|
Perspectives Ahead… فتح جي جشن کانپوءِ هـينگ اوور ٿيندو! ظفر امام جنرل مان رٽائرڊ جنرل ۽ صدر مان اڳوڻو صدر بڻجي ويل پرويز مشرف پنهنجي محفوظ پناهه گاهه ڪٿي ڳولهيندو؟ هتي هن ملڪ ۾، هن ملڪ کان ٻاهر ڀلي پار يا ڪنهن ٻئي هنڌ ؟ ”سب سي پهلي پاڪستان“ چوڻ وارو مشرف پاڪستان ۾ رهڻ کي ترجيح به ڏئي ٿو يا نه، هن لاءِ هاڻ هتي رهڻ ممڪن به آهي يا نه، اها ڳالهه هاڻي اهم ناهي، جيڪڏهن هو ماياڪوفسڪي جي هن نظم جهڙو هجي ها ته پوءِ هن جي ڏيهه يا پرڏيهه وڃڻ جي پرواهه ڪجي ها – I want to be understood By my country And if I am not Never mind, I will pass over My native land sideways As a slanted rain passes ” مان چاهيان ٿو منهنجي ڀومي مونکي سمجهي، پر جيڪڏهن مونکي نه سمجهيو ويو، ته ڪا پرواهه ڪونهي، مان پنهنجن اباڻن پوٺن کان ايئن گذري ويندس جيئن تـِرڇو مينهـُن گذري ويندو آهي“ پر اسان سڀ ڄاڻون ٿا هن جو قد ڪاٺ ايترو ڪونه هئو جيترو عظيم هي نظم آهي. هن جي ڀومي هن جي وطن هن کي سمجهي ورتو هو، هن جي فاشزم کي، هن جي اقتدار جي حوس لاءِ سڀ ڪجهه ڪري گذرڻ کي، هن جي طاقت پرستي جي نشي کي هن جي وطن خوب سمجهي ورتو هو. سوال اهو اهم ناهي ته پرويز مشرف هاڻي صدر ناهي رهيو. 18 فيبروريءَ کانپوءِ دراصل هو هڪ ڪاغذ جو شينهن ئي ته هيو، هڪ Scare Crow ئي ته هيو. مسلسل هن اذيت ۾ گذاريو هو. آمريت جي اها جبلت هوندي آهي جو اها ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو جهڪڻ پسند ناهي ڪندي. اها يا ته تمام گهڻي طاقت ۾ رهڻ چاهيندي آهي، يا بلڪل ئي نه. وچ وارو رستو گهٽ آمرن ورتو آهي. هي مجرماڻي ذهنيت رکندڙ ماڻهو تمام گهڻو هٺ ڌرم رهيو، پر خير، 18 فيبروري تي هن جو زوال اچي چڪو هيو، دراصل ان جو اعلان باقي هيو جيڪو هن ڪالهه بلڪل ڇهن مهينن کانپوءِ ڪيو. پر اسان لاءِ سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته هاڻي ڇا ٿيڻ وڃي رهيو آهي، هي سڀ ڪجهه ته ٺيڪ آهي جيڪو خوشي وچان اسان ڪري رهيا آهيون، مٺايون ورهائي رهيا آهيون، جشن ملهائي رهيا آهيون. ڊانس ۽ ڀنگڙا سڀ ڪجهه ٺيڪ پر ان کان اڳتي ڇا آهي؟ هن جمهوري حڪومت جو مستقبل ڇا آهي، ۽ مجموعي طور تي هن حڪومت هيٺ رياست پاڪستان جو تناظر ڇا وڃي بيهندو؟ سـَپَ به ويو سـَپَ جو سراپُ به ويو گذريل نوَ سالن کان اسان سڀني جي هانوَ تي مـُڱ ڏريندو رهيو هو مشرف. هن رياست پاڪستان ۽ ان جي ماڻهن جي جيڪي حالت ڪئي اها ته ڪنهن کان به ڳجهي نه آهي، پر جڏهن کان هيءَ جمهوري حڪومت جڙي آهي ان مسلسل اهو راڳ آلاپيو آهي ته گذريل حڪومت تباهي ڪري وئي آهي. اسٽيبلشمينٽ ۽ مشرف سازشون ڪري رهيا آهن، ملڪي معيشت کائي چٽ ڪري ويا آهن، مشرف سمورين براين جي جڙ آهي. ۽ هاڻ جڏهن مشرف نه رهيو آهي ۽ ان جو ٽولو به ڪمزور ٿي ويو آهي، تڏهن اسان اميد ٿا ڪيون ته اهو آلاپ به بند ٿيڻ گهرجي. اسان سڀني کي خبر آهي ته گذريل حڪومت ۽ مشرف سمورين براين جي پاڙَ هئا، پر اهو ته صرف هڪ انفارميشن پيس آهي جيڪو هيءَ حڪومت ۽ ان جا ترجمان مسلسل ورجائي رهيا آهن، هن ملڪ جي عوام 18 فيبروريءَ تي پيپلزپارٽي ۽ ان جي اتحادي پارٽين کي ووٽ به ان لاءِ ئي ته ڏنو هيو جو کين خبر هئي ته ق ليگ ۽ مشرف انهن جو ڪهڙو حشر ڪري رهيا آهن، کين ان اذيت مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي! ان جي لاءِ ته کين ووٽ نه ڏنو ويو هيو جو هـُو اچي اسانکي ٻڌائين ته مشرف ۽ ق ليگ جا ڪهڙا ڪڌا ڪرتوت هئا! ان نيوز آئٽم ٻڌڻ جي لاءِ ته گهٽ ۾ گهٽ هيءَ حڪومت نه جوڙي وئي هئي. سمورين براين جي پاڙَ کي توهان ڪٽي ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي توهان جي اهليت جو امتحان آهي. پئٽرول، بجلي، گئس جا اگهه، کاڌي پيتي جي شين جي بدترين مهانگائي، بيروزگاري، غربت ، جهالت ۽ بدحالي – جمهوري حڪومت جي فلاسافيءَ مطابق انهن سڀني جو ڪارڻ مشرف هئو ۽ هڪ حد تائين اها ڳالهه درست به آهي، هاڻي جڏهن اهو ڪارڻ ئي نه رهيو آهي ته پوءِ اهي سڀ شيون واپس پنهنجي جڳهه تي اچي وڃڻ گهرجن. تنهنڪري اسان کي ڏسڻو پوندو ته هيءَ جمهوري حڪومت ايندڙ وقت ۾ انهن سڀني عوامي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي ڪيتري قابل آهي ۽ مشرف جي ڀيٽ ۾ جيڪو حل اها کڻي آئي آهي اهو حل ڪيترو ڪارآمد آهي. هن حڪومت جي لاءِ فوري طور تي ٻيو وڏو اهم معرڪو ججن جي بحالي وارو آهي. جيتوڻيڪ ججن جي بحالي هاڻي هڪ نان – اشو آهي، پر کين اهو به ڪرڻ ڏيو. جج بحال ٿي وڃڻ ڏيو، پوءِ صرف پيپلزپارٽي ئي نه پر (ن) ليگ جو به امتحان شروع ٿيندو. جمهوريت ۽ عوام آمهون سامهون ٿيندا چئي چڪو آهيان ته سـَپُ جيڪو مشرف هو، اهو سپ پاڻ به ويو ته ان جو سراپ به ويو. هاڻي دراصل هن جمهوريت جي ڪسوٽي شروع ٿئي ٿي. پاڻ کي خبر آهي ته پاڪستان جهڙي رياستن اندر جمهوريت جي اصل حقيقت ڇا هوندي آهي، پر اها حقيقت هاڻي تيزيءَ سان عوام جي اکين آڏو به وائکي ٿيڻ شروع ٿي ويندي. جيئن هتي اسان تي حاوي دانش، عقل ۽ فلسفو، ميڊيا ۽ صحافت اسان کي بار بار اهو ئي ٻڌائيندا رهيا آهن ته انسانيت جي سڀني مسئلن جو حل ۽ انهن جي نجات جمهوريت ۾آهي، جيئن هتي جمهوريت کي لقمان حڪيم واري هر مرض تي پوندڙ ڦڪي ڪري پيش ڪيو ويندو رهيو آهي، هاڻي ان جمهوريت جو به امتحان شروع ٿيندو. هڪ وڏي وقت کانپوءِ ملڪي سياسي منظرنامي تي نه ڪو مشرف هوندو، نه ڪو پيرزادو ۽ ملڪ قيوم هوندو، نه ڪو چوڌري چـِڀڙ هوندو. سڀ اهي ئي پنهنجا هوندا جن کي اسان پاڻ ووٽ ڏئي منتخب ڪري اسيمبلين ۾موڪليو آهي. مشرف جي وڃڻ کانپوءِ هاڻي سڀ کان وڏو امتحان ”روٽي، ڪپڙو ، مڪان“ جو نعرو هڻندڙ پيپلز پارٽي جو شروع ٿئي ٿو. اڳي ته وچ ۾ مشرف حائل هيو، هڪ ديوار مثل هيو. تڏهن حڪومت جي ڪيل هر سياسي معاشي پيش قدمي کي مشرف ۽ حڪومت جي تعلقاتن جي تناظر ۾ڏٺو ويندو هيو. هيءَ حڪومت عوام کي ان ڳالهه تي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي ته پرويز مشرف جي ڪري کين مشڪلاتون درپيش آهن، عوام به ان ڳالهه کي هينئين سان هنڊايو ته ها واقعي، جيستائين مشرف هوندو، سندن مسئلن جو حل ٿيڻ مشڪل آهن. مجموعي طور تي سموري ملڪ ۾ جيڪو مشرف مخالف تاثر هيو، ان تاثر هن حڪومت کي ڪيتري ئي تنقيد کان بچايو. هاڻي ايئن نه آهي. هن حڪومت جي لاءِ سڀ کان ڏکيا ڏينهن شروع ٿيڻ وارا آهن. هاڻي عوام سان جيڪو ڪجهه به ٿيندو ان جو ذميدار هن حڪومت کي ئي سمجهيو ويندو. ماڻهن جا روز مره زندگي جا مسئلا حل نه ٿيندا ۽ ظاهر ڳالهه آهي عوامي سياسي شعور هڪ ڇلانگ لڳائي اچي حڪومت جي آمهون سامهون ٿيندو. پوءِ مدمقابل حڪومت (۽ خاص طور تي پيپلزپارٽي) ۽ عوام هوندا. جمهوريت کان عوام جو پڇاڻو ٿيڻ جي لاءِ ماحول جڙندو ويندو. هيءَ اها وڏي سياسي پيش رفت آهي جيڪا مشرف جي وڃڻ کانپوءِ متوقع آهي. جيڪڏهن جج به بحال ٿي وڃن ٿا ته پوءِ عوام تيزيءَ سان جمهوريت جي باري ۾ پنهنجي انهيءَ تجربي مان سکندو. هيءَ جمهوريت هن جمهوريت تي هر طرف کان دٻاءَ وڌندا رهندا. اپوزيشن به هن کي اهو ئي چوندي ته هاڻي ته ڪو بهانو ڪونهي، هاڻي مسئلن کي حل ڪري ڏيکاريو. هن حڪومت جا همدرد توڙي مخالف گهٽ ۾ گهٽ اها هڪ ئي پوزيشن وٺندي نظر اچن ٿا. عالمي ۽ ملڪي معاملن ۾ مشر ف جو هاڻي ڪو به هٿ نه هوندو، تنهنڪري اهي سڀ معاملا کين پاڻ کي ئي ڊيل ڪرڻا آهن. سڀ کان وڏو ۽ فوري مسئلو بلوچستان ۽ سرحد صوبي جي صورتحال آهي. دهشتگردي خلاف جنگ هڪ ٻي طريقي سان جاري ئي رهندي. جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته سرحد صوبي ۾ هاڻي امن وغيره قائم ٿيندو، اهي بيوقوفن جي جنت ۾رهن ٿا. تازو هاڻي وزيراعظم گيلاني 15 بلين ڊالرز جي امداد ڇا لاءِ وٺي آيو آهي؟ ظاهر ڳالهه آهي امريڪين امداد وڌائي آهي اهي نتيجا به اهڙا ئي چاهيندا. طالبان سان ڳالهيون ۽ جنگ جو ڊرامو قسطوار هلندو ئي رهندو. پيپلزپارٽي تي سڀ کان وڏي تنقيد اها آهي جو ان پنهنجي منشور کان منهن موڙي طبقاتي مصالحت ڪئي آهي، کيس ان جو نتيجو ڀوڳڻو ئي پوندو. اتحادين مان ڪو هڪ کيس پٺ ۾ خنجر هڻي سگهي ٿو، اهي امڪان ته بهرحال رهندا. پر پنهنجي منشور جي ابتڙ پيپلزپارٽي جيڪي سامراجي نيولبرل ۽ مارڪيٽ اڪانومي جو پاليسيون جاري رکيون آهن، اهي هن ملڪ جي عوام جو اڳي کان به وڏو معاشي قتل ِ عام ڪنديون. نجڪاريون ٿينديون، بيروزگاري وڌندي. ان حوالي سان پيپلزپارٽي جي اڪانامڪ مئنيجرز جا اهي بيان رڪارڊ تي آهن جن ۾ بار بار دنيا کي اهو باور ڪرايو ويو آهي ته سندن معاشي پاليسيون تبديل نه ٿينديون بلڪه ساڳيون ئي رهنديون. سمورو مسئلو معيشت ۾ آهي جنهن کي سياست ۾ ڏيکاري عوام کي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ۽ اها ڪوشش اڃا به ٿيندي رهندي. ممڪن آهي اهو دوکو وري ججن جي بحالي واري مسئلي تي ڏنو وڃي. ممڪن آهي صدر جي چونڊ تي هڪ ٻيو بحران کڙو ڪيو وڃي، ۽ اهو به ممڪن آهي ته ججن جي بحالي کانپوءِ وري اين آر او کي عدالتن ۾ چئلينج ڪرڻ جهڙا قدم کنيا وڃن. ان ڏس ۾ هندستان سان تعلقات به خراب ٿي سگهن ٿا ۽ بلوچستان مسئلي تي غيرضروري ڊيگهه کان به ڪم وٺي سگهجي ٿو. بهرحال، ايئن آهي ته هن جمهوري حڪومت کي عوام کي مصروف رکڻ لاءِ ڪو نه ڪو سياسي بحران گهرجي ٿو جيڪو وقت به وقت مينوفيڪچر ڪندو رهڻ ڪو به مسئلو ناهي. پر هر معاملي جي هڪ حد هوندي آهي. اسان فتح جي جشن ۾ ضرور آهيون، مشرف جي وڃڻ تي خوش آهيون، پر مشرف جي وڃڻ سان هيءَ سرزمين ارضي جنت بڻجڻ نه وڃي رهي آهي، نه ڪا مهانگائي گهٽجندي، نه تيل جون قيمتون ئي گهٽ ٿينديون، نه ئي وڏي پئماني تي عوام کي مستقل روزگار ملي سگهندو، نه هن ملڪ جي معيشت ۾ ڪا ايتري وڏي بهتري ايندي. 74 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ ائين ئي جيئري رهندي جيئن اڳ ۾ جيئندي هئي، ويتر پيپلزپارٽي جي نيولبرل پاليسين جي ڪري ان غربت ۾اضافو اچي سگهي ٿو جنهن جي اثر ن کي مختلف خيراتي پروگرامن ذريعي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. بهرحال، هڪ وڏي وقت کانپوءِ، ۽ شايد پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عوام کي هن جمهوريت مان سکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ملندو. عوام پهرين ڀيرو اهو سکندو ته دراصل جمهوريت ڪا ماني نه آهي جنهن کي کائي سگهجي، آئين ڪي ڪپڙا نه آهن جن کي پائي سگهجي، پارليامينٽ ڪو گهر نه آهي جنهن ۾ رهي سگهجي. عوام کي ٺوس قدم گهرجن ٿا، کين پنهنجي پنهنجي اجهن تي عزت ۽ وقار سان روٽي ، ڪپڙو ۽ مڪان گهرجي ٿو جيڪو ڏيڻ پيپلزپارٽي ۽ اتحادي حڪومت جي وس ۾ ڪونهي. ايستائين جيستائين هو عالمي سامراجي استحصالي پاليسين کي جاري رکن ٿا. هن وقتي جشن کانپوءِ اسان جي سامهون ڀيانڪ مستقبل بيٺو آهي. تمام وڏا معاملا آهن. بلوچستان جي صورتحال، هندستان سان سرحدي ڇڪتاڻ، انتهاپسندي، دهشتگردي خلاف جنگ ۽ سڀ کان وڌيڪ عوام جي معاشي تنگي جيڪا ڪنهن وقت به ڦاٽي سياسي ڌماڪا ڪري سگهي ٿي. مشرف جي وڃڻ کانپوءِ فتح جي جشن ۾ بدمست ٿي پيئڻ چاهيو ٿا ته پيئو، پر جڏهن پارٽي ختم ٿيندي ۽ صبح ٿيندو تڏهن هينگ اوور ۽ مٿي جو سـُور اسان کي وڪوڙي چڪو هوندو. |