|
ڳالهيون پڙهڻ جهڙيون ”ٿورڙو جي وسين ها ته ڇا ٿي ٿيئي“
آواز واري دنيا ريڊيو جا به پنهنجا رنگ آهن، هوائن جي آڌار ٻڌندڙن تائين پهچندڙ آواز واري سٿ ۾ مونکي شامل ٿئي ڪجهه عرصو ٿيو آهي. پر ياد آهن اهي ڏينهن جڏهن اسان دوست هاءِ اسڪول ۾ پڙهندا هياسين ۽ پوءِ روزانو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي خط ۽ ڪارڊ لکندا هئاسين، موٽ ۾ ريڊيي تي جڏهن پنهنجا نالا ۽ پسند جا ڪلام ٻڌندا هئاسين ته وڏي خوشي محسوس ٿيندي هئي. ان خوشي ۾ دوستن هڪٻئي تي تخلص به رکيا، منهنجي حصي ۾ وفا جو تخلص آيو. اهي ڏينهن هي ڏينهن، وفا سان نڀائڻ جي ڪوشش ۾ آهيون ۽ اها هاڻي ايف ايم 91 تي جاري آهي، جتي منهنجي کاتي ۾ ڪلارڪي سان گڏوگڏ ٻه ٽي پروگرام به آيا آهن، جن ۾ هِڪڙو سڀ رنگ پروگرام به شامل آهي. هن پروگرام ۾ معلومات سان گڏ موسيقي به شامل هوندي آهي، پروگرام جي پڇاڙيءَ ۾ ٻڌندڙن سان فون ذريعي ڪچهري به ٿيندي آهي. هڪ پروگرام ۾ ڪنهن ٻڌندڙ جو فون آيو، چيائين، اسان توهان جو پروگرام ٻڌي رهيا آهيون ۽ اسان وٽ هڪ مهمان به آيل آهي، جيڪو پڻ اوهان کي سلام چئي ٿو. مهربانيون چوندي عرض ڪيم ڀلا مهمان کي فون ڏيندئو، جواب آيو ها سائين، ائين پريان ڳالهائيندڙ کي چيم اسان اوهان کي ڀليڪار ٿا چئون، ڀلا پنهنجو ڳوٺ ڪهڙو آهي؟ چيائين سڪرنڊ جي ڀرسان ويٺل آهيون. چيم، انهيءَ پاسي ته حمل فقير به آهي، چيائين بس سائين حمل فقير کان ڪجهه پنڌ تي ئي پنهنجو ڳوٺ آهي. تنهن تي چيم ته پوءِ ڀلا اچو گڏجي استاد منظور علي خان جي آواز ۾ حمل فقير جو ڪلام ”ياراڻي يارن مان وئي، جا وئي“، ٻڌون. اهڙي ريت هڪ ڀيري عبرت اخبار ۾ ڇپيل موري شهر بابت معلومات، پروگرام ۾ شامل ڪيم، تنهن ڏينهن وري هڪ ٻڌندڙ فون تي پروگرام ۾ شامل موري جي ذڪر تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته هُو به اصل موري جا رهواسي آهن، تنهن کي چيم ته شاهپور جهانيان جي پاسي جا ته نه آهيو. چيائين ها سائين ۽ هن اهو به چيو ته اهو به ٻڌي خوشي ٿي ته راشد مورائي به موري جو رهواسي آهي. ياد آهن اهي ڏينهن جڏهن موري ججهو وڃڻ ٿيندو هو ۽ پوءِ وَجُهه وٺـي سائين راشد مورائيءَ وٽ حاضري ڀربي هئي، شال ڌڻي سائين اسان جي هن ڀلوڙ شاعر کي وڏي ڄمار ڏي، اهو چئي ديبا سحر جي آواز ۾ راشد مورائي جي شاعري ”دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا ٿورڙو جي وسين ها ته ڇا ٿي ٿيئي“ هلائي پروگرام جي پڄاڻي ڪئي سين. razawafa@yahoo.com |