ڪي اصول ئي ناهن يا پنهنجي ڌرتي جي لاءِ ماٺ رهڻ جو. جنهن ۾ حڪومت جا دادلا اتحادي به ان وقت اجلاس ۾ ڪهي آيا جڏهن انهن کي پڪ ٿي ته سائين جي پارٽي سنڌ ڌرتي جي ورهاست خلاف پيش ڪيل قراداد تي ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍندي. نه ته ان کان اڳ اڍائي ڪلاڪن تائين هن هڪ قراداد نه آڻڻ تي وڏي وزير جي چيمبر ۾ ڳالهيون هلنديون رهيون، جنهن لاءِ سيد سڳورو اجلاس جي شروع ٿيڻ کان ڏيڍ ڪلاڪ اڳ  اسيمبلي ۾ اچي پهتو هو. جتي سندن صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ نيشنل پيپلزپارٽي جا ميمبر مسرور جتوئي، عارف جتوئي، ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ سيد سردار احمد، ڊاڪٽر صغير احمد، رضا هارون ۽ حڪمراني ڪندڙ پارٽي جا اڳواڻ موجود رهيا، جنهن ۾ اين پي پي مٿان اهو زور وڌو ويو ته هو پنهنجي قراداد تان هٿ کڻن ته اجلاس شروع ڪيو وڃي پر جتوئي ڀائر ٺپ جواب ڏيندا رهيا ته هو ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي قراداد تان نه هٿ کڻندا نه وري ايوان ۾ خاموش ٿي ويهي رهندا، نتيجي ۾ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جيڪو ساڍي ڏهين وڳي شروع ٿيڻو هو سو لڳ ڀڳ ساڍي 12 وڳي شروع ٿيو. جڏهن ڳالهيون ناڪام ٿيون ته سيد قائم علي شاهه صاحب جن پنهنجي اڳواڻن سان گڏ نڪري ايوان ۾ پهتا جتي هن جيڪو ڪارنامو ڪيو. اهو به سڀني جي سامهون هو. ڇو ته جتوئي ڀائرن جي ڪوشش هئي ته هو پنهنجي قراداد آڻين جڏهن ته حڪومتي ڌر ۽ اسپيڪر صاحب جي ڪوشش هئي ته اهو معاملو دٻجي وڃي. پر جڏهن ڳالهه چڙهي وئي ته اسپيڪر صاحب کي اسيمبلي جا قائدا ۽ قانون نظر اچي ويا. ”جتوئي صاحب ويهي رهو، مهرباني ڪيو، ڏسو ڪارروائي هلائڻ ڏيو“، اسپيڪر نثارکهڙو صاحب پنهنجا فرمان جاري ڪندو جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو پر جيڪا اصل ڳالهه هئي ان کي ٻڌڻ لاءِ به تيار نه هو، توڙي جو کيس چڱي ريت پتو هو ته جيڪڏهن ايوان ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني ته سڀاڻي سنڌ جا ماڻهو ۽ ميڊيا ڪهڙو ڪردار ادا ڪندا؟ پر تنهن هوندي به هو پنهنجي واري جهڙن اصولن تي اٽڪيل رهيو. جنهن جي نتيجي ۾ سموري سنڌ اندر پاڻ به تنقيد جو نشانو بڻيا ۽ پنهنجي ان پارٽي کي وري امتحان ۾ وڌائون جنهن کي گذريل سال بابر اعواڻ جي مهرباني سان مشڪلات جو منهن ڏسڻو پيو، جيڪڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي وزارت جي قرباني ڏئي ڀائي لوگن جي اصليت ظاهر نه ڪري ها ته شايد پيپلزپارٽي کي ڪو سهارو ملي ها. ڇو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جنهن وڏي خوشي سان سنڌ اندر ٻيهر ڪمشنري نظام جي بحالي لاءِ متحده جي غير موجودگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، تنهن کي ان رات پڇيو ئي نه ويو  . ايتري قدر جو وڏي وزير کي صرف گورنر هائوس ۾ وڃي خاموشي اختيار ڪرڻي هئي تنهن ڪري هن ويچاري سنڌ سان ٿيندڙ ويڌن تي نه ان وقت ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي نه ئي بعد ۾، ڇو ته پارٽي پاليسي سنڌ کان وڌيڪ اهم هئي. هي ڪهڙي پارٽي پاليسي ۽ منفرد محبت آهي جو حڪومت ۾ هوندي به ڪراچي اندر لڳ ڀڳ 6 هزار انسانن کي ٽارگيٽ ڪري ماريو ويو؟ سڀني کي اهو پتو هاڻي پئجي چڪو آهي ته قتل عام جو بٽڻ ڪٿان آن ۽ آف ٿئي ٿو، پر تنهن هوندي به اسان وارا سورما چپ رهڻ واري پاليسي تي تيزي سان عمل پيرا آهن، ڳالهه صرف سولي آهي ته ڳڙهي خدابخش وارن اهڙن ڏينهن جي اچڻ لاءِ موت کي ڀاڪر پاتو ،  ڇا محترمه جمهوريت ۽ ملڪ بچائڻ لاءِ ان ڪري قرباني ڏني هئي ته اسان جي مٿان دهشتگردن جو راڄ هجي؟ ساڳيون ڳجھيون ۽ باز  لامارا ڏيندا رهن؟ ساڳيا آمريتي اولاد جهموريت لاءِ پريشانيون ۽ آمريتن لاءِ راهون صاف ڪندا رهن؟ جيڪڏهن 6 هزار بيگناه انسان مارجن ٿا ته ڀلي مارجن پر هر صورت ۾ اتحادين کي ناراض ڪرڻ بجاءِ انهن کي گڏ کڻي هلڻو پوندو؟ ڇا اهو به محترمه جو چيل هو ته هو ڀلي توهان جو ووٽ بينڪ متاثر ٿئي ڀلي توهان کان سنڌ کسجي وڃي، ڀلي توهان پنهنجي ڳوٺن ۾ وڃي سگهو پر ڪراچي وارا جيڪو چون انهن کي مان ڏيندا رهجو!!! خبر ناهي ڇو سڀ ڪجهه واضح هوندي به ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، هي راند به سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته جهموريت سنڌ جي قرباني سان سگهاري ٿيندي ته پوءِ  ڇا اهڙي جهموريت کي قبول ڪجي؟ ڇا اهڙو سون سنڌ وارن کي کپي جيڪو ڪن ڇني؟ ڀلي اياز سومرو اڄ وڏيون دعوائون ڪري، سٺي کان سٺي سنڌي ڳالهائي ڀلي ايوان ۾ قانون ۽ آئين جا سبق سيکاري پر سڀاڻي جڏهن اقتدار نه هوندو پو ءِ ساڻن ڇا ٿيندو ان لاءِ به کيس ۽ سندن سڄي برگيڊ کي تيار رهڻ گهرجي. شايد سنڌ وارا انهن کي ڪجهه نه چوندا پر  کين ان جو جواب سڀاڻي ساڳيا ئي ماڻهو ڏيندا جيڪي اڄ ساڻن گڏ آهن.  تنهن ڪري اڄ کان اڳ سڀاڻي جي لاءِ به کين سوچڻ گهرجي . جيڪڏهن اڄ اقتدار ۾ هوندي هو سنڌ لاءِ ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن ته سڀاڻي اقتدار مان ٻاهر هوندي ڇا ڪري سگهندا؟ جيڪڏهن ڏسجي ته جتوئي ڀائرن جي ڪوشش اها هئي ته آئين جي شق 239  چار  ۾ ڪنهن به قسم جي ترميم ڪرڻ نه ڏني وڃي اهو تڏهن ٿي سگهندو جڏهن سنڌ سميت ٻيون اسيمبليون به اهڙا قراداد پاس ڪن. جنهن ۾ صوبن وٽ موجود اختيار مرڪز ڏانهن وري موٽي نه وڃن. ڳالهه تمام سادي هئي پر ان کي ايتري ڊيگهه ڏئي مخالفن کي سجاڳ ٿيڻ جو موقعو ڏنو ويو. جيڪڏهن اها قراداد ساڳئي ڏينهن ايوان مان پاس ٿي وڃي ها ته ڪو ايترو مسئلو پيدا نه ٿئي ها. پيپلزپارٽي کي هڪ ڳالهه تمام واضح ڪرڻ گهرجي ته ڇا هو سنڌ جي قيمت تي نوان صوبا ٺاهڻ گهرن ٿا ته پوءِ انهن کي ٺيڪ ڪيو، جيڪڏهن نه ته پو ءِ کين قراداد کي منظور ڪرائڻ گهرجي ها. تجويز اها به آئي ته قراداد جي ٻولي ٺيڪ ڪري ان مان آئيني شق 239  چار جو ذڪر ختم ڪيو وڃي، جيڪڏهن ان قسم جي قراداد آئي ته ڪهڙو فائدو. جنهن آئين ۾ اها ڳالهه چٽي ڪئي وئي هجي ته “جيڪڏهن نوان صوبا ٺاهڻ جي حوالي سان قومي اسيمبلي به اڪثريت سان بل منظور ڪري ته به صدر صاحب کي تيستائين ان بل تي صحيح ڪرڻ جو اختيار نه هوندو جيستائين ان بل تي لاڳاپيل صوبي جي اسيمبلي مان به اڪثريتي بل منظور ٿي نه ٿو اچي. جنهن جو مک مقصد جتوئي ڀائرن موجب سنڌ جي وحدت کي ڪنهن به قسم جي وار کان بچائڻ آهي. پر جيڪڏهن ان آئيني رڪاوٽ کي ختم ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ سڀاڻي اسين بي اختيار هونداسين . پر هن اهم قراداد تي حڪومت جي اڪثر ميمبرن جو چپ لکين سنڌ واسين کي رنجايو آهي. جن پيپلزپارٽي جي ميمبرن هن قراداد تي صحيحون ڪري پنهنجي ڌرتي سان سچائي جو ثبوت ڏنو تن کي ته گهٽ ۾ گهٽ ڳالهائڻ گهرجي ها پر انهن ميڊيا ۽ ماڻهن کي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اڳتي هلي پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪري ڳالهائڻ جو ڊرامو ڪرڻ لاءِ راهه ٺاهي ته جيئن هو چئي سگهن ته ”آئون اهو /اها هيس جنهن سنڌ جي مٿان ٿيندڙ وار کي روڪڻ لاءِ قراداد تي وڏو دٻاءُ هجڻ باوجود صحيح ڪئي هئي“، تن کي اهو ٻڌائڻ گهرجي ته جيڪڏهن توهان صحيح ڪرڻ جي جرئت ڪئي هئي ته پوءِ  ڳالهائڻ جي به ڪيو ها، باقي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي مهارت ٻين وٽ به آهي، پريس گيلري مان جيڪي نظارا ڏسڻ ۾ آيا تن کي نظر ۾ رکي اهو چئي سگهجي ٿو ته پهرين ڏينهن جڏهن اها قراداد آئي ان وقت اسپيڪر کي اشاري ۾ اجازت ڏيڻ لاءِ شرجيل ميمڻ به گذارش ڪئي، ميرنادر مگسي به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، نواب تيمور ٽالپر، عمران ظفر لغاري، امداد پتافي، مير  ڊومڪي ، نصرت سحر عباسي ۽ ٻين ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اسپيڪر کين ماٺ ڪرائي ڇڏيو، وري ٻئي اجلاس ۾ سومر 23 جنوري تي جڏهن اجلاس ٿيو ته اسپيڪر صاحب پنهنجي ڪيل ان واعدي تان ڦري ويو ته هن ڪو مسرور جتوئي کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني هئي؟ هن وٺ وٺان دوران به سڀ جا سڀ خاموش رهيا، پر وڏي وزير خيرپور ناٿن شاه جي اسسٽنٽ مختيار ڪار تي اڌ ڪلاڪ تائين بيهي ڳالهايو. ان دوران مسرور جتوئي جو مائيڪ بند ڪيو ويو پر ان باوجود هن پنهنجي ڳالهه ڪري ڇڏي ۽ جڏهن اسپيڪر صاحب ٻڌڻ کان به انڪار ڪيو ته جتوئي ڀائرن اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو، هن اجلاس جي ڪارروائي دوران قومپرست اڳواڻ جلال محمود شاهه به مهمانن جي گيلري ۾ ويٺل رهيو، جنهن کي اياز سومري جي تنقيد به ٻڌڻي پئي. ان ڏينهن اجلاس کي ٻن ڏينهن تائين ملتوي ڪيو ويو  جڏهن خميس ڏينهن 26 جنوري تي اجلاس ٿيو ته الئه ڪيئن اسپيڪر صاحب کي رحم آيو جنهن پاڻهي مسرور جتوئي کي ڳالهائڻ جي ان ڪري اجازت ڏني جو انهن جي وچ ۾ معاملا طئه ٿي چڪا هيا. پوءِ اسپيڪر صاحب پاڻهي صلاح ڏني ته هن قراداد کي ڪيئن ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلي معاملي مان جند ڇڏائجي، ان لاءِ هي قراداد هڪ خاص ڪميٽي حوالي ڪئي وئي ته ان دوران مير نادر مگسي اٿي بيٺو جنهن کي وڏي وزير ۽ قانون واري وزير روڪيو پر مير نادر مگسي نيٺ ڳالهايو ته جناب هن قراداد کي ڀلي خاص ڪميٽي ڏانهن موڪليو پر ان جو وقت ته مقرر ڪيو ته گهڻن ڏينهن جي اندر هي قراداد وري ايوان ۾ ايندي. مير نادر جي هن ڳالهه سڄي معاملي تي پاڻي ڦيري ڇڏيو پر پوءِ به اسپيڪر صاحب ۽ جتوئين جي وچ ۾ بنا ڪا تاريخ مقرر ڪرڻ جي معاملو طئه ٿي ويو جنهن تي مسلم ليگ قاف جو پارلياماني ليڊر شهريار مهر اٿي بيٺو جنهن پهرين ته وڏي وزيرخلاف چيل جملن تي معافي ورتي ۽ پوءِ پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ته ”اسان وٽ اها روايت رهي آهي ته جنهن معاملي کي دٻائڻو هجي يا ختم ڪرڻو هجي ان کي ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويندو آهي، جنهن وڏي وزير کي سنڌ جي وحدت جي معاملي تي به سوچڻ جو وقت گهرجي آئون ان ڪابينا جو حصورهڻ نه ٿو چاهيان“، اهو چئي هن پنهنجي استعيفا ايوان کي ڏيکاري ته اسپيڪر کيس چيو ته توهان کي ڪير ٿو روڪي ڀلي ڏيو استعيفا، جنهن کانپوءِ شهريار مهر پنهنجيون اڳيون پٺيون قصرون ڪڍي هليو ويو.

هي سڀ ڪجهه ايوان جي اندر ٿيو جتي سڀني جي سامهون پهرين ته قراداد کي ڪميٽي ۾ اماڻيو ويو ۽ پوءِ اجلاس ئي اڻڄايل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو، تنهن ڪري اين پي پي اهو وري اعلان ڪيو ته جيڪڏهن 14 ڏينهن جي اندر هي قراداد ايوان ۾ نه آندي وئي ته هو ڪميٽي تان استعيفي ڏيندا. چوندا آهن ته اٺ تڏهن پئي رڙيا جڏهن ٻورا پئي سبيا، سو  جڏهن ڳالهه اتفاق جي ور چڙهي وئي ته پوءِ اين پي پي کي استعيفا ڏيڻ جي ڳالهه سمجهه ۾ آئي. هڪ پاسي انهن ڪيئي ڏينهن کان سرڪار جو دٻاءُ قبول ڪيو ۽ پنهنجي ڳالهه تان نه ٿڙيا پر ٻئي پاسي ٿوري ڳالهه جي ڪري سندن سڄي محنت تي ذري گهٽ پاڻي ڦري ويو، جيڪڏهن هو پنهنجي قراداد تي ڳالهائڻ وقت ئي نادر مگسي جي تجويز تي زور ڏين ها ته اهو مسئلو به حل ٿي وڃي ها. پر حيرت ان وقت ٿي جڏهن سڄِي مسئلي تي متحده کي پريشان ئي نه ٿيڻو پيو، ڇو ته انهن جو مسئلو ته پي پي وارا في سبيل الله حل ڪري رهيا هيا ته پوءِ انهن  کي ڪهڙي ضرورت جو هروڀرو پريشان ٿين.

Imtiaz.waqtnews@gmail.com