|
ميين شاهه عنايت رضوي جو عرس ۽ بي ڌياني جو ورتاءُ
اڄ 12 ربيع الاول آهي. هونئن ته مذهب اسلام ۾ هن ڏينهن کي وڏي اهميت ۽ فضيلت حاصل آهي پر سنڌي ادب ۽ شاعريءَ ۾ به هن ڏينهن کي وڏو مان، مرتبو ۽ مريادا ميسر آهي. نصرپور ۽ ٽنڊو الهيار جي وچ تي شاهپور ۾ سنڌي ٻولي جي آڳاٽي ۽ هاڪاري شاعر ميين شاهه عنايت رضوي جو عرس يعني ميلو ملهائجي رهيو آهي. سنڌي ٻولي جا اديب ۽ سرڪار انهيءَ ڏينهن کان بلڪل بي خبر ۽ اڻ ڄاڻ آهن ته ڪو سنڌي ٻوليءَ جي اُفق تي چمڪندڙ ستارو هن ڏينهن تي سنڌي ٻوُلي کي ڏهوڻا ڏان ڏيئي ساڱري ڇاڙهه جي ڪپ تي ابدي ننڊ سمهي چڪو آهي. ميون شاهه عنايت، ڀٽائي کان اڳ وارن سنڌ جي سڀني قديم ۽ ڪلاسيڪل شاعرن جي ڀيٽ ۾ هن جي شاعري وڏي تعداد ۾ هڪ رسالي جي صورت ۾ هٿ آئي. قاضي قاضن جا 278 بيت اسحاق اهنگر جا 2 بيت، سائين شاهه ڪريم جا 93 بيت، شاهه لطف الله قادري جا 357 بيت ۽ شاهه عنات 469 بيت 42 وايون آهن، جيڪو آڳاٽن سڀني شاعرن کان گهڻو ۽ واين سان اضافي وارو مواد مليو آهي. وڌيڪ هاڻ ٻيو به تعداد هٿ آيو آهي. شاهه عنات رضوي جا رسالي ۾ 22 سُر آهن جيڪي شاهه جي رسالي ۾ سڀ ساڳيا سُر آهن سواءِ هِڪ ”جيتسري“ سُر جي، جنهن جو به مواد شاهه جي رسالي سُر پُورب ۾ موجود آهن. جڏهن ته ڀٽائي جا ٽيهه يا ان کان مٿي سُر آهن. ڀٽائي ۽ شاهه عنات جي ڪجهه شاعري ساڳي سٽاءُ ۽ مواد واري آهي جنهن جو فرق ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي پر نئين ۽ پراڻي ٻولي جي بنياد تي ۽ ڀٽائي جي روح ۽ خيال جي سٽاءُ کي پروڙڻ سان سمجهي سگهي ٿو. ميين شاهه عنات جي ٻولي ڪجهه قدر قديم ۽ پراڻي آهي جڏهن ته لطيف سائين ٻولي کي جديد ۽ نئون نبار ۽ لفظن کي گهاڙيٽو به جديد بنيادن تي ڏنو آهي. جيئن هڪ سٽ ۾ چيو اٿس ته: ويندي ڏانهن پرين، جُتي جات نه پائيان. سائين شاهه عنايت چوي ٿو ته: نڪي رُڻڪيا نه ڪَڻڪيا، ڪَٺُ نه ڪڇيائون شاهه عنات رضوي جو قلمي نسخو سندس وفات کان تقريبن هڪ صدي پوءِ ٽالپر دور حڪومت ۾مير غلام علي ٽالپر جي دور حڪومت ۾ 1802ع ۾ لکيو ويو. جيڪو شاهه عنايت رضوي جي پوٽي سيد قطب شاهه جي پٽ سيد اميد علي شاهه راوي سانوڻ فقير مڱڻهار کان پڇي لکائيندو ويو. سيد اميد علي شاهه پاڻ به شاعر هو ۽ سندس والد سيد قطب شاهه به سُٺو شاعر هو. سيد اُميد علي شاهه جي نالي سان ميين شاهه عنايت جو اڄ به گادي نشين موجود آهي، اهو نالو پُشتان پُشت هڪ نه ٻئي پٺيان هلندو اچي پيو. 1944ع ۾ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي ميين شاهه عنات جو قلمي نسخو رضوي خاندان وٽان مليو، جنهن کي ڊاڪٽر صاحب ڪافي سال پورهيو ڪيو.سگهڙن وٽان اڻ لکيل بيت، مختلف ٻين شاعرن جي رسالن منجهان ۽ رضوي خاندان کان ڪافي شعر ۽ حڪايتون هٿ ڪري 1963ع ۾ سوڌي سنواري ”ميين شاهه عنايت رضوي جو ڪلام“ لکي سنڌي ادبي بورڊ منجهان ڇپائي پڌرو ڪيائين. ٻيهر ان کي 2010ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ وڌيڪ تحقيق ۽ واڌاري جي بجاءِ ساڳيو رسالو سادي پني ۽ سادي ڇپائي سان مارڪيٽ ۾ آندو آهي. اڄ شاهه عنات کي 3 سئو سال کان به مٿي عرصو گذري چڪو آهي ڪا به نئين تحقيق ۽ کوجنا نه ٿي ڪئي وڃي. سنڌي ادب لاءِ وڏا وڏا ادارا ته ٺاهيا ويا آهن پر هن ٻهڳڻي شاعر جنهن جو سنڌي شاعري جي عمارت ۾ بنياد وارو ڪردار آهي ان لاءِ ڪجهه نٿو ڪيو وڃي. ميين شاهه عنات، مغلن کان سنڌ جي آزادي لاءِ وڙهي ويندڙ ويڙهه ميان نصير خان ڪلهوڙي جي اڳواڻي ۾ سنڌين جي جنگ جي حمايت ڪئي. ميان نصير خان ڪلهوڙي جي حق ۾ بيت لکيائين جيڪو سڄي جنگ ۾ پرچار ۽ پروپئگنڊا جي طور تي مشهور ٿيو. ميان نصير خان سڀ کان پهرين چانڊڪا پرڳڻي ۾ اُڀريو ۽ سڄي سنڌ تي ڇانئجي ويو. ”نسرئو نصير، چانڊڪي ۾ چنڊٿي، ڪاڇو ڪوڙي ۾ ڪري، ملي ويٺو مير، دمامي جي دؤنس سان، ڦري ٿو فقير، آهي هي عنات چئي، سندو سنڌ همير، سي وئا هلي ڍاڍري، کڻي کِرٿئون کير تن کي گڏئو ڪين گس تي، بدونه بدگير، خاصي خدا آباد منجهه،عطر ۽ عنبير، جان جان ندي نير، تان تان طبل تنهنجو تجلو. ميون شاهه عنات سنڌي ٻولي ۽ ادب جو هڪ لازوال قيمتي اثاثو آهي ان سان گڏوگڏ ڀٽائي جو شفيق پيءُ وانگر استاد پڻ آهي اهو ڀٽائي لاءِ شاهه عنات ئي چيو هو ته ”ٻين زمين کيڙي آهي پر تون سمنڊ کيڙيندين.“ ميين شاهه عنات وڏي ڄمار ماڻي، لطيف سائين ٻاويهه چوويهه ورهين جو ڳڀرو نوجوان هو ته ميين شاهه عنايت 90 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو. شايد انهيءَعرصي ۾ هڪ دفعي ڳڀرو نوجوان لطيف ڏينهن تتي جو شاهه عنايت جي گهر اچي ڏيڍي وٽ در کڙڪايو ۽ ٻانهي کي چتو ته سائين کي چئو ته، در تي ڪري دانهن، در تي ڪري دانهن. اها ڳالهه مرزاقليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ”احوال شاهه عبداللطيف“ ۾ لکي آهي ته ٻانهي جڏهن اندر وئي ته سائين شاهه عنات سُتو پيو هو. اهو نياپو ٻڌي اُٿيو، ڊگهو مڙس هو ۽عصا کڻي هلندو هو در تي آيو ته نوجوان عبداللطيف کي ڏٺائين ۽ چيائين ته ڪُلهي لائي ٻانهن، کڻي پرين ڪندس پانهنجو ائين چئي اچي عبداللطيف کي ڳرهاٽي ڏنائين ۽ کيس هر طرح جي تسلي ڏيئي پاڻ وٽ رهايائين. ميين شاهه عنات وڏي ڄمار هئڻ ڪري پنهنجا پٽ ۽ پوٽا پنهنجي اکين سان ڏٺا ۽ خيرن سان اُهي سڀ سٺا ۽ سهڻا شاعر ٿي شاهه عنات جي نظرداري هيٺ ٿي اُڀريا. سيدشاهه شريف، سيد بلال شاهه، سيد قطب شاهه جن جي پڪي پختي شاعري هئي ۽ لطيف سائين خود شاهه عنات سان گڏوگڏ انهن جي ڀران بيهي بيت ڏنا هئا. هڪ ئي گهر ۾ هجڻ ڪري شاعري جون ڪوڙين قنديلون روشن ٿي اُڀرنديون هيون. شاعري جا سلسلا وقفن وقفن سان پلر جي پالوٽ جيان پاريون ڪري پيا وسندا هئا. آخر ۾ ميين شاهه عنات جي شاعري جي حسن ۽ جمال جو جلوو پسي وٺو ۽ ساڳي وقت سنڌي ٻولي جي سونهن جي به سِڪ لاهيو. ”بادل وسئو وس، تو وُٺي وس ٿئي، اُڃئا جي عنات چئي، رات تنين کي رس، وڇ نه سِڪي گاهه کي، رڇ نه لڳي ڪس، نيڻ ٽمندا پس، وس ته وري سپرين.
تون نه سُئو سپرين، نينهن اڳئي شينهن ٻوليو ته ٻهر پئو، سِٽيو سانوڻ مينهن. 1802ع ۾ وڏي سيد اُميد علي شاهه راوي سانوڻ فقير مڱڻهار کان رسالو ميين شاهه عنات جو لکائي محفوظ ڪيو جيڪو پڻ اڻ پورو هو. پر هاڻ موجوده وقت ۾ وڏي جاکوڙ ۽ ڏينهن رات پورهيو ڪري ٻيهر سائين شاهه عنات رضوي جو اڻلڀ ۽ گم ٿيل ڪلام هٿ ڪري فقير هارون مجيداڻو کان سائين اُميد علي شاهه وڏي محنت ۽ جستجو سان ڇپائي ڇڏيو آهي جيڪو عنقريب اسان جي هٿن تائين پڄندو ۽ اکيون آس ونڌين جون وِيئر جيئن ٺري پونديون. سائين شاهه عنات فرمايو آهي، جيئن پاڇاٽيان پئو، تيئن عناتاڻي اڳرا. |