Hyderabad Letter

'رڳو مانيءَ لاءِ نه'!

امداد سومرو


تازو منهنجي محبوب صحافي ۽ رائيٽر رابرٽ فسڪ انهن اصطلاحن ۽ ميڊيا ۾ بار بار ورجائيندڙ لفظن تي هڪڙو آرٽيڪل لکيو آهي، اهو پڙهي مون کي لڳي ٿو، صحافت ۾ گذريل ڏهاڪو کن سالن ۾ مون انهن ڪيترن غير ضروري ۽ بار بار ورجايل اصطلاحن ۽ لفظن جو استعمال ڪيو هوندو. ان جو ڪو ڳاڻيٽو، سوري.

اسان جا ڪيئي خواب بارشن ۾ لڙهي ويا--  ائين ڪيئي لفظ ۽ ڪيئي اصطلاح جرنلزم--  ۽ افسوس روٽين جرنلزم --  ۾ لوڙهي ڇڏياسين. (هڪڙو ڪالم مان پنهنجي انهيءَ ڏهه سالا پراڻي خواهش تي لکڻ چاهيان ٿو. پورن ڏهه سالن کان مون هڪ ناول لکڻ چاهيو آهي جيڪو اڃا تائين مان شروع به نه ڪري سگهيو آهيان).

ڪجهه مختصر وقفن کي ڇڏي مون پنهنجو اڪثر صحافتي ڪيريئر عبرت کي ارپيو آهي. مان اهو نه ٿو چئي سگهان ته 50- سال پورا ڪندڙ عبرت اخبار هن وقت مڪمل اخبار آهي يا ان تي ڪيترين ڳالهين کان اطمينان ظاهر ڪري سگهجي ٿو. پر جنهن ملڪ ۾ اسان رهون ٿا، ان ملڪ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ نڪرندڙ اخبار 50- سال پورا ڪري ۽ انهيءَ اهي سال ڪهڙين حالتن ۾ پورا ڪيا هوندا، اها واقعي به تحسين لائق ڳالهه آهي. ٽي ننگيون مارشل لائون ۽ چوٿين جنرل مشرف جي لباس اوڍيل مارشل لا--  هن اخبار ڏٺيون آهن.

مان جڏهن جرنلزم جوائن ڪيو هو تڏهن اسان وٽ جهڙو تهڙو جمهوري سياسي ڏهاڪو هلي رهيو هو. غالبن اهو محترمه بينظير ڀٽو جي پوئين دؤر حڪومت هئي. اي جيءَ ۽ مون صحافت جي فيلڊ کي گڏ جوائن ڪيو ۽ ويندي عبرت ۾ اسان جي اپائنٽمينٽ هڪ ڏينهن ٿي هئي. اي جي برابر مون کي دوکو ڏئي هليو ويو (هاڻ مان ان جي ڊيسڪ تي ويٺو آهيان. چانهه جو ڪپ هن جي انتظار ۾ آهي--  ڇا هو اوچتو ايندو انهيءَ ساڳي دلربا مرڪ ۽ سگريٽ جي ڪش سان؟).

هن وقت مان عبرت جي اوپينين ميڪنگ پيج (ايڊيٽوريل صفحي) جي انچارج طور ڪم ڪري رهيو آهيان--  ۽ ان ۾ هاڻ بوريت جو شڪار ٿي رهيو آهيان. هڪ مخصوص قسم جي آزادي مون عبرت ۾ انجواءِ ڪئي آهي ۽ ان ڪري ئي مون اليڪٽرانڪ ميڊيا کي 14- مهينا رهڻ بعد الوداع ڪيو--  پر جنهن اسائنمينٽ تي عبرت جي انتظاميا، اي جيءَ جي وڇوڙي کان پوءِ مون کي رکيو آهي، ان مون کي هڪ روٽين ۾ قيد ضرور ڪري ڇڏيو آهي.

مان انهيءَ اعتراف ڪرڻ ۾ ڪا به ججهڪ محسوس نه ٿو ڪيان ته هن وقت ڪا به اهڙي سنڌي اخبار نه آهي جيڪا سمورن پڙهندڙن جي مڪمل اخبار هجي يا سمورن پڙهندڙن جي معيار تي پوري لهي ۽ هر فيلڊ کي ڪور ڪري. جيئن پاڪستاني انگريزي اخبارن ۾ ”ڊان“ ڪري رهي آهي. باقي جيستائين ادارتي صفحي جو تعلق آهي ته مون اها ڪوشش ضرور ڪئي آهي ته ان جي لبرٽيءَ جو ڪنهن حد تائين لحاظ رکان.

اهڙي دعويٰ مان نه ڪندس ته مان پنهنجي ايڊيٽوريل پاليسيءَ ۾ آزاد آهيان. نه اها دعويٰ ته ميرٽ ئي هتي--  ۽ صرف ميرٽ--  هلي ٿي. ان باوجود عبرت جي ادارتي صفحي جي موٽ مون لاءِ وڏي اتساهه جو سبب بڻيل آهي. ڪي اخباري ڌڻي ۽ ان جو اسٽاف ته اها دعويٰ ڪري ٿو ته سنڌ جو ڪيس جيڪو سياسي جماعتن کي ادا ڪرڻ گهربو هو، اهو ميڊيا (۽ مخصوص اخبار جي دعويٰ موجب اها) ادا ڪري رهي آهي. مون کي آڇڻ لاءِ اهڙي دعويٰ نه آهي.

عبرت جي E-Edition جي حوالي کان اسان جي ڪئناڊا مان ڪنٽريبيوٽر دوست فياض سومرو (مون کي هن جي ڪالمن جو Satirical انداز وڻندو آهي. هن ۽ مون وچ ۾ دور وارن فاصلن جو تعلق آهي ۽ ٻيو اي جيءَ جي گڏيل دوستيءَ وارو. مون کي خوشي آهي ته فياض عبرت لاءِ لکي ٿو ۽ مستقل لکي ٿو).

عبرت جي انٽرنيٽ ايڊيشن ڪري ڪيترن ئي مهربان پڙهندڙن سان رابطو آهي. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي يا عبرت ۾ ڇپجندڙ ڪالم نگارن تي انهن جا تبصرا زبردست هوندا آهن ۽ اوريجنل ڪالم کان وڌيڪ سٺا هوندا آهن.

مون کي جيڪا ڪالم نگارن جي بيٽري آهي، انهن ۾ عاجز  جمالي اسان جو ليڊنگ رائيٽر آهي. جيئن ته هو ڪراچيءَ جو مشهور ۽ مصروف ۽ ڪيترن سالن کان رپورٽر رهيو آهي، ان ڪري هن جا ڪالم انتهائي انفرميٽو هوندا آهن. ڳالهه رڳو انفرميشن جي نه آهي پر content جي آهي. ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم سميت ڪيترن حساس اشوز تي عاجز ڀرپور انداز ۾ لکي سگهندو آهي ۽ هو اهڙي نموني لکي سگهندو آهي جو اهو اسان use به ڪري سگهندا آهيون.

عاجز کان علاوه اسان وٽ ٻيو ليڊنگ ڪالم نگار نديم گل عباسي هو، جيڪو اڄ ڪالهه ناراضگين جي سرزمين تي رهي پيو. نديم گل لکڻ جاري نه رکي سگهيو، ان ۾ غلطي ڪنهن جي هئي--  سوال اهو ناهي پر نديم گل کي مان پنهنجي صفحي تي مستقل طور لکڻ جاري نه رکرائي سگهيس، هڪ حد تائين ان جي ذميواري مان پاڻ تي سمجهان ٿو.

اسحاق مڱريو، امر لغاري ۽ ڪجهه ٻيا دوست غير حاضر زميندار وانگر آهن، ڪڏهن ڪڏهن لکندا آهن. اسحاق مڱريو ۽ امر لغاري پنهنجي موضوعن تي لکڻ جي حوالي کان exception آهن. ارشاد مستقل لکي پيو. علي آڪاش وچ وارو رستو جيئن ڪڍبو آهي، ائين لکڻ لاءِ وقت ڪڍندو آهي. عزيز گوپانگ جي ڪالم نگاري شاعر جي ٽـُٻيءَ وانگر آهي. پوين تاريخن ۾ لکڻ تي زور ڏيندڙ عزيز هاڻ پوين تاريخن ۾ به ڪٿان اڀري نه ٿو.

وينگس جا ڪالم ٻيهر لکڻ واري مشق مان گذارڻا پوندا آهن. ان ڪري ان جي ڪالم تي منهنجي چڙ فطري آهي. هوءَ پنهنجي ڪالمن تي محنت ڇو نه ٿي ڪري--  اهو سمجهائڻ باوجود نتيجو ٻڙي آهي.

جاويد قاضي ڪالم نگاريءَ کي الوداع چئي وڪالت ۾ مصروف ٿي ويو آهي. ڪڏهن ڪڏهن روحاني بار وڌي ويندو اٿس ته لکي وٺندو آهي. جاويد جي ڪالم کي مان ايترو وقت ڏيندو آهيان جو ان ڏينهن باقي ڪم مان نه ڪري سگهندو آهيان. عرفانه زبردست ڪالم لکيا آهن-  پر عبرت ۾ هن جا ڪجهه بوڪ رويوز سنڌي پرنٽ ميڊيا ۾ هڪ اسٽينڊرڊ (معيار) آهن.

سائين الطاف شيخ متعلق مان ڪهڙي راءِ ڏيان. سائين الطاف شيخ سنڌ ۾ هڪڙو wonder soul آهي. سنڌ ۾ سياحتي ادب جو ابن بطوطه.

اسان جو ڊيسڪ ميٽ، عبرت مئگزين جو اعزازي ايڊيٽر مرتضيٰ سيال آفاقي انساني قدرن تي وڌيڪ لکندو آهي ۽ احساساتي موضوعن تي وڌيڪ لکندو آهي. ڪڏهن اخبار جو ڪو اشو روح جهوريندو اٿس ته ڪالم لکي پنهنجي اندر کي هلڪو ڪندو آهي.

منهنجو ڪليگ دوست ظفر امام جڏهن سياست تي لکندو آهي ته مون کي نه وڻندو آهي پر هو معيشتي دنيا تي زبردست لکندو آهي ۽ مون کي چوڻ ڏيو (۽ ان ۾ مان ڪو به وڌاءُ نه پيو ڪريان) هن وقت سنڌي پرنٽ ميڊيا ۾ هو واحد ڪالم نگار آهي جيڪو معاشي بحرانن تي لکي ٿو.

تازو هن ايلن گرين اسپين جي ڪريڊٽ ڪرنچي واري اشوءَ تي انتهائي زبردست ڪالم لکيو جيڪو سنڌي پڙهندڙن لاءِ بنهه نئون هو. ڪي ڏينهن هيا جو جاويد قاضيءَ ۽ ٻين دوستن مارڪيٽ ايڪانوميءَ وغيره وارا بحث سنڌي پرنٽ ميڊيا ۾ ڇيڙي ڇڏيا هئا. هاڻ ان حوالي کان خاموشي آهي. ظفر انهن اشوز کي ٻيهر سنڌي پرنٽ ميڊيا ۾ کڻي آيو آهي.

واحد پارس شٽل ڪاڪ آهي: هن جو اڌ حصو عبرت مئگزين لاءِ آهي ۽ اڌ حصو عبرت جي ادارتي صفحي لاءِ آهي. سائين لائق اسان جي صفحي تي آهي ۽ اسان سڀني جو ”سائين“ آهي. ڪي سال اڳ حسن مجتبيٰ هن لاءِ لکيو هو، ”اسان سڀني نالائقن ۾ هڪ سائين لائق“!

اسان جو ٻيو اهم ساٿي حميد ابڙو آهي، جيڪو اسان سڀني جي ڪالمن مان چـُڪون ڪڍندو آهي. هو نقاد به آهي ۽ چڱي ڪالم تي اهڙي موٽ ڏيندو جو ماڻهوءَ جي دل مرڻ چاهيندي. (هو ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار آهي).

جئه پرڪاش ”پاڻهياريءَ جي ڀٽ تان“ جي سري هيٺ ڪالم لکندو هو. پر لڳي ٿو اڄڪلهه ڀٽ جي اوٽ وٺي ڪنهن گيان ۾ مصروف آهي. وفا رضا هميشه وڇڙي ويل ساٿين، دوستن جي ورسين تي لکندو آهي. هاڻ اسان جو يار نوجوانيءَ ۾ موت جو مشاهدو ماڻيندڙ صادق ابڙو گذاري ويو. ٻه ٽي سٽون ان تي به لکي نه ڏنائين، وفا تي ”بيوفا“ هجڻ جو الزام نه لڳائجي ته ٻيو ڇا چئجي؟

ڪنهن ڪالم نگار کي ماپڻ جو فوٽ اسڪيل اصل ۾ ريڊر وٽ آهي. اسان 27 هين ڊسمبر جي تاريڪ سانحي مان نڪري آيا آهيون. ان کان پوءِ مون جيڪي لکيو، ان کي ڪن پيپلز پارٽيءَ جو ونگار وهڻ سڏيو. ڪنهن ڪيئن چيو، ڪنهن ڪيئن چيو.

ڪنهن ڪـُليگ ته مون کي اهو به چيو، تون زرداري هائوس جو ترجمان لڳين ٿو--  پر اياز چواڻي، ”هيءُ منهنجو  محبوب قلم، جنهن سوچيو ناهي سرچاءُ“ وانگر مون پنهنجي ضمير آڏو جوابده ٿي لکيو آهي.

هاڻي ٿڪ جو احساس ٿي رهيو آهي. زندگيءَ جو سفر پهاڙي پيچري وانگر وڃي ٿو. اتاهيون چڙهايون، لاهيون ۽ ور وڪڙ ۽ پٿريليون راهون. جيڪڏهن لکڻ Breed and Butter وارو مامرو نه هجي ها ته مان ناول مڪمل ڪري سگهان ها ۽ اڃا گهڻو پڙهي سگهان ها جيڪو مان پڙهڻ کان رهجي ويو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن اها سوچ اڀري ايندي آهي، هي مان ڇا ڪري رهيو آهيان ۽ ڇو لکي رهيو آهيان؟ منهنجي خيال ۾ مان انهيءَ سوال جو جواب مٿي لکي آيو آهيان. پر واقعي ائين آهي به؟ ڊڊنشوف جو هو ڪهڙو ناول آهي: رڳو مانيءَ لاءِ نه. (Not by breed alone).

مون جيڪي چوڻ ٿي چاهيو، منهنجي خيال ۾ مان چئي چڪو آهيان. پر ڪجهه به ڪٿي ختم نه ٿو ٿئي. جتي انجام آهي، اتان ابتدا آهي.

imdadsoomro@gmail.com