|
ملاڪا ڏي روانگي....
(حصو ٻيو ۽ آخري) دنيا جي مشهور مصور رئمبر انڊٽ جي ٺهيل اوريجنل پينٽنگ چوري ٿي وئي آهي، جنهن جو شڪ سين ڪونري ۾ آهي. زيٽا ثبوت گڏ ڪرڻ ۽ سين ڪونري کي ڦاسائڻ لاءِ ڪيتريون ئي اٽڪلون ڪري ٿي ۽ ظاهري طرح هوءَ پاڻ به چور سڏرائي ڪونري جي ساٿياڻي ٿئي ٿي ۽ گڏجي اسڪاٽلينڊ اچن ٿا، جتي بي بها چيني ماسڪ چوري ڪري ان کي ڪوالالمپور ۾ وڪڻڻ ۽ پيٽروناس ٽاور بلڊنگ جي هڪ بئنڪ مان 8 بلين ڊالر چوري ڪرڻ جو پلان ٺاهين ٿا. آخري لمحن ۾ گڙٻڙ ٿيو ٿي پوي ۽ هو Twin ٽاور بلڊنگ (Petronas Towers) مان ڪرسمس جي جشن لاءِ لڳل بلبن جي رسين ذريعي ڀڄن ٿا. ڀڄڻ وقت هو هڪ ٻئي سان ملڻ لاءِ ٻئي ڏينهن پودو ريلوي اسٽيشن تي ملڻ جو پروگرام رکن ٿا. پودو ريلوي اسٽيشن تي هو ريل ۾ چڙهن ٿا جتي هنن جو پيڇو ڪرڻ لاءِ FBI جا ايجنٽ به آهن. وچ تي هلندڙ ٽرين مان هو ٽپو ڏيئي لهن ٿا... وغيره وغيره. هن وقت صحيح ڪهاڻي ياد نه آهي، پر جن اها فلم ڏٺي هوندي ۽ هو پودو ريلوي اسٽيشن کان واقف هوندا اهي ضرور اهو سوال ڪندا ته فلم ۾ ڏيکاريل پودو اسٽيشن اصل واري پودو اسٽيشن کان ته بلڪل مختلف آهي! بلڪل صحيح آهي. فلم Entrapment ۾ ڏيکاريل ريلوي اسٽيشن تي جيتوڻيڪ بورڊ به پودو ريلوي اسٽيشن جو لڳل آهي، پر اها پودو اسٽيشن نه آهي. ريلوي اسٽيشن وارا اهي سين دراصل بڪت جليل ريلوي اسٽيشن تي فلمايا ويا آهن، پر جيئن ته سِين ڪونري کي ان ريلوي اسٽيشن جو نالو اچارڻ ۾ ڏکيو ٿي لڳو، ان ڪري بڪت جليل جي بورڊن تي PUDU لکرايو ويو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪوالالمپور جي ريلوي توڙي مونو ريل اسٽيشنن جا نالا ايشيا جي اسان ڌارين لاءِ به ڏکيا آهن. جيئن ته: سنگائي بيسي، تُن سمڀاٿان، ٽيٽا ونگستان، پانڊان انڊاح، بڪت ناناس، داتو ڪرامت، تمن ميلاتي... وغيره وغيره. هتي اهو به لکندو هلان ته ٻه ڏهاڻيون کن اڳ بڪت جليل جو هي علائقو جيڪو جنگل ۽ کيت هو يعني ڪراچي جو 1950ع وارو لالو کيت هو سو ڏسندي ئي ڏسندي هڪ ماڊرن شهر ٿي پيو آهي، جتي اسپورٽس ڪامپليڪس ۽ خوبصورت ريلوي اسٽيشن کان علاوه انٽرنيشنل ميڊيڪل يونيورسٽي (IMU)، ٽيڪنالاجي پارڪ ملائيشيا (TPM)، دي ايشيا پئسفڪ انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ UCIT (يونيورسٽي ڪاليج آف ٽيڪنالاجي) پڻ آهي. چوڌاري خوبصورت فليٽن جون اتاهيون عمارتون آهن، جن جا انگريزي نالا ارينا گرين، وستاڪامن ويلٿ سوانا، گرين فيلڊ، گرين ايونيو پڙهي ائين نٿو لڳي ته هي اهو ملائيشيا آهي، جيڪو مون پهريون دفعو 1968ع يا شايد 1969ع ۾ ڏٺو هو. بس اسٽاپ تي پهتس ته مون کي ملاڪا ويندڙ بس کي ڳولڻ ۾ دقت نه ٿي. جيئن ڪراچي ۾ شالامار بس اسٽاپ تي پهچبو آهي ته بسين جا ڪنڊيڪٽر گلو ڦاڙي رڙيون ڪندي نظر ايندا آهن.... حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه، مورو، سکر.... تيئن هتي جوهور، باتو پاهت، الور اسٽار، الور گاجاح، ڪئالا ڪنگسار.... جي رڙ لڳي پئي هئي. جيڪو ملاڪا، ملاڪا ڪري رهيو هو، تنهن کان پڇيم ته بس ڪٿي آهي؟ ”اها سامهون بيٺي آهي.“ ”ٽڪيٽ ڪٿان وٺان؟“ مون پڇيو. ”اِنچڪ (جناب) توهان وڃي ويهو. بس هلڻ واري آهي.“ هن مون کي تڪڙو جواب ڏئي وري ملاڪا ملاڪا، ملاڪا ملاڪا جي تسبي پڙهڻ شروع ڪري ڏني. بس ۾ گهڙيس ته آخري سيٽ تي هڪ چيني فئملي ويٺي هئي ۽ اڳين سيٽ تي ڪنهن ڪاليج جي ملئي ڇوڪري. ٻي سڄي بس خالي هئي. دل ۾ سوچيم ته هن نڀاڳي ته اهو چيو ته بس ڇٽڻ واري آهي. هيءَ ته خالي خالي لڳي پئي آهي. ملئي ڇوڪريءَ کان پڇيم ته هيءَ بس ڪيڏانهن وڃي رهي آهي. ”موئر.“ هن وراڻيو. يعني هيءَ بس موري تائين وڃي ٿي. آئون اڌ رستي تي حيدرآباد يعني ملاڪا لهي پوندس. ”توهان ڪٿي وڃڻ چاهيندائو؟“ ڇوڪريءَ مون لاءِ اهو سمجهيو ته آئون ٽوئرسٽ آهيان، پر هن اهو ئي سمجهيو ته آئون ملائيشيا جي ڪنهن اتراهين رياست ڪيداح يا پرلس کان گهمڻ لاءِ نڪتو آهيان. ”ملاڪا ڏسڻ جي شوق ۾ ڪراچي کان ڪَهي آيو آهيان.“ مون وراڻيو. ايتري ۾ ٻه ٽي ٻيا مسافر به بس ۾ چڙهيا. ڇوڪري مون کي حيرت مان ڏسڻ لڳي. آئون سمجهي ويس ته هوءَ سوچي رهي هوندي ته آئون هڪ ڌارئين ملڪ جو ٽوئرسٽ ٿي سندس مادري زبان ڪيئن ڳالهائي رهيو آهيان. "Oh! You speak good Malay." هن کان رهيو نه ٿيو ۽ هن انگريزيءَ ۾ داد ڏنو. ”سايا پينشارا سِني انتوق لاپان تاهون.“ (آئون اٺ سال کن هتي ليڪچرار هوس). هن ڇوڪري اِيزاح ٻڌايو ته هن بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ لبوق چينا ۾ مڪمل ڪري هاڻ ڪوالالمپور جي ڪنهن يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي آهي، هينئر ٻن ڏينهن جي موڪل تي هوءَ ڳوٺ وڃي رهي آهي، جتي سندس ڪنهن سؤٽ يا ماسات جي اڄ شادي آهي. لبوق چينا، مسجد تاناح (جتي هتي جي مئريٽائيم اڪيڊمي آهي جتي آئون رهيس) ۽ ملاڪا شهر ائين هڪ ٻئي جي ويجهو آهن جيئن ٽنڊوڄام، مٽياري ۽ حيدرآباد. ايزاح منهنجي لاءِ هن سفر ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿي جو رستي تي جتي جتي بس بيٺي ٿي ته هن منهنجا فوٽو ڪڍيا ٿي ۽ ساڻس هن پاسي جون خبرون به پڇندو رهيس جو لبوق چينا، مسجد تاناح ۽ ملاڪا جهڙو هن جو ڳوٺ ٿيو، اهڙو منهنجو پڻ. هوءَ هن وقت ويهه سالن جي ٿيندي. يعني آئون جڏهن ملاڪا ۾ اچي رهيو هوس ته هوءَ ته اڃان ڄائي به نه هئي. هڪ سوال تي ته انهن ڏينهن ۾ هنن ڳوٺن جون ملئي ڇوڪريون ڪيئن هيون، مون کلندي چيومانس ته انهن ڏينهن ۾ ملئي ڇوڪريون گوڏيون پائي هلنديون هيون ”۽ هاڻ؟“ ايزاح پڇيو. ”هاڻ؟ تون پنهنجو پاڻ کي ڏس“، مون ٽهڪ ڏيندي چيومانس، ”جينز جون پتلونون ۽ کڙين وارا سئنڊل پايو پيون هلن. بس رستي تي سريمبان وٽ ڪافي دير ترسي جو ڪوالالمپور ۽ ملاڪا جي وچ ۾ سريمبان ائين آهي جيئن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ نوري آباد آهي. ايزاح کي ملاڪا کان ٿورو اڳ لبوق چينا ۾ لهڻو هو، جيڪو سمجهو ته حيدرآباد کان ٿورو اڳيان ڄامشورو ٿيو. altafshaikh2005@gmail.com altafshaikh2004@yahoo.co.uk
|