مشڪلاتن ۾ گهيريل ملڪ

ستار رند


عمومن  ۽ خاص طور صحافي برادريءَ لاءِ اهو لفظ قطعي به نئون ناهي ته ملڪ هن وقت  مشڪل صورتحال مان گذري  رهيو آهي يا ملڪ  هن وقت ”نازڪ  دور“ ۾ داخل ٿي چڪو آهي يا ملڪ خطرناڪ صورتحال ۾ آهي -”وغيره وغيره ۽ لڳ ڀڳ  60 سالن کان اهڙا  راڳ ٻُڌندا پيا اچون ۽ اهو  سڀ ڪجهه وقتي طور ڪجهه مفادن کي حاصل ڪرڻ  لاءِ  سياستدان ۽ رياستي ادارا اهڙا  راڳ ئي ڇيڙيندا رهندا پيا  اچن،  جڏهن کين ڪجهه نه ڪجهه لڪائڻ  چاهيندا آهن ۽ خاص طور  ڳڙهي خدا بخش جي  ڀُٽن کي شهيد ڪرڻ کان  پوءِ ته شديد  مشڪلاتن  ۾ملڪ گهيرجي ويندو رهيو  آهي ۽  اهو ”نازڪ  دور“ جنهن ۾ ملڪ جي سلامتي داوَ تي لڳندي رهي آهي ٻئي شهيد جي قربانيءَ  تائين  پئي هلندي آهي ۽ وري ساڳيو راڳ ؛”نازڪ دور“ ”ملڪ جي سلامتي“ ”ذميدارينءَ جي  ادراڪ“  جي واويلا  شروع ٿي  ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندي آهي. پر اهو هميشه ٿيندو تڏهن رهيو آهي جڏهن  سنڌ کي ڪو نه  ڪو هاڃو رسائڻو  هوندو آهي. هن ڀيري اِهو ”نازڪ دور“   ۽ ملڪي سلامتيءَ  جو اشو اقوام متحده کي ڏنل ان درخواست کان اٿي جنهن  ۾ سنڌ جي ڪونج  شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اقوام متحده کي جاچ جي گذارش ڪئي وئي آهي. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن ملڪ نازڪ دور کان نڪرڻ کان ڄڻ  جواب ڏيو بيٺو آهي.  ان درخواست کان  پوءِ  شهيد ڀُٽن جي پارٽيءَ  جي ڪو چيئرمين  کي چيو ويو ته سندس حياتي ”خطري “  ۾ آهي.  ان ڪري  هو ملڪ کان ٻاهر رهڻ  جو  سوچي. جڏهن آصف زرداريءَ  ائين  ڪرڻ کان  واضح  انڪار ڪيو تڏهن ملڪ جي چونڊيل  حڪومت خلاف چارج شيٽ  تيار ٿيڻ لڳي،  ان ڳالهه جو ته  نوٽيس نه ورتو ويو  ته ڪراچيءَ ۾ ڏنل صنعتڪارن جي آجياڻي ۾ ڪراچيءَ  جي ناظم ڪراچيءَ کان ڇهه سالن اندر پاڪستان کان الڳ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ ملڪ  جو  اقتصادي ڏيوالو  ڪڍڻ جو الزام پيپلزپارٽيءَ تي هنيو. اتان اصل ۾  چارٽ شيٽ جي تياريءَ جي شروعات ٿي هئي ۽ هڪ پلان  مطابق نومبر  يا ڊسمبر جي مهيني ۾موجوده حڪومت  کي ختم ڪري عارضي طور تي نگران  سيٽ اپ ٺاهيو وڃي ها جيڪا ٻن سالن تائين برقرار رکيو وڃي ها. ان دوران  آصف علي زرداريءَ تي مختلف طرفن کان دٻاءُ به  وڌايو پئي ويو جيئن هو  مڪمل طور تي نواز ليگ سان  رابطو  ختم ڪري ق ليگ سان ملڪ ۾ حڪومت  ٺاهي وڃي  پر آصف زرداري اِهو دٻاءُ برداشت ڪندو رهيو ۽ پنهنجي جوابي حملي لاءِ  وقت به وٺندو رهيو ۽  اُهو ڏينهن ست آگسٽ  هئي جڏهن آصف  زرداريءَ جنرل مشرف کي للڪاريو ۽ مواخذي  جو اعلان ڪيو. ان جو رد عمل  هڪ  ڏينهن ڇڏي ٻئي  ڏينهن قتل جي  ڌمڪيءَ سان ڏنو  ويو ۽ سڀ ڪوڙا ڪيس  ٻيهر ڪورٽن  ۾ هلائڻ  جي ڳالهه ڪئي پر آصف زرداريءَ  به ان مٽيءَ  ۽ ان پارٽيءَ جو  اڳواڻ آهي. جن هميشه  زهر کي رام رام ڪري پيئڻ جو  ڏانءُ سکيو آهي. آخر 11 تاريخ آگسٽ تي قاتلانا حملي جو افواهه هلايو ويو.  ان جا ٻه مقصد آهن. هڪ ته جيڪڏهن  آصف علي زرداريءَ کي قتل ڪيو ويو ته  عوام جو  ڇا ردعمل هوندو   ۽ ٻيو هن کي ذهني طور ڪمزور ڪرڻ آهي.

 اِها  ڌمڪي باضابطه به ڏني وئي آهي ته آصف زرداريءَ کي هن وقت به اِهو موقعو ڏنو وڃي ٿو ته هو پنهنجي زندگي بچائيندي ملڪ مان نڪري وڃي ۽ مواخذي کان هٿ کڻي وڃي پر اسٽبلشمينٽ   هميشه اها  غلطي  ڪندي رهي آهي ته هو افهام تفهيم بجاءِ ڌمڪيون ڏيئي ٿوري به ممڪن  مفاهمت  جو  دروازو بند  ڪري ٿا ڇڏين. ڇو ته  هنن وٽ گولي آهي. هنن  وٽ  جاسوسي  اوزار ۽  ادارا آهن. هو حڪمرانيءَ جي ڪرسيءَ تي ويهي پنهنجو دماغ  رڳو”حڪم“ ۽ طاقت جي مڳيءَ سان ڀري ٿا ڇڏين. ۽ اِهو  وساري  ٿا ويهن  ته  عوام جا اڳواڻ عوام جي عزت  ۽ نفس جي پوئواري ڪندا آهن.  هو عوام  اڳيان  جوابده  هوندا آهن ۽ هنن کي عوام جي اڳيان پيش ٿيڻو هوندو آهي. جنهن ۾ هنن لاءِ لازم آهي ته اوچي ڳاٽ ۽ شهپرن کي وٽيندا  وڃن.  ڪانئر ۽ بزدل  ٿي عوام اڳيان نه  پر جنرل اڳيان  پيش ٿبو آهي ۽  جيڪڏهن حڪمران وٽ گوليون  آهن  ته عوام وٽ  سپنو آهي، ڪيرائڻ لاءِ ڳچيون آهن، ويڙهه  لاءِ  هٿ ۽ تعداد آهي. جنهن کي عوام چئجي ٿو.  هن وقت ته عوام شهيد بي نظير جي ئي غم ۾  ٻُڏو پيو آهي.  ان صورت  ۾ هن جي وَر  ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي والد کي قتل جون ڌمڪيون واقعي به ملڪ کي ”نازڪ دور“ ۾ داخل ڪري سگهن ٿيون.  اهڙي حرڪت جا نتيجا انتهائي سنگين نڪري سگهن  ٿا. ملڪ اڳ  ئي  ڌڏيل آهي. ٻن صوبن  خاص طور سرحد صوبو ۽ بلوچستان  ۾  ڄڻ  ته وفاقي حڪومت موجود ئي ڪانهي. طالبانن کي پالي هڪ راند  جو حصو بنائي مشرف  ملڪ جي مخالف جيڪو جو ٻج  پوکيو آهي اهو ته ڄڻ ضياءَ کي به مات ڏئي چڪو  آهي.  ان صورت ۾ غير معمولي  متحرڪ  صوبو سنڌ جي عوام کي بي گناهه  ايذاءَ  ڏيڻ جو سلسلو بند نه ٿيو  ته اِها ڪنهن جي به حق ۾ ڳالهه ڪانه ويندي.

 آصف زرادري بهادر  آهي ۽ هو اهڙين ڌمڪين  کي اڳ ۾ به منهن ڏيندو رهيو آهي. هن لاءِ موت جي ڌمڪي  ننڍڙي ۽ گهٽ سطحي ڳالهه  آهي. هن کي ڌمڪين سان ڊيڄارڻ بجاءِ  هوش کان ڪم وٺي ملڪ ۾ جمهوري طريقي سان اهي سڀ عمل  ڪرڻ  ڏنا وڃن  جنهن سان  ملڪ جي سلامتي داوَ تي نه لڳي. ڪراچيءَ جي واپارين ۽ ڪجهه غنڊن جي ڪوڙي هاءِ گهوڙا تي ملڪ جا  معاملا   حل  ٿي نٿا سگهجن. مشرف (رٽائرڊ جنرل) کي  اِهو اندازو ته 18 فيبروري  تي  ئي ٿي وڃڻ کپندو هو ۽ ٿوري به شرافت جو مظاهرو ڪندي  ملڪ ڇڏي هليو وڃڻ هن  لاءِ مناسب هو پر جي هو اڃا  به مقابلي  لاءِ  بضد آهي  ته ان جو به آئين ۽ جمهوري طريقو  موجود  آهي ۽ ان مطابق  پنهنجي  راند کيڏي. ان کان سواءِ تباهي ۽ برباديءَ  جا طوفان  ۽ واچوڙائي نظر اچن پيا. ڪراچيءَ  کي فاٽا بنائڻ جي ڪوشش به مستقبل لاءِ  نه  هن ملڪ جي فائدي ۾ ويندي ۽ نه ئي ڪراچي واسين جي  ڀلي جي ڳالهه آهي  جيڪي مشرف کي اهڙيون صلاحون ڏيئي رهيا آهن،  اُهي  عوام جو قتل ٿا چاهين. جنهن  جي اجازت ملڪ  جي محب وطن ڌرين کي نه ڏيڻ گهرجي. اهڙي خطرناڪ  راند جا نتيجا اڳ به ڪڏهن  سُٺا  ڪونه نڪتا آهن،  قتل وغارت هميشه ڏک ۽ سڏڪا ڏنا آهن. ان سان  سک ڪونه ايندو ۽ نه ئي مشرف هن وقت اهڙي پوزيشن  ۾ آهي ته  پوءِ  معاملا ڪنٽرول ڪري سگهي. اها ڳالهه  واضح ٿيندي هلي ته آمريڪي سفير  مشرف کي  پنهنجي حمايت کان جواب ڏيئي ڇڏيو آهي.  هنن حالتن  ۾ آصف علي زرداري واحد شخص آهي جيڪو سڀني معاملن تي گرفت رکي ٿو ۽ اڃا  وڌيڪ گرفت رکڻ  جي  اهليت رکي ٿو.