|
آواگَمَن ريٽا شهاڻي منهنجون ٻيئي مـُٺيون بند هيون. ٻانهون، ٺونٽ وٽان ٻيڻيون ٿي منهنجن چپن کي ڇُهي رهي هيون. پٺيءَ جو ڪنڊو لچيلي ڪمان جيان هو، جنهن ڪري ٽنگون گوڏن وٽان مُڙيل هيون ۽ گوڏا نڪ کي اسپرش ڪري رهيا هئا. مان ڄڻ ته هڪ گولو، ماس جو لوٿڙو هئس ۽ ڪنهن پاڻياٺ ۾ چُري پُري رهيو هئس. ڪهڙي عجيب اونداهي غار هئي! مگر مان محفوظ هئس، مطمئن هئس. مونکي ڪنهن ڳالهه جي چنتا ڪانه هئي، مون کي ڀرپور خورش (خوراڪ، طاقت) ملي رهي هئي. اوچتو چُرپُر ٿي، اها وڌندي ويئي ڪجهه ڀُوڪنپ وانگر ٿيڻ لڳو. هي ڇا ٿي رهيو هو؟ منهنجو مٿو ديوار سان ٽڪرائڻ لڳو، ڄڻ ته ڪنهن دروازي تي دستڪ ڏيئي رهيو هئس. مون خوب مٿو ٽڪرايو ديوار سان. ديوار ۾ دراڙ پيئي، دوار کلڻ لڳو. ڪجهه روشني نظر آئي. مان مٿو ٽڪرائيندو رهيس. اوچتو منهنجو مٿو دروازي مان نڪرڻ لڳو. سڄو گولو ٻاهر نڪري آيو، منهنجون ٽنگون سڌيون ٿي ويون، پُٺيءَ جو ڪنڊو سڌو ٿي ويو. ٻانهون به سڌيون ٿي ويون. منهنجا ڦڦڙ کُلڻ لڳا ۽ آواز نڪتو ’اُوئان‘ ــ مان ساهه کڻڻ لڳس. گرمي گم ٿي ويئي. ٿڌو ٿڌو واتاورڻ! ڪنهنجو پيار ڀريو ڇُهاوَ مون محسوس ڪيو. ڪنن تي ڪپهه جا پڙلاوَ پيا. اکين پهريون ڀيرو روشنيءَ کي ڏٺو ۽ پوءِ بند ٿي ويون. مون کي نَل جي هيٺان وڌو ويو ۽ پوءِ گرم گرم پاڻيءَ سان سنان ڪرايو ويو. صابڻ جي مٺڙي خوشبو منهنجي نڪ ۾ گهڙي ويئي. ڪنهن منهنجي نرڙ تي پنهنجا گرم چپ رکيا ۽ مون کي پيار ڀري مِٺي ڏني. ڪنهن مون کي پنهنجي نرم ۽ گرم آغوش ۾ جڪڙي ورتو. مان ڪيڏو گد گد ٿيو هوس. مون کي لڳو مون ڪنهن نئين دنيا ۾ پرويش (اچڻ) ڪيو هو. وقت گذرندو ويو. منهنجون ٻانهون وڌڻ لڳيون، منهنجو ٽنگون وڌڻ لڳيون، شرير وڌڻ لڳو. مان سٻل (طاقتور) ٿيڻ لڳس. منهنجو ذهن وڪاس ڪرڻ لڳو، مان ڪيڏو هوشيار ٿي ويس، جوان ٿي ويس، سگهارو ٿي ويس. ڪيترن اَنڀوَن مان گذريس. انهن مان ڪيترو سکيس! رشتا جڙيا، رشتا ٽٽا، وري نوان نوان رشتا جُڙيا، ڪيڏا ڏهاڪا گذري ويا. هاڻي وري منهنجون ٽنگون گوڏن وٽان ٻيڻيون ٿيڻ لڳيون آهن، ٻانهون ڪمزور ٿي رهيون آهن، پٺي چِٻي ٿيڻ لڳي آهي. اکين جو نُور گهٽجڻ لڳو آهي، ڪنن ۾ آواز گهٽ اچڻ لڳا آهن. ڇا وري ماس جو لوٿڙو بڻجڻ جي تياري ٿي رهي آهي؟ ڇا وري هڪ دروازو کلندو؟ ڇا وري مان ان دوار کي پار ڪري، ڪنهن ٻي دنيا ۾ پير رکندس؟ (نالي واري ليکڪا ريٽا شهاڻي سنڌ ڄائي آهي، هينئر هند ۾ رهي ٿي. هي لکڻي خاص ’تخليقڪار‘ لاءِ لکي اٿائين.) |