'Democracy is the best revenge'

نوَ سالا آمريتي رات جي پڄاڻيءَ تي...

امداد سومرو


سترهين آگسٽ 88ع تي اسان جي جان جنرل ضياءَ الحق مان ڇـُٽي هئي. ارڙهين آگسٽ 2008ع تي اسان جي جان هڪ ٻئي ڊڪٽيٽر مان آجي ٿي آهي. اهڙي طرح اسان جي آمريتي تاريخ ۾ سترهين ۽ ارڙهين آگسٽ واريون تاريخون اهي ”جاڙيون تاريخون“ آهن جڏهن اسان جي جان ٻن نسل ڪش آمرن مان آجي ٿي. سترهين آگسٽ تي هڪ ڊڪٽيٽر به هوائن ۾ اڏامي ويو. ارڙهين آگسٽ تي جنرل مان جان ڇـُٽي، جيتوڻيڪ هو اڃا سلامت آهي پر هو ڀڄڻ جي ڪوشش ۾ آهي. سعودي يا امريڪا؟

مشرف استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ اسان جي ڪيفيت ڪجهه ڏينهن اڳ لکيل غالب جي انهيءَ شعر جهڙي آهي: ڪي خوشي سي مر نه جاتي گر اعتبار هوتا.... خوشيءَ ۾ واقعي به مرڻ جهڙي ڪيفيت آهي. اسان جي جند هڪ اهڙي آمر مان آجي ٿي آهي، جيڪو پاڪستان جي اصلوڪين (indigenous) قومن جو دشمن هو. سواءِ اردو ڳالهائيندڙ جي هي جنرل باقي اصلوڪن ماڻهن جي رت جو پياسو هو.

ساڳو سمون آهي جهڙو جنرل ضياءَ الحق جي موت جي خبر کانپوءِ جهڙو هو: خوشي يارهن سالن کان پوءِ اسان جي ديس ۾ آئي هئي--  ۽ هاڻ به ساڳو سمون آهي. ساڳيون واڌايون آهن. ساڳي خوشيءَ جهڙي ڪيفيت اسان جي ديس ۾ ڪهي آئي آهي.

ڪالهه جڏهن هن استعيفيٰ جو اعلان ڪيو ته مون کي جالب جو اهو شعر ياد آيو:

”تم سي پهلي وه جو اڪ شخص يهان تخت نشين ٿا،

اس ڪو ڀي اپني خدا هوني پي اتنا يقين ٿا!“

سرزمينِ بلوچان جي اڄ خوشيءَ جو ڏينهن آهي. پختونن جو روح خوش ٿيڻ جي گهڙي آهي ۽ سنڌين جي سينن ۾ جيڪو بينظير ڀٽو جو زخم تازو آهي، پر جنرل جي اقتدار تان لهڻ کان پوءِ ان تي ڪنهن مرهم جو اثر ٿيندو. محترمه جي شهادت کان پوءِ ٽيجهي دوران پهرين خطاب ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سندي شهيد والده جا اهي لفظ دهرايا هئا:

‘Democracy is the best revenge’!

اسان بندوق بجاءِ ڊيموڪريسيءَ جي نعري سان انتقام وٺي ڄاڻون ۽ اسان اهو پهريون ڀيرو ثابت نه ڪيو آهي پر اسان اهو اڳ به ثابت ڪري چڪا آهيون. ڊيموڪريسيءَ واري طاقت اسان کي پهرين ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پوءِ محترمه بينظير ڀٽو جان جو نذرانو ڏئي ڏني. ان لاءِ هنن پنهنجي رت جو نذرانو ڏنو هو.

مشرف- پڄاڻيءَ جو پهريون ڪريڊٽ، اسان جي جمهوريت جي ديوي محترمه بينظير ڀٽو کي وڃڻ گهرجي، جنهن مشرف کي وردي لاهڻ تي مجبور ڪيو ۽ نواز شريف سميت مختلف جماعتن کي استعيفيٰ ڏيڻ واري آپگهات کان بچايو. اڄ 18 هين فيبروريءَ وارين چونڊن جو نتيجو آهي جو مشرف کي گوڏا ٽيڪڻا پيا. هن کي اقتدار تان لهڻو پيو. اڄ قاضي حسين احمد، عمران خان، اچڪزئي ۽ اي پي ڊي ايم وارا ڪٿي آهن جيڪي اليڪشن جي بائيڪاٽ جي رٽ لڳائي رهيا هئا. انهن ڏانهن ڪو به ڪريڊٽ نه ٿو وڃي. پهريون ڪريڊٽ پيپلز پارٽي کي وڃي ٿو ۽ مان اها چوڻ جي جرئت ڪيان ٿو ته مشرف لاءِ رستو جتي مائي لارڊ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ سوڙهو ڪيو يا ان ۾ ميان نواز شريف جيڪو مضبوط اسٽينڊ ورتو، اتي هن بحران جي ڀنور مان ملڪ کي ڪڍڻ ۽ مشرف کي ايوانِ صدر مان تـڙڻ جو ڪريڊٽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ کي وڃڻ گهرجي، جنهن ميان صاحب کي ججن جي بحاليءَ کان اڳ مشرف مان جان ڇڏائڻ لاءِ مواخذي تي آماده ڪيو ۽ ائين ڪري ڏيکاريو.

ڏهاڪو سال اڳ، اسان نانا پاٽيڪر، انيل ڪپور ۽ جيڪي شيروف جي فلم ”پرندا“ ڏٺي هئي، جنهن ۾ انڊر ورلڊ جي ڊون نانا پاٽيڪر جنهن کي باهه جي پيرونيا (Peronia) هوندي آهي، جيڪي شيروف ان کي ختم ڪرڻ لاءِ هن جي چوڌاري شراب جون بوتلون ٽوڙيون ۽ ان کي ماچيس سان باهه لڳائي ۽ اها گهڙي نانا پاٽيڪر جي زوال لاءِ موت جو سبب بڻي.

اهو ڏينهن جنرل جي ڊيڄوڙي واري ڪيفيت جي ابتدا وارو هو، جنهن ڏينهن شريڪ چيئرمين آصف زرداري ۽ ميان نواز شريف جنرل جي مواخذي جو اعلان ڪيو هو. مواخذي جو اعلان جنرل جي شڪست ۽ پڄاڻيءَ جو اعلان هو. ڊيم آن يو جنرل (Damn on you General).

ڪيتري نه آڪڙ، زعم ۽ ٽـڙ ٽـڙ هئي جنرل ۾. ڪيتري نه مڳي هئي هن کي. هن جي ڪنڌ ۾ ڪـِلي لڳل هئي ۽ هن کي زعم هو امريڪي آقا تي، پر هي ڇا ٿيو جو بش هن جي فون ڪال وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ هن جو چهيتو دوست ڊڪ چيني هن کان منهن موڙي ويو. بينظير ڀٽو جو مخالف ڊڪ چيني. ڪونڊي ليزا رائيس جنرل جي عبرتناڪ مثال ۾ واڌارو آندو جڏهن هن استعيفيٰ کان هڪ ڏينهن اڳ چيو ته، امريڪا مشرف کي سياسي پناهه ڏيڻ سوچي نه رهيو آهي. هاڻ هن کي امريڪا به سياسي پناهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ترڪي يا سعودي عرب. ڊڪٽيٽرن کي پنهنجي سرزمين به جاءِ نه ڏيندي آهي. پنوچي لنڊن ۾ ئي مري ويو هو. مشرف جي ملڪ ڇڏيو ته هن جي وطن واپسي شايد ٿئي. پر ڪهڙو وطن؟ شوڪت عزيز وانگر جنرل مشرف جو به ڪو وطن نه آهي. شوڪت عزيز جيئن ٻاهر رهي پيو، هيءُ به ٻاهر هليو ويندو. پر ڇا هو ڪو حساب ڪتاب ڏيڻ بنا هليو ويندو؟

جنرل خطاب دوران چيو ته، 'پاڪستان منهنجو عشق آهي'. پنهنجي محبوب سان جهڙو حشر هن ڊڪٽيٽر ڪيو، ان جو مثال هن کان اڳ شايد ئي ملي. اهو عشق اهڙو هو جيئن منير نيازي چيو هو: ”هم جسي چاهتين هين، اسي مار ڊالتي هين“. پر شايد اها منير نيازيءَ سان زيادتي هوندي.

اسان جي ته دل اڃا به نه ٺري آهي. اسان ته چاهيو هو ته هن جي ڳچيءَ ۾ رسو وجهي شاهراهه دستور تي گهليو وڃي يا هن کي اڊيالا جيل موڪليو وڃي ۽ هن جو ٽرائل ڪيو وڃي. آخر هن کان ڇو نه هزارين پختونن جي رت جو بدلو ورتو وڃي، هزارين بلوچن جي لاپتا ٿيڻ، ٽارچر سهڻ ۽ دربدريءَ جو حساب ورتو وڃي. هن کان محترمه شهيد جي ڪيس بابت پڇيو وڃي. هن کان پنجابين جي ڪيس بابت پڇيو وڃي. هو اقتدار ڇڏي مزي سان هليو وڃي، اهو ته ڪجهه به ناهي.

اسان اهڙي ريڊيڪلزم کي شايد ڇهندڙ قوم نه آهيون. جي ائين هجي ها ته ماڻهن جا هشام ايوانِ صدر جي چوڌاري جمع ٿي وڃن ها ۽ جنرل جو گهيرو ڪيو وڃي ها جيئن هن کي اتان ڪيڏانهن ڀڄڻ نه ڏنو وڃي ها. سياسي پارٽين جا ڪارڪن ۽ ليڊر انهيءَ گهيري (siege) جي ليڊ ڪن ها ۽ ڊڪٽيٽر کي ڀڄڻ نه ڏنو وڃي ها. جيتوڻيڪ هي سٽون لکڻ تائين مشرف اڃا ملڪ مان نه ڀڳو آهي پر هن وٽ ڀڄڻ کان سواءِ ٻيو ڪهڙو دڳ آهي؟

هن پنهنجي اندر ۾ ايتري نفرت ڀري ڇڏي هئي جو هو اڄ سندي رحم جوڳي حالت ۾ ڪنهن به طرح معافيءَ جو مستحق ناهي. جنرل جي روشن خياليءَ کان متاثر لڏي هن کي شروعات ۾ تمام گهڻو سپورٽ ڪيو هو. اصل ۾ اهو طبقو جيئن ته مٿئين طبقي سان واسطو رکندڙ هو (ان جو مطلب اهو نه آهي ته وچون طبقو يا هيٺيون طبقو بنياد پرست آهي)، اهو جنرل جي دوکي ۾ اچي ويو. ٻانهن تي ٻن ڪـُتن جي رکڻ ۽ ٽي شرٽ وغيره پهرڻ ڪري اهو طبقو جيڪو اسلام آباد، ڪراچي، لاهور جي مهانگن علائقن ۾ رهندڙ هو يا اين جي اوز ۾ هو، اهو جنرل جي دوکي ۾ اچي ويو هو.

اصل ۾ بزنيس مين ڪميونٽيءَ جو الميو آهي ته اهو هڪ خاص اٿ ويهه رکندڙ هوندو آهي ۽ هن جا مفاد پوئر ماسز سان ٽڪراؤ رکندڙ هوندا آهن. ان ڪري ميڊيا ۾ اهو لڏو جيڪو ڊفينس وغيره جهڙن علائقن ۾ پنهنجي دنيا جوڙيو ويٺو هجي ٿو، اهو جنرل کي شڪ جو فائدو ڏيندو رهيو ۽ ان جو سڄو پٽڪو سياسي جماعتن ۽ اڳواڻن خلاف رهندو آيو.

اڃا تازو مون اردشير ڪاؤسجيءَ جو ڪالم پڙهيو ۽ ڪاوڙ ۾ پنهنجا چپ ڀڪوڙيا ٿي. ڪائوسجيءَ جو به الميو ساڳو آهي: پوئر ماسز هن لاءِ جاهل، اڻ پڙهيل، ڄٽ، بنياد پرست وغيره کان وڌيڪ نه آهن. هر جرنيل جو يار اسان جو هيءُ گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪالم نگار (انگريزي پڙهي سگهندڙ ڪلاس ۾) عوامي پارٽي يعني پيپلز پارٽيءَ جو وڏي ۾ وڏو دشمن آهي. هن جي جنرل ايوب خان، جنرل يحيٰ خان، جنرل ضياءَ الحق ۽ جنرل مشرف خلاف ڪا به ڪاوڙ نه آهي پر هن جو سمورو غصو ذوالفقار علي ڀٽي ۽ محترمه مٿان هو. ڪائوسجيءَ پنهنجي تازي ڪالم ۾ مشرف کي پنهنجو ”دوست“ ڪوٺيو آهي. هن لکيو آهي ته، تازو منهنجي (ڪائوسجيءَ جي) جنرل مشرف سان گورنر هائوس ۾ ملاقات ٿي ته مون هن کي چيو، توکي پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ جي ضرورت ناهي ۽ اسان توسان گڏ آهيون.

ڪائوسجيءَ جي حيثيت ڪالم نگار کان علاوه ڪهڙي آهي ۽ ڪائوسجي هن سان گڏ آهي ته ان سان ڪهڙو آسمان ڪرندو يا مشرف کي عوامي موٽ ملندي، اها کل جوڳي ڳالهه آهي. پر ڇا آهي ته ڪائوسجي ٽائيپ ماڻهن جو هن ملڪ ۾ هڪ ريڪيٽ آهي ۽ اهي پنهنجي Cuckoo ۾ رهندڙ آهي، ان ڪري اهي باقي عوام کان ڪٽيل ئي نه آهن پر اهي ماسز سان نفرت ڪندڙ آهن ۽ ماسز جي مفادن خلاف رهيا آهن. ڪائوسجي ٽائيپ اسان جو ليکاري ۽ دانشور اٽي ۾ لوڻ برابر آهي پر ان جي هن ملڪ ۾ Say ضرور آهي.

هن ڊڪٽيٽر ڇا ڪيو هو. اهو رڳو پنهنجي ۽ پنهنجي ”گروهه“ (هاڻي هتي انهيءَ گروهه جي سڃاڻپ ڪرڻ ضروري ناهي. اها ته عالم آشڪار ڳالهه آهي ته هن جو گروهه ڪهڙو هو) جي مفادن لاءِ ڪم ڪندو رهيو. هن ٻن مک جماعتن خلاف پوري زهر ڀريل پروپئگنڊا پکيڙي. هن بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف کي جلاوطنيءَ تي مجبور ڪيو. هن سرحد کي مـُلن حوالي ڪري ڇڏيو ۽ 2002ع وارين انجنيئرڊ چونڊن ۾ مـُلن کي سرحد ۾ کٽرايو ۽ حڪومت ڏيارائي اولهه کي بانور ڪرايو ته ملڪ ۾ مـُلن کي منهن ڏيڻ/ روڪڻ لاءِ صرف هو واحد شخص آهي جنهن جي امريڪا کي ضرورت آهي--  ۽ امريڪا ۽ برطانيا جي انڌپڻي متعلق ڇا چئجي؟ هنن جي انفرميشن ۽ ساڃاهه رڳو هڪ جنرل کان مات کائي وڃي ٿي.

جنرل مشرف پورا 9- سال پاڪستان تي ڏنڊي سان حڪمراني ڪئي پر اصل ۾ هو هڪ گروهه کي فائدو ڏيندڙ سربراهه هو. مشرف جي سوچ اصل ۾ ”قلعه نواز“ هئي. اها هجرت جي فسون سان ڀريل هئي. هن جي سوچ پاڪستان جي چئني صوبن جي سرزمينن تي پوندڙ بارش کان پوءِ اٿندڙ مهڪ کي محسوس نه ڪري سگهندي هئي. مان يقين سان چوان ٿو ته جي جسٽس افتخار محمد چوڌري، پنجابي نه هجي ها ته هو چيف جسٽس ئي هجي ها ۽ صدر مشرف 9- مارچ 2007ع وارو قدم نه کڻي ها.

هن جي زعم جو عالم اهو هو ته هن ڄاڻي واڻي محترمه بينظير ڀٽو کي گهربل سيڪيورٽي نه ڏني ۽ آخر ۾ اهو سانحو پيش آيو، جنهن کي روڪڻ مشرف جي هٿ ۾ هو. هو نسل ڪش جنرل هو، هو جمهوريت دشمن ڊڪٽيٽر هو. هن آزاد عدليه کي قتل ڪيو ۽ هن ميڊيا جي آزادي سلب ڪئي. هن هڪ انسٽيٽيوشن معرفت پوري ملڪ کي پنهنجي لانگ بوٽ هيٺ ڏئي ڇڏيو هو. محترمه بينظير ڀٽو 3- نومبر 2007ع تي ايمرجنسي هڻڻ کان پوءِ جنرل سان پنهنجا ڊائلاگ ختم ڪري ڇڏيا هئا.

پنهنجا ماڻهو ڏئي بلين ڊالرز وصول ڪندڙ جنرل--  هو پنهنجي ديس واسين جو واپاري هو. هن ڪنهن به صورت ۾ انتهاپسنديءَ کي ختم نه ڪيو پر هـُن ان ۾ اضافو ڪيو. جنرل جي پاليسين سبب سڄو سرحد صوبو انتهاپسندن جي قبضي هيٺ اچي ويو ۽ اهي پشاور جي داخلا دروازن تائين اچي پهتا. موجوده عوامي حڪومت، جن مصيبتن کي منهن ڏئي رهي آهي، اهي مشرف جو ورثو آهن.

هن کي پير پاڳارو، گجرات جا چوڌري، ايم ڪيو ايم جو الطاف حسين، قانون جا ماهر پيرزادا--  ڪير ڪير بچائي سگهيا ٿي. هن کي ڪنهن ۾ ويساهه هو. هن ايتري دير ڇو ڪئي؟ ارڙهين فيبروريءَ کان پوءِ هن کي استعيفيٰ ڏئي پنهنجي رهيل سهيل عزت بچائڻي هئي پر هن اهو موقعو وڃائي پنهنجي لاءِ تذليل جو سعيو دراصل پاڻ ڪيو. ان ۾ ڪنهن جو ڪهڙو قصور.

امريڪي ايترا سياڻا ضرور آهن جو هڪ ملڪ جي پوري قوم جي  willجي مخالفت ۾ فيصلو نه ڪندا آهن. جنرل کي هنن ڊگهو رسو ڏنو ۽ هن کي بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر ظاهر آهي ته هتي حالتون مشرف لاءِ ان حد تي پهچي چڪيون هيون جتي امريڪين لاءِ مشرف کي بچائڻ مشڪل ٿي ويو هو.

ڪي سال اڳ اياز لکيو هو، پر ههڙين گهڙين لاءِ لکيو هو:

ڪنهن وقت ڪو طوق ٽـُٽو،

مون ايئن سمجهيو ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي!

اڄ اسان جي ڳچين مان 9- سالا طوق ٽـُٽو آهي ۽ اسان جي 9- سالن کان پوءِ گردن آجي ٿي آهي. اسان اونداهيءَ رات--  جيڪا 9 سالن تي مشتمل آهي- مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري چڪا آهيون. اها جنرل مشرف جي نوَ سالا ڪاري رات هئي. خوفناڪ، نسل ڪش ۽ ماڻهوءَ مار ڪاري رات....

 انهيءَ سياهه ۽ ڊگهي رات ۾ محترمه بينظير ڀٽو جو خون ٿيل آهي. انهيءَ شبِ خون جو ڪو حساب ٿيندو يا محض جنرل جي استعيفيٰ ئي ان جو حساب آهي؟

ڪالهه ڪراچي پهچڻ دوران چيئرمين بلاول ڀٽو، سندي شهيد والده جو ”جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي“، وارو جملو ٻيهر ورجايو آهي. اسان چاهيون ٿا ته جنرل کي سندي ڪيل جـُرمن جو ڪيتو ڏيڻ گهرجي ته انهيءَ انتقام جو مزو ٻيڻو ٿي ويندو.

جڏهن سڄي ملڪ ۾ جشن ۽ رقص جاري آهن ته مان سوچيان ٿو ته، هيءَ شام ڪهڙي طرح گذارجي؟ انهيءَ شام کي ضرور toast ڪرڻ گهرجي. جنرل جي شڪست، زوال ۽ محشر واري رات کي اسان کي جشن وانگر ٽوئسٽ ڪرڻ گهرجي. ڇو ته ههڙا لمحا ورلي ايندا آهن.

imdadsoomro@gmail.com