|
طوفان کان اڳ واري خاموشيءَ جهڙو موقعو صلاح الدين حيدر نظر ائين ٿو اچي ته صدر زرداري پنهنجي خلاف وڙهيون ويندڙ ويڙهون هاڻي تقريبن کٽي چڪو آهي، گهٽ ۾گهٽ انهيءَ ويڙهه جو سلسلو جيڪو پهرين ڏينهن کان هن خلاف هلندڙ هو. هن جي حڪمت عملي جي ڪاميابيءَ جو راز هن جي طبيعت ۾ نرمي يا ائين چئجي ته هڪ پير اڳتي ته ٻه پير پوئتي ڪرڻ وارو آهي. پاڪستان جي ايبنارمل سياسي صورتحال هاڻي نارمل ٿي رهي آهي ۽ هن جي رت جا پياسا سياسي اڳواڻ ۽ ننڍيون توڻي وڏيون سياسي جماعتون هاڻ پوئين پير ٿي چڪيون آهن ۽ اليڪشن واري مامري تي هڪ ٿي رهيون آهن ته جيئن اهي (عام چونڊون) هن سال جي آخر تائين ممڪن ٿي سگهن. اهو سچ آهي ته پ پ جي حڪومتي دؤر يعني گذريل 4 سالن ۾ ڪجهه بنيادي تبديلين/ سڌارن کي ڇڏي، عام ماڻهن لاءِ گهڻو ڪجهه تبديل نه ٿيو آهي. جمهوريت جي ويڄ طبيب طور پ پ جي دعويٰ عام ماڻهوءَ لاءِ شفا بڻجي نه سگهي آهي. عام ماڻهو 18 هين ترميم کان گهٽ متاثر ٿين ٿا. هنن لاءِ اگهن ۾ واڌ، گئس ۽ بجليءَ جي بدترين لوڊشيڊنگ اهم مسئلا آهن. صورتحال جيئن پنجاب ۾ بدتر آهي ائين بلوچستان ۾ آهي. شين کي بهتر ڪرڻ بجاءِ وڌيڪ بدتر ڪرڻ لاءِ پيٽروليم جي وزير ڊاڪٽر عاصم پاران پيٽرول ۽ڊيزل جي مصنوعات ۾ 2 روپين کان 5 روپين تائين لاٿ ڪرڻ وارو بيان شيڊيول کان اڳ آيو جنهن جو پڙاڏو سينيٽ ۾ پڻ ٻڌڻ ۾آيو. پيٽروليم جي وزير ۽ پيٽروليم وزارت جي سيڪريٽري ۽ اوگرا چيف کي ان تي هٽائڻ گهرجي. بجاءِ جو هو عوام کي ڪو رليف ڏين، هو بنهه اڪائونٽنٽن وارو رويو روا رکي رهيا آهن ۽ گئس ۽ بجليءَ جي قيمت ۾ واڌ واري ان فيصلي اصل ۾ حڪومت جي ساک کي وڌيڪ متاثر ڪيو آهي. انهيءَ سڄي صورتحال جي اثر کي ظاهر آهي ته صدر ۽ وزيراعظم گيلانيءَ کي منهن ڏيڻو آهي. وقت جي تقاضا اها آهي ته عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ مسئلي جي جڙ کي ختم ڪجي. ڊاڪٽر عاصم صدر جو ذاتي دوست ۽ فزيشن ڀل هجي پر عوام جي ضرورتن کي حل ڪرڻ جي اوليت ٻي هر ڳالهه کان وڌيڪ آهي. وزيراعظم ڀل چئي ته اقتصادي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي پر 28 جنوريءَ تي آيل اسٽيٽ بئنڪ جي تازي رپورٽ ڪجهه ٻيو ٻڌائي ٿي. ڊيوس ۾ وزيراعظم اقتصادي صورتحال جا انگ اکر ڄاڻائيندي ٻڌايو ته اقتصادي صورتحال ۾ بهتريءَ ٿي رهي آهي پر حقيقت اها آهي ته هن وقت مهانگائي 12 سيڪڙو کان مٿي ۽ جي ڊي پي جي شرح 4 سيڪڙو حاصل ڪرڻ مشڪل ٿي چڪي آهي. خانگي بئنڪن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪومت اقتصادي بيروميٽر جو تخمينو غلط لڳايو آهي يا اهو ته عوام جي موجوده حالت کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ساڳي وقت ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ وري هڪ ٻي ماجرا ۽ مايوسيءَ جي علامت ثابت ٿيو آهي. هو نه رڳو حڪومت لاءِ اقتصادي پاليسين کي قابل قبول بڻائي سگهيو آهي پر ساڳي وقت هو اقتصادي پاليسيءَ جو ڪو رخ به متعين ڪري نه سگهيو آهي. شوڪت ترين اها روئداد ڏسي استعيفيٰ ڏني هئي ۽ سينيٽ جي سيٽ تان به دستبردار ٿيو هو پر هن پنهنجي باس جي خواهش پوري نه ڪئي. اهڙي طرح ڊاڪٽر حفيظ شيخ ۽ ڊاڪٽر عاصم کي هاڻ استعيفيٰ ڏئي قابل ماڻهن لاءِ گنجائش پيدا ڪرڻ گهرجي جيڪي اقتصادي صورتحال کي بهتر ڪري سگهن ۽ قابل قبول حل ڳولي سگهن. رڳو مسئلن جي انبارن جو پٽڪو ڪرڻ ۽ عوام جي نالي کي استعمال ڪرڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا. رڳو بيوروڪريٽن تي ڀاڙڻ نه گهرجي ڇو ته ڪامورن جي تجويزن ۽ قدمن مان عام ماڻهن کي ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيڻو آهي. آفيسر شاهي حڪومتن توڻي ملٽري حڪومتن ۾ جو قبلو پنهنجو هجي ٿو پر سياسي جماعتون اصل ۾ عوام جي مرضيءَ سان چونڊجي اچن ٿيون. صدر زرداري چونڊ مهم واري چارج نه وٺي بهتر ڪيو آهي. هن بلاول هائوس ۾ غريبن ۾ 3 لک روپيا ورهائي هڪ بهترين ابتدا ڪئي آهي،جنهن ۾ 3 هزار ماڻهن شرڪت ڪئي پر هن کي عوام اڳيان اچڻو پوندو. پ پ شريڪ چيئرمين کي اقتصادي صورتحال کي سڌارڻ لاءِ وڏي چئلينج سامهون آهي. هن کي پنهنجي پارٽيءَ کي پڻ حڪومتي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجي. وزيراعظم پڻ ڪيترين گڏجاڻين کي خطاب ڪري رهيو آهي پر هن جو ان طرف گهٽ ڌيان آهي. مخالف ڌر پاران ڪمان ۾ تير گهٽ ڇڪڻ جو فائدو هاڻي پ پ وٺي سگهي ٿي. اهو طوفان کان اڳ واري خاموشيءَ جهڙو موقعو آهي جنهن مان وڌ ۾ وڌ فائدو وٺي سگهجي ٿو. پ پ هاڻ آرام سان پنهنجو ڪم ٽپائي سگهي ٿي پر هن جا وزير ڪارڪردگي جي حوالي کان بهتر پوزيشن ۾ نه آهن. ان جي اڪيلي ذميواري صدر زرداريءَ جي ڪلهن تي عائد ٿئي ٿي. جي هو 9 سال جيل ۾ رهڻ واري آزمائش برداشت ڪري سگهي ٿو ته هن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪرڻو پوندو ته هن جي بازوءَ ۾ ڪيترو دم آهي. |
| آرٽيڪل جو باقي حصو پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو |