|
Notes from Canada جناح جي ڏنل تصور تي عمل ڪرڻ ۾ ئي اسان جي ڀلائي آهي فياض سومرو اَڄ ۱۴ آگسٽ جو ڏينهن آهي. اڄوڪو ڏينهن برطانوي قبضي کان آزاديءَ جو ڏينهن آهي. ان ڪري اڄوڪي ڏينهن جي وڏي اهميت آهي. اڄوڪو ڏينهن هن ملڪ جي قيام جي سالگره طور ملهايو وڃي ٿو. اهڙا ڏينهن رڳو جشن ملهائڻ ۽ ترانو ڳائڻ لاءِ نه هوندا آهن بلڪ ڪنهن به ملڪ ۽ قوم جي سالگره جو ڏينهن نه رڳو اهم پر تاريخي پڻ هوندو آهي. جيڪڏهن اهو چئون ته اهو ڏينهن کاتو کولي حساب ڪتاب ڪرڻ جو ڏينهن آهي ته غلط نه ٿيندو. هتي جي ابتڙ دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۽ قومن جو دستور وري اهو آهي ته ان اهم ۽ تاريخي ڏينهن ته اهي پنهنجي غلطين جو حساب ڪتاب ڪري، ان مان سبق پرائي سڌاري ۽ اصلاح لاءِ نوان رستا ۽ گس ڳولڻ ۾ لڳي وڃن ٿا. انهن ملڪن جي ترقيءَ جو راز به اهو ئي آهي ته اهي رڳو غلطين مٿان غلطيون نٿا ڪن بلڪ پنهنجي ڪيل غلطين مان سبق پرائي پاڻ ۾ سڌارا به آڻيندا رهن ٿا. ۱۴آگسٽ جي ڏينهن کان ٺيڪ ڏيڍ مهينو پهرين ڪئناڊا ۾ به هر سال پهرين جولاءِ تي آزاديءَ جو ڏهاڙو ”ڪئناڊا ڊي“ جي نالي ملهايو وڃي ٿو. اتان جا شهري ان ڏهاڙي تي رڳو جهنڊو ڦڙڪائي هلڪي آواز ۾ ”او ڪئناڊا“ جو ترانو ئي ڳائڻ کي آزادي نٿا سمجهن بلڪ اهي آزديءَ جي ڏهاڙي تي کين مليل آزدي، حقن، سهولتن ۽ آسودگيءَ سان ڀيٽ جي پئماني طور تي ڏسن ٿا. صاف ۽ شفاف پاڻين ۽ خوبصورت ڍنڍن جي سر زمين ڪئناڊا جي ترقي ۾ هر قوم جو رنگ، ڍنگ ۽ حصو شامل آهي. مختلف قومن، نسلن، ٻولين، عقيدن ۽ رنگن جي ماڻهن جا مختلف رنگ ئي اصل ڪئناڊا کي انڊلٺ يا خوبصورت گلدستي جي صورت ڏين ٿا. ائين به ناهي ته ڪو ڪئناڊا مسئلن کان آجو ملڪ آهي. ڪئناڊا جا هاڻوڪا صوبا ڪنهن زماني ۾ برطانيا ۽ فرانس جو بيٺڪي رياستون هيون. پر پوءِ اهي برطانيا جي قبضي ۾ اچي ويا. اڳتي هلي انهن رياستن پاڻ کي آمريڪا جي حملي ۽ ان جي قبضي کان بچائڻ لاءِ پاڻ ۾ ڪنفيڊريشن قائم ڪئي. جنهن اڳتي هلي هاڻوڪي ڪئناڊا جا بنياد وڌا. اصل ۾ ڪئناڊا به برصغير وانگر برطانيا جي ڪالوني هو. پر پوءِ برطانيا کان آزادي ماڻڻ کانپوءِ ملڪ جي قيادت آزديءَ جو ثمر هر هڪ شهري تائين پهچائڻ کي پنهنجو فرض سمجهي ڏينهن رات جاکوڙ ۾ لڳي ويئي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪئناڊا دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ فخر سان اوچو ڳاٽ ڪيو بيٺو آهي. اڄ به ڪئناڊا جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته ان جون سرحدون ڪئناڊا کان هزارين دفعا طاقتور ملڪ آمريڪا سان ملن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو ڪئناڊا پنهنجي پاڙيسري کان وسيلن، فوجي طاقت ۽ گهٽ آبادي هئڻ سبب سدائين سخت ثقافي، سماجي، معاشي ۽ دفاعي دٻاءُ ۾ رهندو اچي ٿو. پر اها ڪئناڊا جي خوشقسمتي چئجي جو اتي نه رڳو جمهوريت ۽ جمهوري روايتون مضبوط آهن بلڪ ان سبب ان کي مدبر ۽ باصلاحيت قيادت به ملندي آئي آهي. جن جي قائداڻين ڪوششن سبب ترقي ۽ فلاح جا اهڙا ته منصوبا ۽ پاليسيون ترتيب ڏنيون ويون جو انهن جي نتيجي ۾ ڪئناڊا نه رڳو ڏاڍي ترقي ڪئي آهي، بلڪ ان سان گڏوگڏ اهو آمريڪا سان ڪنهن به ڦڏي ۾ پوڻ کانسواءِ ئي پنهنجي آزاد حيثيت برقرا رکندو پيو اچي. توڻي جو ڪئناڊا جا به آمريڪا سان ڪيترن ئي مسئلن تي اختلاف آهن پر پوءِ آمريڪا سان تعلقات خراب ڪرڻ جي بجاءِ اهو انهن مسئلن کي ڳالهين ٻولهين جي ذريعي حل ڪري وٺي ٿو. نه رڳو اهو بلڪ ڪئناڊا پنهنجي اندروني مسئلن يعني صوبن جا وفاق سان مسئلا ۽ صوبن جا صوبن سان مسئلا ۽ انهن جي وچم لاڳاپن جي مسئلن کي ڏاڍي جمهوري ۽ منصفاڻي انداز سان حل ڪندو پيو اچي. جيئن ته ڪئناڊا ۾ وفاق جي حيثيت غير جانبدارڻي آهي، اهو ڪنهن هڪ صوبي جي ڌر بڻجي فيصلا نٿو ڪري. اتي ڪئناڊا ۾ وفاق جي حيثيت ڪن به ٻن يا ٽن صوبن جي وچم فيصلو ڪرائڻ وقت امين يا آربيٽريٽر واري آهي. ڪئناڊا جي هڪ صوبي ڪيوبڪ، جنهن جي اڪثريتي آبادي فرينچ آهي جي ڪئناڊا کان علحدگيءَ جي تحريڪ ته عالمي طور تي سڄي دنيا ۾ جڳ مشهوري ماڻي چڪي آهي. ان تحريڪ 1970ع کان 1990ع تائين ايتري ته شدت اختيار ڪئي جو ان زماني ۾ ڪئناڊا جو ڊالر وڃي منهن ڀر ڪريو هو. تڏهن ائين لڳندو هو ته ڪئناڊا اڄ نه ته سڀاڻي ٽٽي پوندي. پر ڳالهه وري ڪئناڊا جي قيادت تي اچي بيهي ٿي جو اڄ ڪيوبڪ صوبي جي علحدگيءَ جي تحريڪ مڪمل طور تي ماٺي يا ختم نه، ته به جهڪي ضرور ٿي آهي. ڪئناڊا جي صوبي ڪيوبڪ جي فرينچ آبادي نارٿ آمريڪا ۾ 6 سيڪڙو به نه ٿيندي، پر کين ڪئناڊا ۾ نه رڳو الڳ قوم طور مڃيو ۽ تسليم ڪيو وڃي ٿو پر سندن ٻولي کي به اتي قومي ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي. اتي ڪئناڊا جي قومي اسيمبليءَ کي”قومي اسيمبلي“ نه بلڪ وفاقي اسيمبلي سڏيو وڃي ٿو. ڇالاءِ جو ڪئناڊا ۾ هڪ قوم نه بلڪ هڪ کان وڌيڪ قومون رهن ٿيون. پر ان جي ابتڙ ڪيوبڪ وارا وري پنهنجي صوبي جي صوبائي اسيمبليءَ کي ”قومي اسيمبلي“ چون ۽ سڏين ٿا. هو ائين رڳو لٻاڙ طور پنهنجي صوبائي اسيمبلي کي قومي اسيمبلي نٿا سڏين بلڪ ڪئناڊا ۾ پنهنجي ان مڃيل آئيني حق تحت سڏين ٿا ته اهي ڪئناڊا ۾ رهندي به هڪ الڳ ۽ جدا قوم آهن. نه رڳو اهو بلڪ اتي ڪئناڊا ۾ هر صوبي جو پنهنجو الڳ سان قومي جهنڊو آهي. اميگريشن جيڪو وفاقي اسم آهي، پر اتي ڪئناڊا ۾ هر صوبو پنهنجي اميگريشن پاليسي ٺاهي وفاق کي ڏيئي ٿو ۽ وفاق ان تي عمل ڪري ٿو. ان کانسواءِ به اتان جي صوبن جا وزير اعليٰ ٻين ملڪ جا دؤرا ڪري سرمائيدارن کي سندن صوبي ۾ سرمائيڪاري ڪرڻ لاءِ ترغيبون ڏيڻ جون ڪوششون ڪندا رهن ٿا.ته جيئن سندن صوبو وڌ کان وڌ ترقي ڪري سگهي. اڄڪلهه ڪئناڊا جو سڀ کان شاهوڪار صوبو البرٽا آهي ڇالاءِ جو اتان وڌ ۾ وڌ پيٽرول ۽ گيس نڪري ٿي. چوڻ جو مقصد اهو ته اڄ به ڪئناڊا جي صوبي ڪيوبڪ ۾ علحدگي پسند قومپرست اتحاد جي حڪومت آهي. پر ڪيوبڪ صوبي کي ڪئناڊا جي وفاق ۾ رهڻ جا ايترا ته فائدا ۽ ترغيبون حاصل آهن جو اهي فلحال ماٺ ۾ آهن يا وري اهي ڪئناڊا جي وفاق کان الڳ ٿيڻ جي فائدن ۽ نقصانن جو جائزو وٺي رهيا آهن پر کين ڪئناڊا کان الڳ ٿيڻ ۾ فائدو گهٽ ۽ نقصان وڌيڪ نظر اچي ٿو. ڪئناڊا جي صوبي ڪيوبڪ مان علحدگيءَ جي تحريڪ پنهنجو پاڻ ئي جهڪي ڪو نه ٿي ويئي آهي، بلڪ ان جي جهڪي ٿيڻ جو سبب اهو آهي ته ڪئناڊا جي قيادت ڪيترائي سال اڳ ڪيوبڪ جي علحدگيءَ جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو هو. چون ٿا ته ڪئناڊا جي قيادت ان وقت جي اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) ۾ اردو ٻوليءَ جي زوريءَ لاڳو ڪرڻ خلاف بنگالين جي سندن ٻولي لاءِ جدوجهد، اوڀر پاڪستان جي آزادي ۽ پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي دؤر ۾ سنڌ ۾ ٿيل ٻوليءَ وارن جهڳڙن جو جائزو وٺندي اسسٽڊي ڪرائي هئي. اهو به چون ٿا ته ڪئناڊا جي ان دؤر جي وزير اعظم اهو بيان به ڏنو هو ته اسان اوڀر پاڪستان جي علحدگيءَ مان تمام گهڻا سبق پرايا آهن ۽ هاڻي گهٽ ۾ گهٽ اسين ڪيوبڪ صوبي کي اهي سبب فراهم ٿيڻ نه ڏينداسين. اهو ڪئناڊا جي مدبراڻي قيادت جي فيصلن جو ئي نتيجو آهي جو ڪئناڊا جيڪا 80 سيڪڙو انگريزي ڳالهائيندڙن جو ملڪ آهي، پر پوءِ به اتي انگريزي ٻوليءَ وانگر فرينچ ٻوليءَ کي به قومي ٻوليءَ جو درجو مليل آهي. جيڪا ڪئناڊا جي يارنهن صوبن ۽ ٻن وفاقي ٽيرٽريز مان رڳو هڪ صوبي ڪيوبڪ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هاڻي ڪئناڊا جي وفاقي حڪومت جيڪو به فيصلو يا بيان جاري ڪري ٿي اهو انگريزيءَ سان گڏوگڏ فرينچ ۾ به ضرور هوندو آهي. ملڪ جو آئين هجي، سپريم ڪورٽ يا هائي ڪورٽ جي رولنگ هجي، بجيٽ دستاويز هجي، انڪم ٽيڪس جو فارم هجي يا ٻيو ڪو فارم، ٽي وي ڊراما هجن يا پروگرام، خبرون هجن يا ڪارٽون سيريز، دوا هجي يا سگريٽن جو پاڪيٽ يا بيبي پائوڊر، سڄي ملڪ ۾ هر شئي لاءِ انگريزي سان گڏ ان تي فرينچ ۾ لکيل تفصيل ضرور ملندو. نه رڳو اهو بلڪ ڪيوبڪ صوبو پنهنجو هر حڪومتي ڪاروهنوار رڳو ۽ رڳو فرينچ ۾ ڪري ٿو. ڪيوبڪ صوبي ۾ دڪانن يا ٻئي ڪنهن به هنڌ سائن بورڊ يا ٻيو ڪو ڪمرشل بورڊ انگريزيءَ ۾ هڻڻ تي پابندي آهي. بلڪ هاڻي ته ڪيوبڪ صوبي ۾ رهندڙ اهي ماڻهو جيڪي فرينچ سان گڏوگڏ آپشنل سبجيڪٽ طور انگريزي پڙهندا هئا، انهن تي به ڪيوبڪ حڪومت مڪمل پابندي لڳائي انگريزيءَ کي ڪيوبڪ صوبي مان مڪمل نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي. ان فيصلي جو سبب ڪيوبڪ حڪومت اهو ڄاڻائي ٿي ته انگريزي ٻوليءَ جي سمنڊ ۾ پنهنجي ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ اهو قدم کڻڻ ضروري ٿي پيو هو. پر مزي جي ڳالهه اها ته اها آزادي انگريزي ٻولي ڳالهائڻ وارن صوبن کي حاصل نه آهي ته اهي پاڻ وٽان فرينچ ٻوليءَ کي نيڪالي ڏيئي سگهن. چوڻ جو مقصد اهو ته ڪئناڊا جي قيادت اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي اپاءَ وٺي ڪيوبڪ صوبي مان احساس محروميءَ کي گهٽائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون آهن. توڻي جو ڪئناڊا جي قيادت ڪا مارڪسسٽ ليننسٽ نه آهي پر پوءِ به سچ پچ ته انهن لينن جي ان قول تي عمل ڪري ڏيکاريو آهي ته قومن کي کير کنڊ ڪرڻ جو عمل انهن تي جبر ڪرڻ سان نه بلڪ انهن کي حق ڏيڻ سان شروع ڪري سگهجي ٿو. جيڪي اڳتي هلي عالمي ثقافت، امن ۽ ڀائيچاري کي جنم ڏينديون. ان حوالي سان هن ملڪ جي قيادت ٻيو ته ڇڏيو رڳو 23 مارچ 1940ع تي هن ملڪ جي باني محمد علي جناح جي موجودگيءَ ۾ مسلم ليگ جي فل ڪائونسل طرفان تاريخي جلسي ۾ اتفاق راءِ سان منظور ڪيل ٺهراءُ جيڪو مينار پاڪستان لاهور تي به واضح طور تي اُڪريل آهي. اهو ٺهراءُ جيڪو هن ملڪ جو اصل بنياد ۽ روح آهي تي به عمل نه ڪرائي سگهي آهي. ان قرارداد يا ٺهراءُ موجب وفاق کي رڳو ٽي کاتا دفاع، پرڏيهي پاليسي ۽ ڪرنسي پاڻ وٽ رکڻا آهن ۽ باقي ڪنڪرنٽ لسٽ سميت ٻيا سڀ کاتا ۽ وسيلا يعني گيس، پيٽرول، ڪوئلو، معدني وسيلا، بجلي، پاڻي، بندرگاهون، مواصلات، ڪوسٽل ايراضي، روينيو ۽ ٽيڪس گڏ ڪرڻ جا اختيار پڻ صوبن کي ڏيڻا آهن. مطلب ته 23 مارچ ۱۹۴۰ع جي قرارداد پاس ڪرڻ مهل مسلم ليگ جي سموري ڪائونسل سيمت محمد علي جناح جو پاڪستان لاءِ واضح تصور ئي اهو هو ته اهو يونائيٽڊ اسٽيٽس آف پاڪستان جي طرز جهڙو ملڪ هوندو. خود علامه اقبال، جيڪو خواب هن ملڪ لاءِ ڏٺو هو اهو هوبهو ۲۳ مارچ ۱۹۴۰ع جي قرارداد جهڙو هو. ٻين لفظن ۾ ۱۹۴۰ع جو ٺهراءُ علامه اقبال جي ان خواب يا تصور جو ئي عڪس هو. پر بدقسمتي سان علامه اقبال هن ملڪ جي قيام کان اڳ ۽ هن ملڪ جو باني محمد علي جناح هن ملڪ جي قيام کان جلد پوءِ عليل ٿي وفات ڪري ويو. اهو ئي سبب آهي جو 60 سال گذري وڃڻ جي باوجود به آزادي جو حقيقي ڦل هن ملڪ جي بدنصيب عوام تائين ان نموني نه پهچي سگهيو آهي جيئن قائد اعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال سوچيو ۽ تصور ڪيو هو. هن ملڪ جي قيادت محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي ڏنل تصور تي عمل نه ڪري اڳم ئي گهڻو ڪجهه وڃايو آهي. مختصر اهو ته ايترو ڪجهه وڃائڻ جي باوجود به جيڪڏهن هن ملڪ جي قيادت ايندڙ طوفانن کي محسوس نه ٿي ڪري ته پوءِ هي سڄو ريجن ئي هڪ نئين صورت ۽ انداز ۾ غير ملڪي قبضي ۾ اچي ويندو. آمريڪي فوجون جيڪڏهن ڪهڙي به بهاني سان پاڪستان ۾ داخل ٿين ٿيون ته پوءِ اڳتي هلي هلي به محفوظ نه رهندي. دهلي ۽ اسلام آباد کان پوءِ بيجنگ ۽ شنگهائي جي بي وسي پڻ رحم جوڳي ۽ ڏسڻ وٽان هوندي. تنهنڪري هندوستان کي به گهرجي ته هن ملڪ سان روايتي دشمني ڇڏي پاڪستان جي مدد ڪري، ڇو جو اهو ئي هن ريجن يا علائقي جي مفاد ۾ آهي. آفريڪا جو کنڊ جيڪو ننڍن وڏن قبيلن جو ماڳ هو، جيڪو ۱۶۵۶ع کان وٺي ڊچ، فرينچ، پورچوگيز ۽ انگريز بيٺڪيتن جو شڪار ٿي ”وائيٽ سپر ميسيءَ“ جي غلامي هيٺ هليو ويو هو، سو مختلف جنگين ۽ مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ اڄ آفريڪي نشنلزم جي بنياد تي يورپي يونين وانگر پنهنجي وڃايل طاقت کي ميڙي گڏ ڪندي اڳيان وڌي رهيو آهي. خود ٻي عالمي جنگ کانپوءِ اولهه جي ملڪن ان ڳالهه کي چڱيءَ طرح سمجهي ورتو هو ته جنگ، اختلاف ۽ مسئلا نبيرڻ جو ڏاڍو مهانگو ۽ نقصانڪار طريقو آهي. خاص طور تي جڏهن اها پنهنجي سرزمين يا پاڙيسريءَ سان وڙهي وڃي. اهو ئي سبب آهي جو ٻي عالمي جنگ جي تجربن کانپوءِ اولهه وارن ڪڏهن به پنهنجي اختلافن کي جنگ تائين پهچڻ نه ڏنو آهي. بلڪ پنهنجي بچاءُ ۽ تحفظ خاطر يورپين يونين ٺاهي هڪ ٻئي سان تعاون ڪري ڪري رهيا آهن. هونئن به هاڻي هي دنيا اسان سڀني جو گڏيل سماج ۽ ورثو ئي آهي. دنيا ۾ جٽادار انساني امن لاءِ اسان سڀني کي مذهبن، عقيدن، رنگ ۽ نسلن کان بي نياز ٿي سوچڻو ۽ عمل ڪرڻو پوندو. ايڪويهين صديءَ کي امن ۽ ترقي جي صدي بنائڻ لاءِ ايندڙ جنگين، لڙائين ۽ جهيڙن جهڳڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل علائقن ۽ ريجنن جي عوام ۽ حڪومتن کي مٿو مٿي سان ملائي غور ۽ ويچار ڪرڻو پوندو. خاص طور تي دنيا جي انهن ملڪن کي وڌيڪ حقيقت پسندي ۽ هوشمنديءَ سان غور ۽ عمل ڪرڻو پوندو، جتي گذريل اڌ صديءَ کان انساني جانيون، جهالت ۽ ضد جي جهنم ۾ سڙي رک ٿينديون پيون اچن. اهو ئي سٺو ۽ سچو طريقو آهي، جنهن تي عمل ڪري هن ملڪ جي باني محمد علي جناح جي ڏنل تصور ۽ ۱۴ آگسٽ تي مليل آزاديءَ جو حق ادا ڪري سگهون ٿا. |