|
27 ڊسمبر جي مناسبت سان هُوءَ، جا راڻي، ننڊ سُمهي پئي! ڊاڪٽر غلام عباسي مهيسر جڏهن روز نبرگ جي جوڙي کي ٽياس تي ٽنگيو ويو هو ته اُن وقت ڀارت جي جڳ مشهور ڪهاڻيڪار ڪرشن چندر اٻرندڙ پاڻيءَ جيان ڀڙڪو کاڌو هو ۽ اُن هڪ ڪهاڻي ”سڀ کان وڏو گناهه“ سرجي ورتي هئي، پر ايشيا جي شهرت جي بلندين کي ڇُهندڙ شاعر فيض احمد فيض هي سٽون سرجي ورتيون هيون ته: هم جو تاريڪ راهون مين ماري گئي آخر سائين! اسان پنهنجا تڏا ڪڏهن ويڙهينداسين؟ شهيد ڀٽو جي غم مان ٿورو ٻاهر آياسين ته شاهنواز جو غم، شاهنواز جو تڏو ويڙهيو ئي مس ته مير مرتضيٰ جو تڏو ۽ پوءِ شهيد راڻي جيڪا اسان جو سهارو، اسان جو جگر ۽ جان هئي، اُن جو تڏو!! آخر هي ظالم ڪيترا محبوب اڳواڻ راهن ۾ ماريندا رهندا؟ اِهو سوال محترمه شهيد جي شهادت واري وڇايل تڏي تي مون کان هڪ ريڙهيءَ واري ڪيو هو، تنهن جي جواب ۾ مون چار ڳوڙها ئي ڳاڙي ورتا هئا. زبان تي سڪتو طاري ئي رهجي ويو!! تنهن تي اُن وراڻيو هو ته ها سائين! بس ظالمُ هتي ڪنهن سنڌيءَ کي سُٿرو برداشت ڪندو!! ڇا ماڻهن کان اُهو والٽيئر وسري ويو آهي، جنهن جي جنازي پڙهائڻ لاءِ ڪوبه پادري تيار ڪونه هو، پر وقت جي منصف ٽيهن سالن کان پوءِ انصاف جي تارازيءَ کي اهڙي ته انداز ۾ جهليو، جو چئن ڏهاڪن کان پوءِ جڏهن اُن جو لاش پروشيا کان واپس فرانس آندو ويو ته اُهو فرانس جو هڪ قومي هيرو ٿي ويو. ائين ئي بينظير ڀٽو اُها ايشيا جي هيرو، شهادت جي سورمي ۽ سنڌ جي نياڻي آهي، جنهن جي آخري ديدار لاءِ ماڻهو ائين سڪندا رهيا، چٿبا رهيا، چيٿاڙبا رهيا، جيئن رالف گرين جي Odd Man out جو پادري صرف اِهو چوندو رهيو هو ته هُو ان شخص جي اکين کي ڏسڻ کان پوءِ مرڻ چاهي ٿو، جنهن جي اکين ۾ انقلاب جي روشنين جا ڪرڻا آهن. هڪ وقت هو! جڏهن غمگينن جي ڪيترن ئي صبحن ۽ پيڙائن جي انيڪ شامن کان پوءِ هڪ صبح ۽ هڪ ڏينهن جي شام اهڙي به آئي هئي، جڏهن بيگم ڀٽو جو مُرجهايل چهرو چمڪي رهيو هو. هُن جون اکيون پنبڻين کي ٻيڙيءَ جي ونجهه جيان هلائيندي موجون ماريندڙ درياهه جي سِيرَ مان ڳولي رهيون آهن.پنهنجي ڏک سک جي ساٿي ذلفي ڀٽو کي- ڇو ته بيگم ڀٽو پنهنجي ور شهيد ذلفيءَ سان وچن ڪيو هو ته پنهنجي جيل جي آخري ملاقات ۾ ته اي ذوالفو! جڏهن مون کي ڪابه خوشي نصيب ٿيندي، تڏهن يادن جي جهروڪن مان منهنجون اکيون تنهنجون ڳولائون ضرور ڪنديون!! هُو ڳولي رهي هئي پنهنجي وڃايل وجود جي هڪ ٽُڪڙي کي، پوءِ اُن جي اکين ۾ پاڻي اوتجي ويو هو ۽ اُن نيڻ هيٺ ڪري پنهنجي هٿ ۾ جهليل رومال سان اکين جا ڳوڙها اُگهي ورتا هئا ۽ پنهنجي پاسي ۾ ويٺل سهيليءَ سان وضاحت ڪري ورتي هئي ته! هي منهنجي اکين جا ڳوڙها خوشيءَ جا ڳوڙها آهن، ڇو ته بيگم ڀٽو جي ڏکن وارن اکين جي ڳوڙهن کي ته سندس سهيلين بجوبي ڏٺو هو، پر هيءُ پهريون ڀيرو هو، جو خوشيءَ جا ڳوڙها پئي ٽِميا، ڇو ته اَڄُ سندس موڀي نياڻي بينظير عرف پنڪيءَ جي شادي هئي. هُوءَ 18 ڊسمبر 1978ع جي شهزادي هئي، جنهن پنهنجي هڪ ڪتاب ”خارجا پاليسي حقائق ڪي روشني مين“ لکيو هو ته ”جيڪڏهن ٽينڪ ۽ فوجون استحصالي نظام جو دفاع ڇڏي ڏين. عوام ۽ اُن جي رهنمائن تي تشدد ختم ڪيو وڃي ته هوند دهشت پسنديءَ جو خاتمو ٿي وڃي ۽ اُهو منظر يونيورسٽين جي ڪلاس رومز تائين محدود رهجي ويندو. اُن صورت ۾ انسانن ۽ جهازن جون اغوائون، جن کان يورپ ۽ لاطيني آمريڪا ڏڪي ويندا آهن. هوند ماضيءَ جا قصا رهجي وڃن. ڪوبه شخص ائٽمي جنگ ناهي چاهيندو. اگر نئون انصاف تي مبني ڪو سياسي ۽ اقتصادي نظام جُڙي پوي ته هوند هيءَ دنيا پنهنجي جديد ٺيڪيدارن جي قيد کان آزاد ٿي پوي.“ آڪسفورڊ جي گريجوئيٽ بينظير ڀٽو! هڪ پُرامن ۽ مثالي اڳواڻ بينظير ڀٽو پنهنجي ارڏي ابي ذوالفقار ڀٽو جي سياسي وارث، ايم آر ڊي تحريڪ جي روح روان، روشن خيال ۽ ترقي پسند بينظير ڀٽو جنهن جي شاديءَ تي ضياءُ الحق لرزجي اُٿيو هو ۽ اُن هڪدم چئي ورتو هو ته ”راجڪماري سنڌيا جي شادي ۾ دولت جي چمڪ ضرور هئي، پر عوامي محبتن جو ڪوبه طوفان نه هو“ هُوءَ ته واقعي سنڌ جي راجڪماري هئي، پر جنرل کي ڪهڙي خبر ته سنڌي پنهنجي راجڪمارين سان ڪيترو پيار ڪندا آهن؟!! اُن ڏينهن ضياءُ الحق جي هڏين جو ڄڻ تابوت جُڙي چُڪو هو. اُها ئي بينظير هئي، جيڪا جڏهن 18 آڪٽوبر 2007ع تي سنڌ ۾ قدم رکي رهي هئي ته جهاڙ تان لهڻ وقت قرآن شريف جي سائي هيٺان گذري ۽ هاڻي ڪمال محنت آهي جو هينئر هُوءَ جڏهن سُتل آهي ته مٿن ۽ پاسن کان قرآن جي تلاوت جاري ٿي رهي. هُوءَ ڪالهه يعني ويهه سال اڳ به ڪنهن ڏوليءَ ۾ 70 ڪلفٽن کان زرداري هائوس پهتي ئي ۽ ويهن سالن کان پوءِ 27 ڊسمبر تي به اُها ڏوليءَ ۾ لياقت باغ کان سوار ٿي ڳڙهي خدا بخش پهتي هئي. هُوءَ جنهن جي شاديءَ تي لياريءَ جي گهنڊيدار عورتن سهرا ڳايا هئا، اُن جي شهادت تي به اُنهن ئي عورتن نوحا پڙهيا هئا. هُوءَ جنهن کي شاديءَ مهل به هٿڙن تي مينديءَ جو هڳسان هو ته شهادت ۾ به رتيلي مينديءَ جي خوشبوءِ هئي. هُوءَ جنهن جي شاديءَ تي به ماڻهن جا هجوم هئا ته شهادت تي به ماڻهن جا انبوهه. هُوءَ جنهن جي شاديءَ وقت هڪ آمر جي حڪومت هئي ته شهادت تي به هڪ آمر جي حڪومت هئي. هُوءَ جنهن جي شاديءَ تي به هڪ جنرل تبصرو ڪيو هو ته اُن جي شهادت تي به هڪ جنرل تبصرو ڪندي چئي ورتو هو ته ”مون بينظير کي ملڪ ۾ اچڻ کان روڪيو هو، پر هوءَ نه مُڙي ۽ شهيد ٿي وئي. هُوءَ جنهن جي شاديءَ واري اسٽيج جي ڊيگهه 185 فٽ، ويڪر 70 فوٽ ۽ زمين کان اُن جي بُلندي اٺ فُٽ هئي ته سندس شهادت واري اسٽيج جي ڊيگهه به ساڳئي هئي. ليڪن فرق آهي- بلڪل به فرق صاف ظاهر آهي ته اُن جي شادي لياريءَ جي ڪڪري گرائونڊ، سنڌ جي شهر ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جي هجومن جي حصار ۾ ٿي هئي، جتي ڪوبه بمبار نه پئي پهچي سگهيو، پر سندس شهادت راولپنڊيءَ جي لياقت باغ گرائونڊ ۾ انهن ماڻهن جي هجومن جي حصار ۾ ٿي هئي، جن سمورن کي بمبار جيڪيٽون پاتل هيون ۽ سڀ جا سڀ گن شوٽر هئا. abbasmahesar@gmail.com |