هڪڙو هو مشرف، هڪڙي هئي آمريت

واحد پارس هيسباڻي


بظاهر شينهن  جهڙيون ڀڀڪيون ڏيندڙ آمر پنهنجي اندر ۾ ڪيڏا نه گدڙ هوندا آهن ان جو اندازو ڪالهه پرويز مشرف جي الوداعي خطاب کي ڏسي لڳائي سگهجي ٿو. هو مون کي پنهنجي نقش و نگار ۾ ڪنهن هارايل جواري جيان لڳي رهيو هو سندس حالت ڏاڍي خراب هئي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هو اوڇنگار ڏئي روئي پوندو.هي جنرل اقتدار جا ڪيڏا نه بکيا هوندا آهن! اهو رٽائرڊ جنرل جيڪو پنهنجي ساٿي جنرلن جو اقتداري رڪارڊ ٽوڙڻ واري چڪر ۾ هو ۽ وڏي دعويٰ سان چئي رهيو هو ته کيس ڪير به هٽائي نه ٿو سگهي هو مضبوط آهي ۽ پنهنجو مدو ضرور پورو ڪندو ان جي ڪالهه آخري خطاب وقت حالت  واقعي به ڏسڻ وٽان هئي. هن اٺن سالن جي اقتداري دور ۾ ٻيو ڪجهه سکيو هو يا نه پر فنڪاري وڏي سکي هئي ۽ سندس اها فنڪاري آخري خطاب ۾ به نظر اچي رهي هئي.منهن ۾ وساميل هجڻ باوجود سندس نڪ جي پڪائي انتها تي چڙهيل  هئي.هو دعويٰ ڪري رهيو هو ته هن ئي ملڪ کي بحرانن مان ٻاهر ڪڍيو ۽ سندس محنتن جي نتيجي ۾ ئي پاڪستان کي پوري دنيا ۾ عزت جو مقام مليو.هو پاڻ کي وڏو جمهوريت پسند ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو  ۽ پنهنجي عوامي مقبوليت ۽ نيت جي سچائي تي فخر محسوس ڪري رهيو هو پر سندس عوامي مقبوليت جو اندازو سندس استعيفيٰ ڏيڻ جي ٻئي پل ئي ٿي ويو جڏهن پوري ملڪ ۾ عوام خوشي وچان رستن تي نڪري آيو، مٺايون ورهايون ۽ هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون.سندس معاشي محنت به انهي پل ظاهر ٿي وئي جڏهن ڊالر جي ڀيٽ ۾ روپئي جي قيمت ۾ 1 .20 سيڪڙو اضافو ٿي ويو جڏهن ته اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ پڻ فوري طور تي بهتري اچي وئي.ڪي ايس اي انڊيڪس 401 پوائنٽ تي پهتي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ملڪ مٿان ڪا وڏي آفت ٽري وئي هجي.

مون کي صدارتي ترجمان راشد قريشي تي ڏاڍو رحم اچي رهيو آهي جيڪو طبيعت "ناساز "هجڻ باوجود آخري گهڙي تائين قوم جي اکين ۾  ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ۽ چوندو رهيو  ته صدر استعيفيٰ نه پيو ڏئي ۽ هو اهڙو فيصلو ڪرڻ وارو آهي جنهن سان سندس مخالفن کي  وزن جي خبر پئجي ويندي.اهو راشد قريشي هاڻي ڪٿي آهي؟ جيڪو هوا نڪتل ڦوڪڻي جي مٿي اڏامڻ جا خواب ڏسي رهيو هو.مون کي رحم ته ڪڊ پڊ مڊ ۽ ٽڊ تي به اچي رهيو آهي جيڪو عوامي انقلاب واري لهر ۾ لڙهي وڃڻ باوجود آمريت جو سهارو بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ آخر تائين ان خوشفهمي ۾ مبتلا هو ته سندس سياسي مرشد آمريتي جادو سان سندس مستقبل جو چراغ روشن ڪري ڇڏيندو.پر ڇا ڇٽل ڪارتوس وري ساڳي سگهه  ماڻي سگهيا آهن؟!

"مشرف 18هين فيبروري تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ها ته سندس ٿوري گهڻي عزت رهجي اچي ها"ڪنگز پارٽي سان تعلق رکندڙ هڪ وڏيرو ٿڌو ساهه ڀريندي چوي ٿو. تاريخ جي ڪيڏي نه دلچسپ مشابهت آهي ته  مشرف کي پنهنجي اقتدار مان واپسي جو اعلان وري به 18 هين تاريخ تي ئي ڪرڻو پيو  پوءِ اها 18 آگسٽ نه صحيح 18 فيبروري ئي صحيح! پر شايد اهو آمرن جو نصيب رهيو آهي ته کين آگسٽ جو مهينو عوام کان پري ڪڍي اڇلائي ڇڏيندو آهي.جنرل ضياءَ  جو وجود 17 آگسٽ تي هن ڏيهه تان ٽريو ۽ جنرل مشرف 18 آگسٽ تي قوم جي جان ڇڏي. مشرف پنهنجي هم منصب جو اقتداري رڪارڊ ته نه ٽوڙي سگهيو پر تاريخ جي حوالي سان هو اهو رڪارڊ ٽوڙڻ ۾ ضرور ڪامياب ويو.ضياءَ 17 آگسٽ تي ۽ مشرف 18 آگسٽ تي  ڪرسي ڇڏي. (جتي صورتحال هڪ پل به برداشت جهڙي به نه هجي اتي هڪ ڏينهن ڪڍي وڃڻ وڏي ڳالهه ناهي!)  ان حقيقت جو احساس ته مشرف  کي 18 فيبروري تي ئي ٿي چڪو هوندو ته هاڻي سندس راڄ گهڻو وقت قائم نه رهي سگهندو پر ممڪن آهي ان جي ذهن ۾ اهو خيال به هجي ته  وقت گذرڻ سان گڏ معاملا ٺيڪ ٿي ويندا ۽ سندس اقتدار بچي ويندو. پر اهي ماڻهو جيڪي رت جو درياءَ پار ڪري آيا هئا ۽ جن لاءِ مشرف پنهنجي وطن جا وڻ ممنوع ڪري ڇڏيا هئا اهو ڪيئن ممڪن هو ته اهي مشرف کي برداشت ڪن ها؟ مشرف کي ته وڃڻو ئي هيو هن جيترا ڏينهن دير ڪئي اوترا ڏينهن پاڻ کي وڌيڪ خوار ڪيو.

"ٽيون ڏينهن ڇوٽڪاري واري رات هئي ۽  ان رات خدا پاڪ عوام جي دعا قبول ڪئي ۽ ڏينهن جو کيس هڪ آمر مان ڇوٽڪارو ڏياريو" منهنجو مولانا ٽائپ صحافي دوست پنهنجي جذبن جو اظهار ڪندي چوي ٿو.

مشرف جي اقتدار جي خاتمي کان پوءِ سندس سياسي همنوا يتيم ٿي ويا آهن، سڪرات ۾ رڳو (ق) ليگ ئي آيل ناهي پر متحده جي مايوسي به ڏسڻ وٽان آهي.ڪراچي ۾ هن طرفان مشرف جي جنهن نموني آجيان ڪئي وئي هئي ۽ سندس مان ڏنل آجياڻي ۾ جيڪي  شان ۾  قصيدا پيش ڪيا ويا ۽ مشرف کي جهڙي نموني خاموش نه رهڻ جون صلاحون ڏنيون ويون ۽ ان کان پوءِ تازو صوبائي اسيمبلي ۾ سندس خلاف پيش ٿيندڙ رٿ ۾ شريڪ نه ٿي مشرف سان جيڪو وفاداري جو مظاهرو ڪيو ويو ان کي ڏسي ان حقيقت ۾ ڪنهن به قسم جي شڪ جي گنجائش نه رهي هئي ته هي مشرف جا ماڻهو ئي آهن. هاڻي جڏهن مشرف نه رهيو آهي ته انهن کي به سئو ڳڻتين اچي ورايو آهي. "اسڪرپٽ اوچتو تبديل ٿي ويو اصل ۾ ڪهاڻي ائين نه هئي" متحده جو حامي هڪ سنڌي دانشور هٿ مليندي چوي ٿو. اصل ۾ ڳالهه رڳو مشرف جي وڃڻ جي ناهي پر اڳتي هلي ججن جي بحالي سميت ڪيترائي معاملا سامهون اچڻا آهن، ۽ ٻارهن مئي سميت مختلف واقعن جي نئين سر جاچ ٿيڻي آهي ۽ ان سموري صورتحال ۾ متحده جي بيچيني فطري ڳالهه آهي. مشرف جي وڃڻ کان پوءِ سندس ڇانوَ ۾ پلجندڙ اڄڪلهه وڏي مايوسي واري ڪيفيت مان گذري  رهيا آهن.

نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چئي رهيو آهي ته 18 آگسٽ وارو ڏينهن پاڪستان لاءِ يوم نجات آهي. مشرف کان عوامي بيزاري جا منظر پوري ملڪ ۾ نظر اچي رهيا آهن هر پاسي ميلي وارو ماحول آهي جمهوريت ۾ يقين رکندڙ ماڻهن سک جو ساهه کنيو آهي ۽ سازشن جو امڪان پنهنجا سمورا پساهه ٽوڙي چڪو آهي.مشرف جي وڃڻ کان پوءِ اميد ڪئي پئي وڃي ته هاڻي معاملا بهتر ٿيڻ شروع ٿيندا ۽ جتي جتي مشرف جي اثر رسوخ جي ڪري رڪاوٽون پيدا ٿيل هيون اهي سموريون رڪاوٽون دور ٿي وينديون ۽ ملڪ بغير ڪنهن خوف خطري جي جمهوريت جي نئين رستي تي سفر ڪندو. پرهن وقت جڏهن مشرف ميدان مان هٽي ويو آهي ته خود اقتداري پارٽين لاءِ  به نوان چئلينج شروع ٿيا آهن.اڳتي هلي نئين صدر جي چونڊ به ٿيڻي آهي جنهن تي ڌرين سنجيدگي جو مظاهرو  نه ڪيو ڪانٽو وري اٽڪي سگهي ٿو. ان ڪري   اهو پورو خيال ڪرڻو پوندو ته جيئن ان معاملي تي غلط فهمين جو ماحول پيدا نه ٿئي.هن وقت تائين اتحادي پارٽين جنهن سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو آهي اها مستقل طور تي قائم رکڻي آهي ۽ هاڻي سمورو ڌيان عوامي مسئلن جي حل طرف ڏيڻ جي ضرورت آهي.ڪالهه تائين مسئلا حل نه ٿيڻ پٺيان مشرف جي موجودگي جو جواز پيش ڪيو پئي ويو پر هاڻي ان جواز جي گنجائش باقي نه رهي. هينئر جيڪا به صورتحال پيدا ٿيندي اها سڌو سنئون هن حڪومت جي کاتي ۾ ئي ڳڻي ويندي.عوام جون هن حڪومت ۾ تمام گهڻيون اميدون آهن ۽ اهي اميدون ضرور، ضرور ۽ ضرور ساڀيان ٿيڻ گهرجن.

مشرف جي اقتدار جي خاتمي جي خوشي ۾ پوري ملڪ ۾ جتي جشن ملهايا پيا وڃن، مٺايون ورهايون پيون وڃن اتي شڪراني جا نفل به پڙهيا پيا وڃن.پوري قوم کي ڀرپور خوشي ملهائڻ گهرجي ڇو ته هي ئي اهو موقعو آهي جنهن جو قوم کي سالن کان انتظار هو. اهو سچ آهي ته مشرف جي وڃڻ کان پوءِ لال مسجد، بلوچستان ۽ قبائلي علائقن ّجي متاثرن جا زخم ته نه ٿا ڀرجي سگهن جيڪي هن شخص جي غلط پاليسين جي نتيجي ۾ کين رسيا هئا پر اها خبر انهن جي دل تي ڇنڊي جهڙي ضرور آهي.مشرف جي وڃڻ کان پوءِ هاڻي سندس پاليسين جو پڻ ڪو جواز نه رهيو آهي ۽ هن حڪومت ۾ اميد آهي ته اها اهڙيون پاليسيون جوڙيندي جنهن سان هنن ماڻهن جي زخمن تي مرهم رکي سگهجي.

  -مشرف کي محفوظ رستو ملڻ گهرجي؟

صدر مشرف جي استعيفيٰ کان پوءِ اهو سوال گردش ڪري رهيو آهي ته کيس محفوظ رستو ملڻ گهرجي يا نه؟ ان حوالي سان اڪثريت عوام جي راءِ اها آهي ته کيس محفوظ رستو ڏيڻ بجاءِ ساڻس ماضي جي ڪيل سمورن عملن جو حساب ڪتاب ٿيڻ گهرجي.اهو ان ڪري به ضروري آهي ته جيئن اڳتي ڪا به غير جمهوري قوت قوم کي پريشان ڪرڻ جو سامان گڏ نه ڪري سگهي ۽ سندس اڳيان هڪڙو مثالموجود هجي . مشرف گذريل اٺن سالن تائين جهڙي نموني هن ملڪ کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي ڦريو ۽ لٽيو ۽ خوب مزا ڪيا قوم جي  چوڻ مطابق  انصاف اهو آهي ته کانئس هر شيءِ جو حساب ورتو وڃي ۽ کيس اهو سبق سيکاريو وڃي ته عوام جي جذبن سان مشڪري ڪرڻ جو ڇا انجام آهي.پر مشرف کي جهڙي نموني ميڊياذريعي لائيو خطاب ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ان مان  محسوس  ٿئي ٿو ته شايد اتحادي پارٽيون کيس محفوظ رستو ڏيڻ تي راضي ٿي ويون آهن.جيتوڻيڪ في الحال ته اتحادي پارٽيون ان ڳالهه جي ترديد ڪري رهيون آهن پر ان ڳالهه جا امڪان گهڻا آهن ته مشرف خاموشي سان ٻاهرين ملڪ هليو وڃي. هي سٽون ڇپجڻ تائين ممڪن آهي هو هن ڌرتيءَ تان پنهنجا پير کسڪائي به چڪو هجي.

- ججن جي بحالي وارو معاملو

ججن جي بحالي واري معاملي ۾ اهم رڪاوٽ پرويز مشرف جي اقتدار کان پري ٿي وڃڻ کان پوءِ هينئر  انهن جي تڪڙي بحالي جا امڪان چٽا ٿي ويا آهن ۽ اهي خبرون اچي رهيون آهن ته شايد ايندڙ 72 ڪلاڪن اندر ججن جي بحالي وارو اعلان ڪيو وڃي.ڪالهه پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو  پڻ وطن پهچي چڪو آهي ۽ سندس ان آمد کي وڏي اهميت جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي.اهو  خيال ڏيکاريو پيو وڃي ته بلاول ڀٽو نه رڳو ججن جي بحالي واري اعلان ۾ شريڪ ٿيندو پر هو ملڪ جي نئين صدر جي نالي جو به اعلان ڪندو.اهو نالو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو، ان جي في الحال ته ڪا به خبر منظر عام تي ڪو نه آئي آهي، باقي بلاول ڀٽو ايترو ضرور چئي رهيو آهي ته ملڪ جو ايندڙ صدر پ پ جو ئي هوندو.

wahidparas@yahoo.com