|
ڳالهه اُتي جو اُتي...
چوندا آهن ته ڪنهن به شيءِ، شهر يا شخص جو پهريون تاثر ئي اهم هوندو آهي. مشاهدو ڪندڙ فرد انهيءَ تاثر جي بنياد تي اڳتي لاءِ ان شهر، شيءِ يا شخص کي پرکيندو آهي ۽ اهو تاثر تاحيات قائم رهندو آهي. هن سال پنهنجي زندگي جا 12 ورهيه تعليمي ادارن ۾ نور نچوئي، پنهنجن مائٽن جون اُميدون ساهه ۾ سجائي ڪيترائي ڏکيا پيپر۽ اڙانگا امتحان پاس ڪري مادر علمي ۾ داخلا وٺندڙ هزارين شاگرد گذريل هڪ مهيني کان پنهنجي عظيم درسگاهه اندر پير ڌرڻ جا منتظر آهن، پر کين ان اداري ۾ قدم رکڻ کان روڪيو پيو وڃي- ۽ اها رستا روڪ ڪندڙ ڪو ٻيو نه پر انهيءَ اداري جا استاد آهن، جن وٽ اڳتي هلي انهن ٻارڙن کي 4 سال پڙهڻو آهي. گذريل هڪ مهيني کان هلندڙ احتجاجي اسٽرائيڪ ۽ ڪلاسن جي تالا بندي، استادن جا مظاهرا، ڌرڻا، نعرا ۽ پڙهائڻ کان ٺپ جواب. هي اهو پهريون تاثر آهي جيڪو سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺندڙ نون شاگردن کي نصيب ٿيو آهي. انهيءَ تاثر کي دماغ ۾ کڻي اهي شاگرد اڳتي لاءِ پڙهندا يا پاڻ به اها ئي ڪرت ڪندا جيڪي هن وقت سندن استاد ڪري رهيا آهن. ٻڌندا آهيون ته يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ سينئر شاگرد نون آيل شاگردن سان ريگنگ ڪندا آهن، جن ۾ انهن سان مختلف جٺيون ڪيون وينديون آهن پر هن ڀيري سنڌ يونيورسٽي جي نون شاگردن سان ريگنگ استاد ڪري رهيا آهن. هڪ بهترين استاد جو پٽ هجڻ ڪري مون کي خبر آهي ته استادي ڪيترو نه اهم ۽ پيغمبري پيشو آهي. هڪ استاد ڪيترن ئي نسلن جي مستقبل جا گس سنواريندڙ هوندو آهي پر اڄ جيڪڏهن مون کان ڪو پڇي ته سنڌ ۾ سڀ کان مضبوط سياسي ڌر ڪير آهي ۽ سڀ کان بهتر سياست ڪير ٿو ڪري سگهي ته بنا ڪنهن ججهڪ جي منهنجو جواب هوندو ”ماستر“. هن وقت سنڌ سان جيڪي استاديون استاد ڪري رهيا آهن اهڙيون ته ڪڏهن ڪنهن غنيم به ناهن ڪيون. اسان دنيا جي هن تيز رفتار مقابلي واري دؤر ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪيئن ٿا هلي سگهون، جڏهن اسان جا ماستر سياست ۾ ڀڙ هجن ۽ سدائين سندن سندرو ٻار پڙهائڻ بدران ”سياست“ ڪرڻ لاءِ ڇُڪيل هُجي. پرائمري کان وٺي پوسٽ گريجوئيٽ تائين ٻار پڙهائيندڙ ماسترن جو رويو ٿلهي ليکي ساڳيو ئي آهي ته اسان کي هر حق، هر آزادي، وڏي پگهار، پُرڪشش مراعتن سميت سمورين شاندار سهوليتن جو حق آهي، باقي پڙهائڻ اهو پاڻ کان نه پڄندو. اُهي پڙهائين به ڇو. ڇاڪاڻ ته پاڻ ته آهن سرڪاري ملازم، اها سرڪار جيڪا ماڻهو مقرر ڪري (ڀلي سفارش يا ڏوڪڙن تي) ان بعد اهو پڇا ڪرڻ ڪڏهن به گوارا ناهي ڪندي ته جنهن مقصد لاءِ اسان هڪ ماڻهوءَ تي هر مهيني لکين رپيا سيڙايون ٿا، اهي پنهنجو اهو ڪم ڪن به ٿا يا نه. هڪ دفعا اوهان جي پڪي مقرري ٿي ته پوءِ اوهان لاءِ مُوو اوور، ترقيون، پگهار ۾ واڌ، يونيورسٽي ۾ هجڻ جي صورت ۾ پلاٽ، ڪالونيون، پرڏيهه جون ڊگريون سڀ ڪجهه ملڻ لازم بڻجي وڃي ٿو. باقي اوهان پڙهايو يا نه ان بابت اوهان کان پڇڻ وارو ڪو به ناهي. جيڪڏهن ڪوآفيسر اوهان کي پابندي سان ٻار پڙهائڻ لاءِ چوي ته اوهان ان جو جلوس ڪڍي ڇڏيو. پڙهايو ته هونئن به ڪو نه پر جيڪڏهن ڪو چوي ته وري بائيڪاٽ جو بهانو ڪري ٺپ اچڻ کان ئي انڪار ڪريو. اوهان جون ايسوسيئيشنون (جيڪي يونينون هرگز ناهن) ايتريون ته مضبوط آهن جو اوهان جو ته ڪير وار به ونگو نٿو ڪري سگهي. مطلب ته جيئن وڻي تيئن ڪريو. اهڙو ئي ڪجهه اڄڪلهه سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿي رهيو آهي. پروفيسر بشير چنڙ جي قتل جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، پر ان جو مقصد اهو هرگز ناهي ته بدامني جو بهانو بڻائي، هڪ مهينو مسلسل يونيورسٽي جو تدريسي عمل مڪمل طور بند ڪرڻ ڪٿي جو انصاف آهي، اهو به ان صورت ۾ جڏهن مقتول پروفيسر جي ڪٽنب جا ڀاتي چون ته اسان جاچ مان مطمئن آهيون. اسان چوڻ اهو ٿا چاهيون ڪنهن به مطالبي جي مڃتا لاءِ اوهان قانوني ۽ آئيني طريقو به استعمال ڪري سگهو ٿا. ان لاءِ اوهان عدالتي واٽ به وٺي سگهو ٿا. ٽوڪن احتجاج طور به اوهان هڪ اڌ ڪلاڪ لاءِ واڪ يا مارچ ڪري وري به ٻار پڙهائڻ واري پنهنجي ڪرت تي لڳي سگهجي ٿو. ٿورو اهو اندازو ڪجي ته جيڪي غريب والدين پنهنجي اولاد کي پيٽ ڪاٽي پڙهائڻ لاءِ بچت سچت ڪري خرچ ڪڍن ٿا، انهن جا ٻار پورو مهينو ڪنهن مسواڙي جاءِ تي رهي، حيدرآباد جي هوٽلن تي ماني کائي، سڄو وقت بسن ۽ سوزوڪين ۾ لڙڪي يونيورسٽي وڃي، اتي استادن جا جلوس ڏسي واپس موٽن ته انهن جي انهيءَ 30 ڏينهن ضايع ٿيڻ جو حساب ڪتاب ڪير ڏيندو. هي سڄو مهينو جن استاد اڳواڻن جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيا ويا، اهي ساڳيا ئي چهرا آهن جيڪي يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر مظهر الحق صديقي کي رٽائرڊ ڪامورو چئي هٽائڻ واري احتجاج ۾ اڳرا هئا. ان وقت به سندن اهو ئي مطالبو هو ته وي سي کي هٽايو وڃي، ان جاءِ تي يونيورسٽي جي استادن مان ڪنهن به فرد کي انهيءَ عهدي تي مقرر ڪيو وڃي پر سرڪار صرف سندن مطالبي جي پهرين حصي کي مڃتا ڏيندي صرف وي سي مظهر الحق صديقي کي ته هٽايو پر سندس جاءِ تي هڪ ٻي رٽائرڊ ڪاموري کي مقرر ڪيو ته انهيءَ مقرري کي پنهنجي سموري جدوجهد جي اصولن ۽ نعرن کي پاسائتو ڪري انهن ئي اڳواڻن موجوده وي سي کي نه رڳو ڀليڪار ڪيو پر سندن ساڄي کاٻي ٻانهن بڻجي بيٺا. جڏهن ڪجهه عرصو اڳ يونيورسٽي ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪي ته ان حوالي سان سمورين سياسي ڌرين کي هڪ هنڌ سڏي ”ضابطه اخلاق“ جوڙڻ واري ڪانفرنس ۾ به اهي ئي چهرا آڏو هئا، ان وقت نه وي سي ڪرپٽ هو نه ئي ان مان ڪو ارهو هو. خبر ناهي ته وقت جو ڦيٿو ڪيئن ڦريو جو جيڪي چهرا وي سي جي اڳيان پويان هلندا هئا اهي سندس سامهون اچي بيٺا. جيڪڏهن انساني اخلاقيات (جيڪي اهي استاد اصولي طور تي پنهنجي شاگردن کي پڙهائڻ لاءِ مقرر ٿيل آهن) جي گهرج ڏسجي ته اها تقاضا ڪري ٿي ته هي مهينو پورو جيڪو استادن سڌي سنئين ڊيوٽي ناهي ڪئي، ان جي پگهار کڻڻ جو کين ڪو حق ناهي. جيڪڏهن سنڌ يونيورسٽي جي سمورن استادن ۽ ڊيوٽي نه ڪندڙ عملي جي هڪ مهيني جو پگهار گڏ ڪجي ته اهو ڪروڙن ۾ ٿيندو ۽ انهيءَ رقم مان هڪ اهڙو فنڊ قائم ڪري سگهجي ٿو جنهن مان سوين غريب شاگردن جا تعليمي خرچ پورا ڪري سگهجن ٿا ۽ ائين اسان جي سونهاري سنڌ جا سوين اهڙا ٻار پڙهي پوندا جيڪي عام طور تي پڙهڻ کان پري هوندا آهن. هن وقت تازي خبر اها ملي آهي ته گورنر سان گڏجاڻي بعد سنڌ يونيورسٽي جي وي سي کي علامتي طور ’طبي موڪل‘ تي اماڻي پرو وائيس چانسلر پروين شاهه کي وقتي وائيس چانسلر جي چارج ڏني ويئي آهي. باقي مطالبا به ترتيبوار مڃڻ جو واعدو ڪيو ويو آهي. باقي شاگرد يونين واري مطالبي لاءِ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو جواز ڄاڻائي عدالت سان رجوع ڪرڻ جي راهه ڏيکاري وئي. پروفيسر بشير چنڙ جي قتل کي جواز ڄاڻائي احتجاج جو آغاز ڪندڙ استادن جڏهن ان کي پنهنجي پر ۾هڪ ٽرن ڏيئي وي سي خلاف مهم شروع ڪئي ته ان وقت ئي پڌرو هو ته بشير چنڙ مرحوم جو قتل ته هڪ بهانو هو، اصل باهه ڪا ٻي هئي. جڏهن احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ٿيو ان وقت به پروفيسر چنڙ جو قتل ڪيس انهيءَ هنڌ تي بيٺل آهي جتي کيس ڇڏيو ويو هو. اها ئي ايف آءِ آر داخل آهي جيڪا پهرين داخل ٿي هئي، اهي ئي ڇوڪرا الزام ۾ واڙيل آهن جيڪي اڳ ئي يا ته پيش ٿيا هئا يا وري پڪڙيا ويا هئا. وي سي به في الحال موڪل تي ويو آهي، کيس هٽايو نه ويو آهي، ڳالهه کي اتي ئي ختم ٿا ڪريون ته سڄو مهينو ماسترن خوب پڪنڪ ڪئي، نعرن جا مزا ماڻيا، ڪلاسن بدران ڪينٽينن تي ويهي چانهين مان چسڪا ورتا، پنهنجي گهرن جي مرمت جا رهيل ڪم ڪرايا، مٽن مائٽن وٽ ڀيرا ڀريا، انهن صدقي عملي جي ملازمن به وهندڙ گنگا مان هٿ ڌوتا. باقي رهيا ويچارا شاگرد اهي اڳ ئي سياسي سياستدانن جي جيئي جيئي ۾ يرغمال بڻيل هئا ۽ هاڻي ساڻن ماسترن جي سياست مهينو سڄو جُٺ ڪئي، باقي ڳالهه اتي جو اتي. jaimoorani@hotmail.com
|