|
ڳوٺ کٿوريءَ واسيا ڪلال لڳ ڀڳ هفتو، ڏيڍ ٿيندو جو مون اها ڳالهه ڪنهن اخبار (شايد عبرت) ۾ پڙهي هئي. ڪنهن همراهه ڪجهه لکيو هو، جنهن جو مفهوم هن طرح ٿي ٿيو ته اياز پنهنجي ڪن دوستن جي چوڻ تي لڳي پنهنجي سڄي شاعري سنڌيءَ ۾ لکي ۽ اردو ۾ لکڻ جهڙوڪر ترڪ ڪري ڇڏيو هئائين. ان هوندي به اياز پنهنجي اندر جي اڇل ڪري جيڪو ٿورو گهڻو اردوءَ ۾ لکيو اهو ڪمال جو آهي، جيڪڏهن اياز اردوءَ ۾ ئي لکندو رهي ها ته الائي ته ڪٿي هجي ها. الائي ڪيڏو وڏو سندس نالو هجي ها! هاڻي هيئن آهي ته اها ڳالهه تنقيد جي دائري ۾ ته بلڪل ڪانه ٿي اچي، البت ايترو سوچي سگهجي ٿو ته اها ان دوست جي خواهش ضرور آهي ته اياز سنڌيءَ جي بجاءِ اردو ۾ شاعري ڪري ها ته ديسان ديس شهرت ماڻي ها. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندس نالو پيو ڳائجي ها. سچ اهو آهي ته مون کي دوست جي اها ڳالهه ئي سمجهه ۾ ڪانهي آئي ته اعليٰ درجي جي شاعريءَ لاءِ ڪنهن خاص ٻوليءَ کي وسيلو بنائڻ اڻٽر آهي. ڳالهه هيئن آهي ته هر فن انساني احساسن جو اظهار هوندو آهي، ائين ئي شاعري پڻ انسان جي دل جي نهايت نفيس گوشن ۾ پلجندڙ احساسن جو اپٽار ٿيندي آهي. منهنجو خيال آهي ته شاعري دل جي ڌڪ ڌڪ کي قلمبند (Compose) ڪرڻ جو نالو آهي، اڃا به ان رايي ۾ وسعت آڻبي ته شاعري ٿيندي انسان جي وجود جو دليل، جيئن گارشيا مارڪيز ٿو چوي. ها البت ايترو ضروري آهي ته هر فن جو ماڌيم ٿيندو آهي. مثال طور سنگيت جو ماڌيم سُر يا آلاپ هوندو آهي، مصوري جو ماڌيم رنگ، نقطا، ليڪون ۽ زاويا (ڪنڊون) آهن، ائين شاعريءَ جو ماڌيم لفظ هوندو آهي. لفظ ڪنهن زبان سان جڙيل هوندو آهي. هر لفظ ڪنهن زبان جي معرفت ڪنهن تهذيب ۾ ساهه کڻندو آهي. هر لفظ جو تهذيبي پس منظر هوندو آهي. ايتري قدر جو ڪيترائي اهڙا لفظ اسان کي لڀندا ته اها معنيٰ ٻي ٻوليءَ ۾ متضاد مفهوم کي ظاهر ڪندي آهي. ساڳي طرح هڪ ئي زبان ۾ هڪ معنيٰ وارن لفظن جو مفهوم، ان ۾ ظاهر ڪيل ڪيفيت توڙي فطرت ڌار ڌار ٿيندي آهي. هڪڙي ٻي ڳالهه اها ته آئون پنهنجي تجربي جي آڌار تي چئي سگهان ٿو ته شاعري پاڻ سان گڏ پنهنجا گهاڙيٽا ٽوڙي لفظيت (Diction) به پاڻ ئي کڻي ايندي آهي. اها ڳالهه ان تي دلالت ٿي ڪري ته شاعري ۽ خاص ڪري اعليٰ درجي جي شاعري ڪنهن خاص زبان سان مشروط ناهي ٿيندي. جيئن اها ڳالهه اسين هر روز ٻڌندا ۽ ورجائيندا رهندا آهيون ته ”فن جي ڪا زبان يا ڪو ديس ناهي ٿيندو.“ فن جو ديس، فن جو موضوع ۽ فن جو مخاطب ”انسان“ هوندو آهي، اعليٰ درجي جو فن اعليٰ انساني قدرن جو اپٽار ڪندو آهي. هاڻي رهيو سوال اياز جي سنڌيءَ ۾ شاعري ڪرڻ جو ته ان لاءِ اها تسليم ٿيل عالم آشڪار ڳالهه آهي ته ماڻهو پنهنجي اندر جو تز اظهار فقط پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ ۾ ئي ڪري سگهندو آهي. ان کان سواءِ جيئن مون مٿي لکيو آهي ته شاعريءَ جو ماڌيم لفظ ٿيندو آهي، اهو لفظ جيڪو ڪنهن خاص تهذيب ۾ ساهه کڻندو آهي ته جيستائين اياز جي سنڌيءَ ۾ شاعري ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته اياز خود انهيءَ تهذيب ۾ ساهه کڻندو هو، جنهن تهذيب ۾ اها زبان جيئندي آهي، جنهن ۾ اياز پنهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ کي قلمبند ڪيو آهي. ان کان سواءِ هڪڙي ضمني ڳالهه اها به آهي ته جيتوڻيڪ اسان جي ڪلاسيڪل شعرن به اردو ۾ لکيو آهي، جن ۾ سچل، مصري شاهه، خليفو نبي بخش قاسم، بيدل فقير محمد وارث ۽ ٻيا به ڪيترائي اچي وڃن ٿا، پر اياز جي شاعريءَ جي شروعاتي ڏينهن ۾ اردو اڄ وانگي سنڌ ۾ پکڙجي ويل زبان ڪانه هئي. هاڻي انهيءَ ڏس ۾ خود اياز جي لکڻين تي نظر ٿا ڪريون. هتي پاڻ اياز جي مٿس تنقيد ڪرڻ وارن بابت راءِ تي ڪونه ٿا ڳالهايون، البت، سنڌيءَ ۾ سندس شاعري ڪرڻ واري ڳالهه جو سندس لکت جي معرفت ذڪر ڪريون ٿا. اياز ”ڪراچي جا ڏينهن ۽ راتيون“ ۾ لکيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ کيس لکڻ وارن دوستن جي صحبت ميسر هئي (پاڪستان جي ٺهڻ وارن شروعاتي ڏينهن ۾) انهن ۾ اردوءَ ۾ لکڻ وارن جو پڻ وڏو سنگ شامل هو. ”پر“ هو لکي ٿو، ”مونکي پنهنجي شاعريءَ کي منطقي عروج تائين رسائڻ لاءِ سنڌيءَ ۾ لکڻو پوندو. ان مان گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته ضرور ثابت ٿئي ٿو ته اياز پنهنجي شاعريءَ جو معراج ماڻڻ لاءِ سنڌيءَ ۾ لکڻ اڻٽر ٿي ڄاتو. ان ڪري ئي هو ڪراچي ڇڏي سکر آيو، جتي کيس سنڌيت جو ماحول ميسر هو. پنهنجو لکڻ ته ٻي ڳالهه آهي، پر اياز ته خود فيض صاحب کي پڻ سندس مادري ٻولي يعني پنجابيءَ ۾ ٿورو گهڻو لکايو هو، فيض صاحب جا پنجابيءَ ۾ لکيل ڪجهه گيت ۽ نظم سندس ڪتابن ”شامِ شهر ياران“ ۽ ”ميري دل ميري مسافر“ ۾ ڏنل آهن. ”لمبي رات سي درد فراق والي، تيري قول تي اسان ويساهه ڪرڪي، ڪوڙا گهُٽ ڪيتي مٺڙي يار ميري مٺڙي يار ميري، جاني يار ميري“ ”ڪڌري نئين پئنديان دسان وي پرديسيا تيريان. ڪانگ اڊاوان- شنگن مناوان وگدي وادي- ترلي پاوان تيري ياد پوي تي رووان تيرا ذڪر ڪران تان هنسان وي پر ديسيا تيريان.“
”اج رات، اڪ رات دي رات جي ڪي، اسان جگ هزاران جي لِتا اي. اج رات امرت دي جام وانگون انهان هٿان ني يار نون پي لِتا اي.“
وطني ديان ٺنڊيا ڇائين اويار- ٽِڪ رهه ٿائين اويار. ڇڊ غيران دي محل دو محلي- اپڻي ويڙهي دي ريس نه ڪائي اپڻي جهوڪ ديان ستي خيران- بيباش ني قدر نه پائي مڙڪي مول نه جائين او يار- ٽِڪ ره ٿائين اويار. هاڻ پاڻ مختصر طور تي ان عظيم شاعر جي وري اردو شاعريءَ تي نظر ڪنداسين. گهر رهيي تو ويراني دل کاني ڪو آوي ره چليي تو هر گام پي غوغائي سگان هئي.
يا، مُهر اس ڪِي هئي ميزان بدست دگران هئي يا، يادِ غزال چشمان- ذڪر سمن عذاران، جب چاها ڪر ليا هئي- ڪنج قفس بهاران. يا، زهر سي ڌوليي هين هونٽ اپني لطفِ ساقي ني جب ڪمِي ڪِي هئي. يا، خير دوزخ ۾ مئي ملي نه ملي، شيخ صاحب سي جان تو ڇوٽي گي. هي شعر روايت توڙي احساس جي حوالي کان نهايت اعليٰ درجي جي شاعريءَ جو مثال آهن. مٿي آيل پنجابي شعرن ۾ اردو وارن شعرن واري شوخي ۽ دٻدٻو ته ڪونهي، البت انهن ۾ فطرت جي سادگي آهي. انهن ۾ مٽيءَ جي خوشبو آهي، پهرئين وسڪاري سان ڌرتيءَ مان اٿندڙ هٻڪار آهي. انهن شعرن ۾ پيرين اگهاڙن ماڻهن جي زمين سان ناتي جي اپٽار جي روايت هي. سو اهو آهي فرق ڌرتي جي زبان ۽ ٻاهران آيل ٻوليءَ ۾: هاڻي اچون ٿا اياز جي شاعريءَ تي، پنڌ پري وو- ”ڪير ڪري“ وو. پوءِ به پرينءَ جو ”پنڌ ڀلو هو“- هڙڪ هلو ڌيمار هلو هو.
تڙ تي ٻه چار ڏيئا- ”نڙ تي ٻه چار لاسي.“
”ڪرهي ڪام نه مار“- موتي منجهه مهار جيڪي پنهونءَ پوئيا.
”ڳوٺ کٿوريءَ واسيا- اُٺن جي اوڳَرَ“ پنهون آهي پنڌ ۾.
سنڌڙي ساري ”ڳاڙهو کهنبو“ ٿي ويندي تيسين، ۽ جي ان تي منهنجي ”ڦلڙيون ڦلڙيون ڏات“ ڏسين.
تون ته ”ڪنڌيءَ جو ڪانڌ ميان“- هاءِ ”ڪنڍيءَ ۾ منهنجو من“
”اَلَ اڏاڻا“- رنگَ رتي آڪاس ۾.
وڇوڙا جا ڏينهڙا- ”ڀورائيءَ جي ڀل“، تڏهن ملنداسين.
هيءَ ”هُر کُر“ رين بسيرن جي ٿي ويندي ”ساک“ سويرن جي. مٿي آيل شعرن ۾ ڪامائن ۾ آيل لفظن توڙي ترڪيبن جو اردوءَ ۾ اظهار جو امڪان ڪيترو آهي جي انهن ۾ نثر به اوترو ئي ڳوڙهو ۽ دل کي ڇهندڙ هجي، گهٽ ۾ گهٽ اها ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ ڪانه پئي اچي. رهيو سوال ان همراهه جي ڳالهه جو، جنهن جو ذڪر شروعات ۾ ڪيو ويو آهي ته ان لاءِ منهنجو فقط ايترو ئي چوڻ آهي ته اها فقط همراهه جي خواهش ٿي سگهي ٿي. ظاهر آهي خواب لهن ۽ خواهش ڪرڻ تي ڪابه بندش ڪانهي، انهن تي ڪابه رنڊ روڪ يا جهل پل ڪانهي. ها البت ايترو ضرور هجي جو خواهش جي اظهار مان ماڻهوءَ جي گهٽتائي وارو احساس ته نه لکندو هجي.! |