|
نيٺ مشرف جو سج لهي ويو مرتضيٰ سيال ”نيٺ مشرف جو سج لهي ويو، هن جي چهري تي پريشاني واريون ريکائون بلڪل واضع هيون ۽ ويندي ويندي پنهنجي تقرير جي آخري لفظ تائين هن ڪوڙ ۽ مڪاري مان هٿ نه ڪڍيا. "ملڪ جي آبرو لاءِ سوچيان ٿو، مواخذو ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ به حڪومت ۽ ايوان صدر ۾ ٽڪراءُ رهندو، پارليامينٽ کي به هارس ٽريڊنگ کان بچائڻ جو خيال اچي ٿو ان ڪري ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ عهدو ڇڏيان ٿو. منهنجي نيت بلڪل صاف آهي جنهن ڪري اطمينان ۽ تسليءَ سان وڃان پيو." سندس تقرير جا اهي آخري لفظ هئا جيڪي هن وڏي تڪليف ۽ روئڻهارڪي انداز ۾ اچاريا. صدر طور هن پنهنجي آخري خطاب ۾ رڳو وضاحتن ۽ پاڻ کي ملڪ ۽ قوم جو سچو خادم ثابت ڪرڻ تي زور ڏنو. جيئن ئي هو ٽي وي تي نمودار ٿيو ته ڏسندڙ سمجهي ويا ته هو وڃي رهيو آهي. سندس باڊي لينگويج توڙي ڳالهائڻ وارو انداز ڪنهن هارايل جواري جهڙو هو هن جيئن ئي عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪيو سڄي ملڪ ۾ ڄڻ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي ويئي. عوامي رد عمل مان ائين محسوس ٿي رهيو هئو ڄڻ ماڻهن کي سالن کان ان گهڙيءَ جو انتظار هئو. مشرف پنهنجي مستقبل بابت فيصلو ڪرڻ ۾ ڪافي دير ڪئي پر ان دير باوجود هن ٽڪراءُ بجاءِ استعيفيٰ ڏئي هليو وڃڻ کي ترجيح ڏئي دانشمندي جو مظاهرو ڪيو، ڇو ته جيڪڏهن اڄڪلهه هو اهو فيصلو نه ڪري ها ته کيس تمام خراب حالتن کي منهن ڏيڻو پوي ها. عبرت جي ڪالهه واري آرٽيڪل ۾ به مون اهو عرض ڪيو هئو ته" 17 آگسٽ مشرف لاءِ فيصلي جو آخري ڏينهن آهي، جيڪڏهن هن سڀاڻي استعيفيٰ نه ڏني ته وڌيڪ خواري سندس مقدر بڻجي ويندي."سابق صدر پرويز مشرف پنهنجي آخري خطاب ۾ جن ڳالهين تي زور ڏنو اهي حيرت ۾ وجهندڙ هيون مثال طور هن چيوته" مون ڏکين حالتن ۾ ملڪ جون واڳون سنڀاليون ۽ نهايت ايمانداريءَ سان سڀني چئلنجن جو مقابلو ڪيو" ياد رهي ته هن ان وقت جي چونڊيل وزيراعظم نواز شريف پاران کيس هٽائڻ واري معاملي کي پنهنجي انا جو مسئلو بڻائي سندس حڪومت ختم ڪري اقتدار تي قبضو ڪري ورتو هو. اهي "ڏکيون" حالتون هيون جن ۾ کيس "مجبوري" ۾ ملڪ سنڀالڻو پيو ۽ ملڪ ۽ قوم جي مفادن کي ترجيح ڏني. هن ڪالهه به اهو دهرايو ته "مون لاءِ سڀ کان پهريان پاڪستان آهي، ان ئي جذبي تي هلندي مون ملڪ کي ذاتي مفادن کان مٿانهون رکيو ۽ آئينده به ان جذبي تي قائم رهندس." تجزيه نگار ورائي ورائي چئي چڪا آهن ته "مشرف جي هوڏ ۽ غلط فيصلن جي ڪري ملڪ عدم استحڪام، افراتفري، دهشتگردي ۽ لاقانونيت جي ور چڙهي ويو آهي." نه رڳو اهو پر چوڻ وارن اهو به چيوته "مشرف پنهنجي انا کي تسڪين ڏيڻ لاءِ ٻن وڏين سياسي جماعتن جي ليڊر شپ کي ملڪ کان پري رکي اهو چوندو رهيو ته پاڪستان جي سياست ۾ سندن ڪو به ڪردار ڪونهي." هو هن ملڪ کي عوام جي خواهشن مطابق هلائڻ بجاءِ آمرانه انداز ۾ پنهنجا غير جمهوري فيصلا مڙهيندو رهيو، عوام جي جذبن جو قتل ڪندي (ق) ليگ جي صورت ۾ آمريت نواز ماڻهن کي اڳيان آڻيندو رهيو. ايوان صدر ملڪ ۽ قوم جي قسمت بدلائڻ وارو ڪردار ادا ڪرڻ بجاءِ جوڙ توڙ ۽ سازشن جو مرڪز رهيو پر پوءِ به هو اهو چوندي ڪا به ڦڪائي محسوس نه ٿو ڪري ته "بدقسمتي آهي جو ڪجهه عنصر پنهنجي ذاتي مفادن کي ملڪ جي مفادن کان مٿانهون رکندي عوام کي دوکو ڏئي رهيا آهن ۽ مون تي ڪوڙا الزام هڻي رهيا آهن. سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ کي سچ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن." هو هر ڳالهه ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته سندس مخالفت جو مطلب پاڪستان خلاف سازشون ڪرڻ آهي، ٻئي پاسي پورو پاڪستان ان ڳالهه تي يڪراءِ آهي ته مشرف اقتدار تي قبضي ڪرڻ کان وٺي اڄ تائين حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪندو رهيو آهي ۽ سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ کي سچ ثابت ڪرڻ جي ڪوششن ۾ سڀني کان اڳيان رهيو آهي ۽ جنرل ضياءَ کان پوءِ رٽائر جنرل مشرف ئي ملڪ لاءِ سڀني کان وڌيڪ نقصانڪار ثابت ٿيو آهي. آئين سان هٿ چراند ۾ مشرف سڀني آمرن کان گوءِ کڻي ويو پر پوءِ به هو چوندو رهيو ته "مون ڪو به آئين ۽ قانون خلاف ڪم نه ڪيو آهي، هر ڪم ملڪ جي مفاد ۾ ڪيو آهي" پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ هن 3 نومبر تي ايمرجنسي لاڳو ڪري ججن کي نظربند ڪري ڇڏيو، اهڙي حرڪت جو مثال نه ٿو ملي جو هڪ آمر پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ ملڪ جي اعليٰ عدالتن جي تقدس تي وار ڪري ملڪ کي پوري دنيا آڏو خوار خراب ڪري ڇڏي. ساڳيو آمر ڪالهه واڳونءَ وارا ڳوڙها ڳاڙيندي نڪ جي پڪائي جو مظاهرو ڪري رهيو هو ته "دنيا ۾ پاڪستان جي ڪا به سڃاڻپ نه هئي، مون اچي پاڪستان کي سڃاڻپ ڏني، دنيا جي نقشي تي ملڪ کي نمايان ڪيو. هن کان اڳ پاڪستان جي ڳالهه نه ٻڌي ويندي هئي اڄ اسان جي ڳالهه ٻڌي وڃي ٿي ڇو ته ملڪ جو رتبو وڌيو آهي" هن اهو به چيوته" اسان بهتر جمهوريت متعارف ڪرائي" ويندي ويندي به هو ڪوڙ ڳالهائڻ کان نه مڙيو اڳي ڪتابن ۾ دهليءَ جي ٺڳن جا قصا پڙهندا هئاسين پر مشرف جي روپ ۾ انهن کي مجسم ڏسڻ جو موقعو به مليو. گذريل اٺن سالن وارين پنهنجين پاليسين کي بهتر ۽ قابل فخر سڏيندي مشرف چيوته ، گذريل ڇهن مهينن کان معاشي بحران شروع ٿيو آهي نه ته 8 مهينا اڳ تائين به ان جي حالت ڪافي بهتر هئي، جيڪي اسان جي پاليسين کي خراب چون ٿا اهي حقيقت ۾ پاڪستان کي نقصان ڏيڻ چاهين ٿا. گذريل نون سالن ۾ رڪارڊ ترقي ٿي آهي، تمام گهڻا پراجيڪٽ مڪمل ٿيا آهن، گوادرپورٽ ٺهيو آهي، ٽيليڪميونيڪيشن ۾ انقلاب آيو آهي، هينئر ملڪ ۾ 8 ڪروڙ موبائل فون موجود آهن، هر طرف انڊسٽري ڦهلجي رهي هئي، نوڪريون ملي رهيون هيون، سيڙپڪاري ٿي رهي هئي، عوام خوشحال ٿي رهي هئي، بيروزگاري ۽ غربت گهٽجي رهي هئي. هر شعبي ۾ تمام گهڻي بهتري اچي رهي هئي. حقيقت هي آهي ته " ملڪ تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي ويو، مهانگائي، بک ۽ بيروزگاري ۾ رڪارڊ واڌارو آيو، ماڻهو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا. مشرف جا چمچا ملڪ جي سڀني ادارن کي اڏوهي جيان کوکلو ڪرڻ ۾ مصروف هئا. لساني متڀيد کي هٿي وٺرائي ويئي ۽ پنهنجا نواز پاليسي جا نوان نوان رڪارڊ ٺاهيا ويا، دهشتگردي خلاف جنگ جي آڙ ۾ ملڪ ۽ قوم کي دهشتگردي واري باهه ۾ اڇلايو ويو ۽ هر اهو ڪم ڪيو ويو جنهن سان ملڪ جو ڏيوالو نڪرندو رهيو. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته مشرف کي آخر تائين اها غلط فهمي ڇو رهي ته ماڻهو بيوقوف آهن ۽ سندس نيت ۽ سازشن کي سمجهي نه ٿا سگهن. هن وٽ شرمنده ٿيڻ لاءِ ته کوڙ سبب هئا پر فخر ڪرڻ لاءِ ڪو به سبب نه هئو ان کي نڪ جي پڪائي ئي چئي سگهجي ٿو جو هو گذريل نون سالن دوران ته ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو پر آخري گهڙيءَ تائين به ڪوڙ ڳالهائڻ کان نه مڙيو. هن چيوهو ته "هو ناڪام ٿيڻ سکيو ئي ناهي" پر دنيا ڏٺو ته ناڪامي سندس مقدر بڻجي ويئي. آئون اها ڳالهه ٻيهر دهرائيندس ته ڪنهن به آمر لاءِ حڪومت تي قبضو ڪرڻ جيترو آسان هوندو آهي واپسي جو محفوظ رستو حاصل ڪرڻ اوترو ئي ڏکيو هوندو آهي." بدنيتيءَ سان حڪومت تي قبضو ڪندڙ رٽائرڊ جنرل پنهنجين سڀني بدنيتين سميت اڄ ماضي جو قصو بڻجي ويو آهي. ثابت ٿي چڪو آهي ته آمر ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي پر ان جي پڄاڻي چڱي ٿئي اهو ڪڏهن به ناهي ٿيو. مشرف سڀني فوجي آمرن کان وڌيڪ تڪراري ۽ ڪوڙو ثابت ٿيو. جمهوريت جي هام هڻندي جمهوريت مخالفت قوتن کي طاقتور ڪندو رهيو، ادارن جي ڪردار کي مشڪوڪ ڪرڻ ۾ به مشرف سڀني کان اڳيان رهيو. جمهوريت ۽ مفاهمت جي نالي ۾ هو غير مقبول ماڻهن کي مسلط ڪري پنهنجا مقصد ماڻيندو رهيو. طاقت پرستي سان هن ننڍن صوبن کي هيسائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. پنهنجي مخالفت کي افسوسناڪ چوندي ان کي ملڪ ۽ قوم لاءِ نقصانڪار سڏيندو رهيو پر ڪالهه سندس استعيفيٰ کان پوءِ ڄڻ ملڪ ٺري پيو آهي ۽ عوام سک جو ساهه کنيو آهي، هر طرف خوشيون ۽ شادمانا آهن، مٺايون ورهائجي رهيون آهن ۽ عوام ان مبارڪ موقعي کي باقاعدگي سان سيليبريٽ ڪري رهيو آهي.مشرف جو وڃڻ جمهوريت پسند ڌرين جي فتح آهي. هاڻي اهو حڪومتي اتحاد ۽ جمهوريت پسند سياسي ڌرين جو فرض آهي ته هو ملڪ کي بحران مان ڪڍي ان کي حقيقي ترقيءَ ڏانهن وٺي وڃن ۽ عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مضبوط نظام جي جوڙجڪ کي يقيني بڻائين. اهو به ضروري آهي ته مضبوط سياسي ڪلچر پيدا ڪري مستقل بنيادن تي آمرن جي رستا روڪ ڪجي جيئن جمهوريت آزاد سياسي ماحول ۾ وڌي ويجهي سگهي. |