عبرت جي 50 هين سالگرهه تي

سنڌي سماج لاءِ اتساهيندڙ اڌ صدي

عاجز جمالي


ٻاراڻو تعلق:

ڪراچي کان لاهور ويندي ريلوي جي مکيه لائين تي نواب شاهه ۽ پڊعيدن جي وچ ۾ ٻانڌي ريلوي اسٽيشن اچي ٿي- ستر جي ڏهاڪي ۾ صبح جو ريل گاڏيءَ مان اخبارن جا بنڊل لهندا- سنڌي اخبارن ۾ اڪيلي ئي اخبار وڏي اخبار طور ماڻهن کي ڏاڍو انتظار ڪرائيندي هـُئي. ريلوي اسٽيشن تي بنڊل لهڻ کان پوءِ شفيع چوڌري جي دڪان تي پهچي کـُلندو هـُئو. ماڻهو بنڊل کڻي ويندڙ همراهن جو پيڇو ڪندا هـُئا- اخبار لاءِ ڏاڍي بي چيني هوندي هـُئي-  هي اسان جي مـُلڪ ۾ ميڊيا يا اخبارن جو ڏاڍو محدود دور هـُئو. ڪراچي مان نڪرندڙ ذوالفقار علي ڀـُٽي جي اخبار جو به اندرئين سنڌ ۾ ايڏو وڏو اثر اِن لاءِ اڃا نه پيو ٿئي جو اها اخبار منجهند کان پوءِ پهچندي هـُئي. بس اڪيلي ”عبرت“ هوندي هئي، جنهن جي واٽ نهاري ويندي هـُئي- پرائمري اسڪول ۾ ئي منهنجو ڌيان الائي ڇو عبرت ڏانهن ڇڪجي ويو-  سبزي وارو کوکر (نالو ياد نه پيو اچي) شفيع جو اسٽال، سومي مل سيٺ جو دڪان، چاچا علي نواز (مرحوم) جي ڪپڙي جو دڪان، اهي سڀ مون لاءِ مفت ۾ ”عبرت“ پڙهڻ جا مختلف ٺڪاڻا هـُئا-  پرائمري ۾ پڙهندڙ ڳوٺاڻو ٻار ڊڄي ڊڄي اخبار پڙهندو هوس. آهستي آهستي اخبار پڙهڻ جو نشو چڙهي ويو. اسڪول مان موڪل ملندي ئي ماني کائڻ کان اڳ به دل اخبار پڙهڻ تي چوندي هـُئي. هي شايد 1975ع يا 1976 جي زماني جي ڳالهه ڪريان پيو، اهڙي ريت عبرت جي پڙهندڙ طور منهنجو ساڻس ننڍپڻ جو واسطو آهي جنهن کي ٽيهه سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چـُڪو آهي.

مون کي پنهنجي ننڍپڻ ۾ پڙهيل مرحوم نور عباسي جا ”واٽ ويندي“ وارا ڪالم ياد اچن پيا. ”ڪمپيوٽر ايج“ اڃا شروع ڪونه ٿيو هوندو. اسان وٽ اڃا ”هينڊ ڪمپوزنگ“ جو زمانو هـُئو-  جڏهن ماڻهو هڪ هڪ اکر ملائي جملا ٺاهيندو هـُئو. هڪ هڪ خبر جو بلاڪ ٺهندو هـُئو. اخبار ڇپڻ هڪ ڏکيو ڪم تصور ڪيو ويندو هـُئو. ڏوهي وارداتن جون خبرون هـُجن يا سياسي سرگرميون، ڌاڙيلن جي مارجڻ جون خبرون هـُجن يا وزيرن جون ڳالهيون. پر اُن زماني ۾ به مون کي ياد آهي ته ”اگهوتري“ نالي ڪالم ۾ روزمره جي شين جا اگهه ڇپجندا هئا-  تڏهن اها خبر ته نه هـُئي ته اهو ڇا هـُئو پر ”وڻج واپار“ جو هڪ مظهر ضرور هـُئو. ”ڌيان طلب“ ان زماني ۾ ڏاڍو مشهور مضمون هوندو هـُئو. هڪ روايتي ٻولي، نه ڪنهن ورغلايو نه ڀڄايو، ٽن ڪپڙن ۾ گهران نڪتي آهيان، وغيره وغيره-  جيتوڻيڪ هاڻي اهو ڪلچر اِن ريت ناهي پر تڏهن ماڻهو ڳولي ڳولي ”ڌيان طلب“ وارا ڪالم پڙهندا هئا. سائين محمد بخش مري (ماستر محمد بخش) عبرت جو تڏهن کان وٺي اڄ تائين نمائندو آهي. اخبار ۾ ڪڏهن ڪڏهن ”ٻانڌي“ جي خبر لڳندي هـُئي ته ڏاڍي خوشي ٿيندي هـُئي. عام ماڻهو تڏهن اخبار ۾ اشتهار ۽ خبر ۾ فرق محسوس نه ڪندو هـُئو. اسان ٻارڙن جي دل به چوندي هـُئي ته اخبار ۾ نالو ڇپجي پر ذهن ۾ اهو هوندو هـُئو ته پئسا ڏيڻا پوندا. ميڊيا ۾ ڪرپشن تڏهن به هـُئي، اڄ به آهي پر اڄ جي دور ۾ ماڻهن جي ميڊيا تائين دسترس آسان ٿي وئي آهي، صحافي تمام گهڻا ٿي ويا آهن، اُن ڪري جـُهونا صحافي چوندا آهن ته هاڻي صحافين جو مانُ ڪـِري پيو آهي. اڳي وزير، مشير، ڪامورا، پوليس سڀ صحافين کان ڊڄندا هـُئا-  اُن زماني ۾ اسان پنهنجي شهر جي ڄاڻو سـُڃاڻو ماڻهن کي رڳو 14 هين آگسٽ تي جشن آزادي جي اشتهارن ۾ ڳوليندا هـُئاسين، جن ۾ سندن تصويرون لڳنديون هـُيون. هي عبرت سان هڪ ٻاراڻي وهيءَ جو تعلق هـُئو جيڪو هاءِ اسڪول تائين جاري رهيو.

قربت جو ٻيو دور:

عبرت سان تعلق جو ٻيو دور  جهڙوڪر جوانيءَ جي سياسي ۽ سماجي سرگرمين سان گڏ شروع ٿئي ٿو. ”جوهي (ضلع دادو) هاڻي ان سرگرمين جو مرڪز هـُئو، جوهي جيڪا اڳتي هلي منهنجي سـُڃاڻپ بڻجي وئي- تڏهن عبرت ۾ عوامي مسئلن تي خط لکڻ سان تعلق جـُڙيو-  سماجي تنظيم ”جوهي نوجوان تنظيم“ جي پريس سيڪريٽري جي حيثيت ۾ عوام جي بنيادي مسئلن کي خط ۽ پريس رليز عبرت ۾ جاءِ والارڻ لڳا. هي شعور ۽ سجاڳيءَ جي وابستگي هئي ۽ صحافت ڏانهن منهنجي شعوري لاڙي وڌڻ جي عـُمرِ، اُن زماني ۾ سهيل سانگي صاحب عبرت جو نيوز ايڊيٽر ۽ جوهي ۾ مينهون خان چنجاڻي (کوسو) عبرت جو نمائندو-  سهيل سانگيءَ کي اسان کاٻي ڌر ناتي ڪامريڊ طور سـُڃاڻندا هئاسين. شاگرد تنظيمن پاران جوهي مان سيڙجي حيدرآباد گاڏي کاتي ۾ عبرت جي آفيس ۾ ساڻس ملڻ وڃبو هـُئو. پريس رليز ڏيڻ، پريس رليز به ڪهڙا، ”ڄام ساقيءَ کي آزاد ڪريو“. اميد اها هوندي هـُئي ته اخبار جي آفيس ۾ وڃبو وڏي پئماني تي آڌر ڀاءُ ڪيو ويندو- سهيل صاحب هڪ ڪئبن ۾ ڪاڳرن ۾ مصروف، سلام ٻـُڌي وعليڪم السلام چئي پريس رليز وٺي ڪاڳرن جي ڍير تي رکي ڇڏيندو هـُئو، نه چانهه پاڻي جي صلاح نه وڌيڪ ڪا ڳالهه ٻولهه. ڪجهه ڪاوڙ گاڏڙ لهجي ۾ واپس ٿيندا هـُئاسين. ٻئي ڏينهن اخبار ۾ ڊبل ڪالمي خبر ڏسي واهه واهه ٿي ويندي هـُئي. جوهي ۾ جڏهن صحافت کي سمجهڻ جي عمر ۾ آياسين ته استاد مينهي خان جا وڏا قصا ٻڌا-  سنڌي صحافت جا هي ڏاڍا يادگار لمحا يا واقعا آهن. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته جنرل ضياءَ جي دور ۾ دادو جي ضلعي انتظاميا مقامي صحافين سان بلڪل ٺهندي ڪانه هـُئي. ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس پي مڙئي صحافين کي تنگ ڪندا هـُئا. استاد مينهون خان بگڙيل، تڏهن دادو جو ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس پي هفتي جا ٻه ڏهاڙا ڪوٽڙي ۾گذاريندا هئا. مـِينهون خان ٺڪاءُ ڪري خبر لڳائي، جيڪا عبرت جي فرنٽ پيج تي گورنر ايس ايم عباسيءَ جي تصوير سان هيئن لڳي ”گورنر ايس ايم عباسي اڄ جوهي پهچندو“. خبر ڇا لڳي، سڄي ضلعي ۾ ٿرٿلو، تڏهن فون جي ڊائريڪٽ لائين جو ڪو نظام ئي ڪونه هوندو هـُئو. هاءِ گهوڙا شروع ٿي، پوليس ٿاڻي جي وائرليس تي پيغامن مٿان پيغام، وارو ڪريو، گورنر ٿو اوچتو اچي- ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس پي ڀاڄ ڪئي، سڌو اچي جوهي پهتا، پوليس کي حڪم ٿيو عبرت جي نمائندي کي ڳولي اچو، وٽس معلومات هوندي. استاد مـِينهون کي ته خبر هـُئي سو لت کوڙي مڪان تي سمهي پيو، شام تائين کيس پوليس ڳوليندي رهي. نه گورنر آيو نه استاد مينهون خان مليو، ڊي سي ۽ ايس پي سڄو ڏينهن خوار ٿيندا رهيا. بعد ۾ ڄاڻايل ٻئي آفيسر استاد مينهون کان ڏاڍو لنوائيندا هـُئا. راوي اهڙو هڪ ٻيو واقعو بيان ڪري ٿو- تڏهن ٽيليفون ئي خبر پهچائڻ جو واحد وسيلو هوندو هـُئو. سو به ٽرنڪ لائين هوندي هـُئي. جوهي کان حيدرآباد جي لائين ڪلاڪن ۾ ملندي هـُئي. استاد مـِينهون خان ٻوڏ جي خبر لکرائي رهيو هـُئو فون تي- هن پئي لکرايو ”ٻوڏ سبب ايڏو پاڻي اچي ويو آهي جو ”جوهيءَ“ جو سڄو شهر ٻڏي ويو آهي.“ خبر لکندڙ سب ايڊيٽر کيس دڙڪو ڏيندي وراڻيو، ”سڄو شهر ٻڏي ويو ته پوءِ تون ڪٿان پيو خبر لکرائين ۽ ٻڏي ڇو ڪونه وئين.“ استاد مينهون خان جي حاضر جوابي ”مان هڪ دڙي تي چڙهي اوهان کي خبر لکرايان پيو، شابس ڪونه پيا ڏيو، ويتر دڙڪا پيا ڏيو، صحافي آهيو يا پوليس وارا.“ هي اهو زمانو آهي جڏهن قاضي اسد صاحب اخبار جون واڳون باقاعده سنڀاليون، اي پي اين ايس ۾ مسلسل کيس چونڊيو پئي ويو، اڄڪلهه به اي پي اين ايس جو سيڪريٽري جنرل آهي. اسد صاحب جي زماني ۾ عبرت ۾ ڪافي تبديليون آيون، ڪافي نواڻ آئي ۽ صحافت جي شعبي ۾ ڊيسڪ، رپورٽنگ، ميگزين، ايڊيٽوريل سمورن شعبن ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ ٻاراڻيون ياد اينديون آهن ته ڏاڍي کل به ايندي آهي ۽ ”عبرت“ به لڳندي آهي. مثال سهيل سانگي صاحب لاءِ مون جيڪا راءِ لکي اڳتي هلي سهيل صاحب کي مان صحافت ۾ استاد مڃڻ لڳس، عوامي آواز اخبار نئين ٽهيءَ جي صحافين لاءِ وڏي تربيت گاهه ثابت ٿي.

اڄ جي عبرت:

”عبرت“ سان منهنجي تعلق جو هي ٽيون دور آهي- جيڪو به ڏاڍو عبرت ڏيندڙ آهي. مون کي اخبار جي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو، ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ڇا ڪجي. اسد صاحب کي فون ڪري ملاقات لاءِ وقت گهريو-  ڪجهه ڏينهن اندر ملاقات ٿي. بيروزگار ٿيڻ ۽ روزگار ڳولڻ جو قصو ٻڌايو، اها آڇ ٿي ”سڀاڻي کان ئي لکڻ شروع ڪريو، سيما کي آرٽيڪل ڏيئي ويندا ڪريو-  اتي ئي مايا رام سان ڳالهايو ته عاجز جمالي جو آرٽيڪل ايندو، ڏسجو“. بس تڏهن کان لکڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ شايد هي پنجون سال آهي، بس هڪ مهيني کان پوءِ مون ”اليڪٽرانڪ ميڊيا“ جو رستو ورتو. پر عبرت ۾ لکڻ سبب هڪ ته مان پرنٽ ميڊيا سان واڳيل رهيس، پراڻي ريڊرشپ سان سلهاڙيل آهيان، وڏي ڳالهه ته عبرت سبب تمام گهڻيون محبتون مليون، اٿاهه محبتون، ماڻهن جي اي ميلز جو هڪ اڻ کٽ سلسلو ڏيهه پرڏيهه مان، پنهنجن پراون، سڄڻن، دشمنن-  هي ڏاڍي حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته منهنجا سڀ وڌيڪ سڄڻ، عزيز ترين ماڻهو، جيءَ جي جهان ۾ جهاتي پائيندڙ به ”عبرت“ سبب مون ساڻ سلهاڙيل آهن. ڇو ته انٽرنيٽ وسيلي سڄي سنسار ۾ هي سٽون پڙهيون وڃن ٿيون. عبرت جي ايڊيٽر مرحوم خير محمد کوکر جو لاڏاڻو عبرت سٿ لاءِ وڏي افسوسناڪ خبر هئي پر مون سان سڌي ريت مضمون لاءِ جيئن اڄڪلهه امداد جو ڳانڍاپو آهي، تيئن اي- جي چانڊئي جو هـُئو. مضمون اماڻي مون اي جي کي فون ڪيو-  فون کڻندڙ چوي ٿو، ”مان امتياز پيو ڳالهايان، ادا ته رات گذاري ويو“. ڌڪ لڳي ويو، مون ٻيو فون امداد کي ڪيو، فون تي امداد روئي رهيو هـُئو، ”عاجز اي جي رات پريس ڪلب جي پروگرام ۾ نچندي کـِلندي الڳ ٿي ويو“. خير وڌيڪ مان ۽ امداد ٻئي نه ڳالهائي سگهياسين. امداد جي اصرار تي مون اي جيءَ تي ڪالم لکڻ چاهيو پر سال گذري ويو، منهنجا لکيل ٽي صفحا اڃا تائين اڌ ۾ پيا آهن. بلڪل اهڙي ڪيفيت تڏهن به ٿي هئي جڏهن شيخ اياز جي لاڏاڻي تي مون لکيو پئي. مون اهو مضمون به اڌ ۾ ڇڏي ڏنو هـُئو. سو عبرت جي پنجاهه ورهين ۾ ٻاراڻي کان وٺي هن عمر تائين منهنجا ٽيهه پنجٽيهه سال گڏ رهيا. شعوري لاشعوري ريڊر کان وٺي عبرت جي ڪالمسٽ تائين، هن سفر ۾ عبرت جا مختلف رنگ ۽ روپ ڏٺا.

سنڌي ميڊيا جي دنيا ۾ عبرت شايد اها وڏي ۽ ڪامياب اخبار آهي، جنهن اڌ صديءَ جو سفر پورو ڪيو. 19 هين صديءَ ۾ جڏهن اسان وٽ صحافت ڏاڍي ڪمزور هـُئي، تڏهن عبرت هڪ سگهاري صحافت سان ميدان تي آئي ۽ اڄ ويهين صديءَ ۾ عبرت ترقيءَ جون وڌيڪ منزلون طئي ڪيون. سندس ترقيءَ جو سفر جاري آهي. سنڌي سماج لاءِ عبرت جا پنجاهه سال وڏي اتساهه ۽ تاريخي جدوجهد جا اڻ مٽندڙ باب تصور ڪيا ويندا.

aajizjamali100@yahoo.com