|
برطرف ملازمن جي بحاليءَ وارو بل 2010: پورهيتن جي سوڀ حسن اصغر نقوي ملڪ ۾ جمهوري عمل کي شروع ٿيندي اڃا اڍائي سالن جو عرصو ئي گذريو آهي پر جمهوري عمل جا فائدا ڏسجن ته عوام جي ووٽن جي طاقت سان چونڊيل پارلياماني ميمبرن، ملڪ جي پورهيتن ۽ غريبن جي فلاح لاءِ اتفاق راءِ سان قانون ۽ ضابطا تشڪيل ڏئي رهيا آهن. 7 آڪٽوبر قومي اسيمبلي ۽ 10 نومبر تي سينيٽ مان برطرف ملازمن جي بحاليءَ واري بل 2010 جي منظوري ڏني، جنهن کان پوءِ 6 ڊسمبر 2010 تي صدر پاڪستان، جناب آصف علي زرداريءَ ايوانِ صدر ۾ ٿيل پروقار تقريب ۾ ان بل تي صحيحون ڪري ان کي قانوني درجو ڏئي ڇڏيو. ذريعن وٽان ملندڙ انگن اکرن موجب برطرف ملازمن جي بحاليءَ جي بل 2010 تي صدر پاڪستان جي صحيح سان ايڪٽ بڻجڻ کان پوءِ تقريبن 12000 پورهيت پنهنجي ملازمت تي بحال ٿي ويندا. جن کي آمراڻي دؤر ۾ سندن روزگار تان بيدرديءَ سان بي دخل ڪيو ويو هو. ان ڪري هن قانون لاڳو ٿيڻ سان پي آءِ اي، واپڊا، اسٽيل مل، ڪي پي ٽي ۽ ٻين ادارن ۾ ڪافي وقت کان ڪم ڪرڻ وارن 150000 ملازمن جون نوڪريون مستقل ٿي وينديون ۽ انهن جي خاندان کي محفوظ روزگار ميسر ٿيندو. برطرف ملازمن جي بحاليءَ وارو بل 2010 تي صحيح لاءِ ايوان صدر ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه، پيپلز ليبر بيورو پاڪستان چوڌري منظور احمد، وفاقي وزير، پارلياماني ميمبر ۽ وفاقي سيڪريٽري، بحال ٿيندڙ پورهيتن جا نمائندا ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي انچارج پيپلز ليبر بيورو پاڪستان چوڌري منظور احمد ملازمن کي بحالي جي ان بل بابت تعارفي ڳالهيون ڪندي چيو ته آمريت واري دؤر ۾ ايوان صدر کان پورهيتن جي جبري برطرفيءَ وارا قانون جاري ٿيندا هئا، اڄ ان ئي ايوان صدر ۾ جمهوريت جي طاقت سان عوام جي حقيقي نمائندن جبري طور نوڪرين تان لاٿل پورهيتن جي روزگار جي بحاليءَ جو قانون نافذ ڪيو آهي. هن چيو ته هن بل سان صرف ملازمن جي بحالي ئي ناهي ٿي پر گهڻن کي ترقي ۽ رهيل رقم پڻ ملندي. هن چيو ته عوام جي حقيقي پارليامينٽ جي نمائندن ۽ حڪومت ٺيڪيداري ۽ ڊيلي ويجز ملازمن کي مستقل ڪرڻ سان گڏوگڏ سڀني معاشي مشڪلاتن باوجود ملازمن جي پگهارن ۾ پڻ چڱو اضافو ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت پورهيتن کي انهن جا حق ڏئي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي واعدي کي پورو ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت مهانگائيءَ جي حوالي سان پورهيتن جي اُميدن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته ايندڙ سال مئي ۾ انٽرنيشنل ليبر ڪانفرنس ڪرائڻ لاءِ پڻ ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته صدر پاڪستان آصف علي زرداري، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي فڪر تي عمل ڪري رهيو آهي، جنهن سان غريبن، پورهيتن، هارين ۽ پاڪستاني عوام کي سُک ميسر ٿي سگهندو. وفاقي وزير محنت ۽ افرادي قوت سيد خورشيد شاهه ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته حڪومت پورهيتن کي پنهنجو حق ڏنو آهي. پيپلز پارٽيءَ جو منشور آهي ته پورهيتن کي روزگار جو تحفظ ڏنو وڃي. ڇو ته ملازمن کي تحفظ ڏيڻ سان ئي انهن ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو چاهه ۽ پيداواري صلاحيت وڌندي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت هميشه نوڪريون ڏنيون آهن، ماڻهن کي بيروزگار ناهي ڪيو. ڇو ته وسيلن تي حق عوام جو ئي آهي. اِهوئي سبب آهي جو انهن سڀني ملازمن، جن تي گذريل ٻارنهن سالن کان عارضي ملازمت واري تلوار لٽڪندي رهي آهي، انهن کي پڪو ڪري کين ۽ سندن خاندانن کي تحفظ جو احساس فراهم ڪيو آهي. پورهيتن کي مستقل ملازمت جي تحفظ جو احساس ڏيارڻ لاءِ هن جوڙيل قانون جي نافذ ڪرڻ واري موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صدر پاڪستان آصف علي زرداريءَ چيو ته اڄوڪو ڏينهن مبارڪ ڏينهن آهي، جو اسان پنهنجي شهيد قائد ۽ حڪومت طرفان پورهيتن سان ڪيل واعدو پاڙيو آهي. هن چيو ته مزدور ملڪ جي طاقت آهن ۽ اسين انهن لاءِ جاکوڙي رهيا آهيون. صدر چيو ته ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪم ڪندڙ هميشه تاريخ ۾ زندهه رهندا آهن، باقي سڀ شيون هتي ئي رهجي وينديون آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ جو مطلب آهي عوامي پارٽي، تنهن ڪري اسان کي هر ڪم عوام جي فائدي کي نظر ۾ رکندي ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته حڪومت جي پاليسين جي نتيجي ۾ معيشت ۾ بهتري ايندي. صدر صاحب چيو ته برطرف ملازمن جي بحاليءَ واري بل تي صحيح ڪندي کيس خوشي ٿي رهي آهي. صدر پاڪستان آصف علي زرداريءَ انهن ملازمن کي مبارڪباد ڏني، جيڪي ايڪٽ آف پارليامينٽ جي ذريعي پنهنجي ملازمتن تي بحال ٿيا. صدر پاڪستان چيو ته ڪارڪنن جي حقن جو تحفظ ۽ ماڻهن جي لاءِ روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا پيدا ڪرڻ پيپلز پارٽيءَ جي منشور جو اهم جُز آهي. ملازمتن جو تحفظ پورهيتن لاءِ نهايت اهم آهي، جيڪي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ لاءِ محنت ڪن ٿا. هن چيو ته ملڪي اثاثن کي ڀڳڙن مٺ تي کپائڻ وارن ملڪي معيشت کي نقصان پهچايو آهي. صدر چيو ته قومي اثاثن کي خانگائڻ ۾ پورهيتن جي حق ملڪيت کي لازمي تحفظ ڏنو ويندو ۽ نجڪاريءَ جي ڪنهن به پروگرام ۾ پورهيتن جي حق ملڪيت ۽ مفادن کي سامهون رکي فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته آئل اينڊ گئس ڪمپني لميٽيڊ هيٺ تيل جي کوهه جي ماليت تقريبن 5 بلين ڊالر آهي، تنهن ڪري ڪمپني متعلق ڪنهن نام نهاد معيشتدان يا ماهر جي ٻڌايل تخمينن تي انحصار نه ڪيو ويندو. صدر چيو ته پورهيتن جي مفاد لاءِ مختلف قدم عمل ۾ آڻي رهيا آهيون، جنهن مان هڪ بينظير ايمپلائيز اسٽاڪ آپشن اسڪيم به آهي، تنهن ڪري ڪنهن به پبلڪ سيڪٽر اداري جا 12 فيصد شيئرز اداري جي ورڪرن کي ڏنا ويندا. اهڙي طرح 80 ادارن جا پنج لک کان وڌيڪ ڪارڪن ان اسڪيم مان فائدو کڻندا. برطرف ملازمن جي بحاليءَ وارو بل 2010 تي صحيح ڪرڻ واري تقريب ۾ شريڪ مزدور اڳواڻن، عوام جي چونڊيل، وزيرن ۽ صدر محترم جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي. عوام جو حق ان جي چونڊيل نمائندن جي ذريعي عوام تائين پهچي رهيو آهي اِهو ئي جمهوريت جو ثمر آهي جنهن لاءِ پاڪستان جي پورهيت عوام ۽ عوامي خدمت ڪندڙ سموريون ڌريون مبارڪ جون مستحق آهن.
|