|
Notes on Asiatic Despotism ايشيائي طرز ارتقا – اوائلي سماج کان طبقاتي سماج تائين - II ظفرامام ننڍي کنڊ ۾طبقاتي سماج جو جنم تاريخ جي انتهائي پڇاڙڪي دؤر ۾ ٿيو آهي. ان حساب سان ننڍي کنڊ ۾ طبقاتي سماج اڄ به نئون نئون آهي ۽ پنهنجي ٻالڪپڻي ۾ آهي. هتي ڪلاسيڪي طبقاتي سماج دنيا جي باقي سمورين تهذيبن کانپوءِ پيدا ٿيو آهي. مگڌ سلطنت ۽ طبقاتي سماج جو آغاز تاريخي ماديت کان جن به دوستن کي واقفيت آهي، اُهي ڄاڻن ٿا ته انساني تاريخ ۾ رياست جو جنم تڏهن ٿيو، جڏهن سماج طبقاتي بنيادن تي ٽٽي پيو هو. اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ عام طور تي اينگلز جي ڪتاب ”خاندان، ذاتي ملڪيت ۽ رياست جو آغاز“ ڏانهن رجوع ڪيو ويندو آهي، جو اهو ان موضوع تي هڪ مستند ۽ اهم ڪتاب رهيو آهي. مارڪسي علم موجب رياست طبقاتي سماج جي پيداوار آهي، جنهن دراصل طبقاتي سماج اندر خاندان جي وجود ۾ اچڻ کان گهڻو پوءِ جنم ورتو آهي. ۽ اهو به ته رياست هڪ طبقي جي هٿ ۾ اهڙو اوزار آهي، جنهن ذريعي ٻي طبقي کي دٻائي ان مان واڌو قدر Surplus نچوڙيو ويندو آهي. رياست جي عام طور اها ئي مڃيل وصف آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته رياست جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ ٻه مخالف طبقا وجود ۾ اچي چڪا هوندا آهن، جن مان هڪ طبقو رياست جوڙيندو آهي، سموري طاقت پنهنجي هٿ ۾ کڻندو آهي ۽ هڪ وڏي اڪثريت تي پنهنجي حڪمراني قائم ڪندو آهي. پر قديم هندستان ۾ مگڌ رياست اُها واحد رياست هئي، جيڪا هندستان ۾ طبقاتي سماج جي جنم ۾ اچڻ کان اڳ پيدا ٿي چڪي هئي! هيءَ رياست ايتري پراڻي آهي، جو ان جو ذڪر اٿر ويد ۾ به ملي ٿو. هڪ محطاط اندازي مطابق سنڌوماٿريءَ جي تهذيب کانپوءِ ننڍي کنڊ جي تهذيب ۽ تمدن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ هن رياست لڳ ڀڳ 684 ق.م ۾ جنم ورتو هو. گنگا نديءَ جي ميدانن جي ڏکڻ ۾ بهار جي علائقي مان هن رياست جو جنم ٿيو، جنهن بعد ۾ بنگال کي پاڻ سان ملائي ڇڏيو ۽ فتحن مٿان فتحون ڪندي هڪ رياست مان ڦري وڏي سلطنت بڻجي پئي هئي. جيئن اڳ لکي آيو آهيان ته مگڌ جي رياست، ننڍي کنڊ ۾ حڪمران طبقي پيدا ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي پيدا ٿي هئي. عام طور تي هڪ طبقو رياست جو قيام ڪري طاقت پنهنجي قبضي ۾ وٺندو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته طبقاتي سماج اڳ ۾ ئي وجود ۾ اچي چڪو آهي ۽ ٻه مخالف طبقا جنم وٺي چڪا آهن. پر مگڌ اها رياست هئي جنهن پاڻ حڪمران طبقي کي جنم ڏنو هو ۽ طبقاتي سماج کي پڻ جنم ڏنو هئائين. هتي معاملو رٽيل وصفن کان ابتڙ آهي. جيڪڏهن ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکبو ته مارڪسزم هڪ سائنس آهي،ته پوءِ هي معاملو خود تاريخي ماديت کي ڪشادو ڪري ڇڏيندو ۽ ان جون وسعتون وڌائي ڇڏيندو. ٻي صورت ۾ شرن شرما وانگر بضد رهبو ته پوءِ تاريخ مان غلط نتيجا ڪڍبا، جنهن جي نتيجي ۾ غلط سياسي حڪمت عمليون جڙنديون. مگڌ جي رياست ويهين صديءَ جي سوويت يونين سان ملندڙ جلندڙ رياست هئي. ڇو ته هيءَ رياست قديم هندستان جي پهرين فلاحي رياست هئي، جيڪا وجود ۾ ئي ان لاءِ آئي هئي ته جيئن هندستان جي اوائلي سماج جي پٺتي پيل طرز معيشت ۽ پيداوار جي ذريعن کي طاقت جي ذريعي تبديل ڪري ڇڏجي. کاڌو گڏ ڪندڙ رولو قبيلن ۽ زراعت جي اوائلي طريقن تي ڀاڙيندڙ گروهن کي بي رحم طاقت ذريعي ملائي هڪ هنڌ ڪجي ۽ وڏي پئماني تي زرعي پيداوار ڪجي. هن رياست جا رڳو چار اهم ڪم هئا. (1) وڏي پئماني تي ٻيلن کي ڪٽي صاف ڪري زراعت لائق بڻائڻ (2) زراعت جا جديد طريقا استعمال ڪرڻ، جنهن جي لاءِ ضروري هو ته پيداوار جي سينٽرلائيزيشن (مرڪزيت) هجي. (3) زرعي اوزان لاءِ لوهه جي دريافت ڪري ان کي پگهاري هَرَ ۽ ٻيا زرعي اوزار ٺاهجن. ڇو ته تنهن زماني تائين اهو هنر هندستان ۾ ٻاهرين حملي آورن جي آندل ٽيڪنيڪ ذريعي اچي چڪو هو. (4) رياست جي جنتا لاءِ فلاحي ڪم ڪرائڻ. اها ڳالهه وري ورجائڻ جهڙي آهي ته مگڌ رياست تي هڪ اڳواٽ موجود طبقي قبضو نه ڪيو هو، پر هن رياست پنهنجي جنم ۾ اچڻ کانپوءِ هڪ حڪمران طبقي کي جنم ڏنو هو. هن حڪمران طبقي پاڻ کان الڳ ڪا اشرافيه به پيدا نه ڪئي، بلڪ رياست جو سمورو ڪاروهنوار رياست پنهنجي هٿن ۾ کڻي ورتو هو. سموري پيداوار سينٽرلائيز هئي، جيڪا زراعت تي مبني هئي ۽ ان لاءِ وري لوهه جون کاڻيون کوٽڻ جو ڪم پڻ رياست پاڻ وٽ رکيو. رياست ايئن سمجهو ته ٻيلا ڪٽرائي زراعت لاءِ زمين صاف ڪرائيندڙ هڪ ايجنسي هئي جيڪا، جيڪو به ڪجهه ڪري رهي هئي، قديم هندستان جي اوائلي طرز معاشرت کي ٽوڙي، قبيلن ۽ گروهن جي اڪيلائپ ۽ جداگانه حيثيت کي طاقت ذريعي ختم ڪري پنهنجي قبضي هيٺ آڻي، کين وسيع پئماني تي زراعت لاءِ ڪُڙمي بڻائي رهي هئي. هارين جي هڪ وڏي آبادي هن رياست قائم ڪري ورتي هئي ۽ پهرين اوائلي شهرن کي جنم ڏنو. گاديءَ جو هنڌ پلي پترا (هاڻوڪو ”پٽنا“) شهر هو، جيڪو ڪنهن زماني تائين دنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر رهيو. هن رياست جو مجموعي ڪردار سوويت يونين سان ايئن ملندڙ جلندڙ آهي جو رياست اندر زراعت ڪندڙ هارين کانسواءِ ٻيو ڪو طبقو موجود نه هو، سواءِ رياست جي پنهنجي. رياست وٽ سمورو واڌو قدر جمع ٿيندو هو، سموري زمين رياست جي هئي، سموري پيداوار جي ورهاست رياست ڪندي هئي. ڪو به ڌار، الڳ حيثيت رکندڙ آزاد مٿيون طبقو موجود نه هئو. هي ئي اُها مگڌ سلطنت هئي ، جنهن جي زوال واري دور وقت ان مان ڪئين ٻيون رياستون ڦٽي نڪتيون، ۽ ڪلاسيڪي انداز ۾ پهريون ڀيرو طبقاتي سماج جو ظهور ٿيو. ننڍي کنڊ ۾ طبقاتي سماج جا مهانڊا گنگا نديءَ جي ميدانن تي جنم وٺندڙ طبقاتي سماج جو پهريون شڪار شودر ۽ وئش بڻيا. هي طبقاتي سماج انهن طبقن جي ٻل تي اڀريو، جن کي سماج ۾ انتهائي هيٺاهين حيثيت ڏني وئي، جن کي توهان ڪلاسيڪي طور تي مظلوم/هيٺيان طبقا چئي سگهو ٿا. ننڍي کنڊ جنهن سان جيڪو ڪجهه به ڪيو، مذهب جو لباس اوڙهي ڪيو، پر ان پٺيان مادي سبب هُئا. ايئن ئي وئش ۽ شودر نه صرف طبقاتي سماج ۾ ٻارڻ طور ڪم آيا، پر مذهبي طور تي به کين ڪمتر حيثيت ڏني وئي. هي مگڌ رياست جي زوال وارو دور هو، جيڪو لڳ ڀڳ 424 ق.م ۾ هو. وسيع زرعي پيداوار جي ٻل تي تيزيءَ سان ڦهلجندڙ هن طبقاتي سماج نه صرف طبقن کي جنم ڏنو، پر اڃا تائين کاڌ خوراڪ گڏ ڪرڻ واري/تاريخ کان اڳ واري دور ۾ رهندڙ قبيلن، هم پيشه گروهن ۽ ٽولن کي پاڻ سان گڏ کڻي ورتائين. سوال پيدا ٿئي ٿو ته هزارن سالن تائين پنهنجي اڪيلائپ ۽ خودڪفالت ۾ جيئندڙ انهن قبيلن، مگڌ رياست جي چوڌاري نئين طبقاتي سماج کي ڪيئن جنم ڏنو؟ ڇا ڪي يورپ جي طرز تي تشريحون موجود آهن؟ اصل ۾ ننڍي کنڊ ۾ طبقاتي سماج پيدا ڪندڙ پروسيس جو نالو ”اڪلچريشن“ Acculturation آهي. هي پروسيس انتهائي اهم آهي، ڇو ته هن پروسيس کي سمجهڻ کان بغير اسان کي ننڍو کنڊ رڳو تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ بيٺل هڪ الڳ ٿلڳ، مذهب ۽ وهم پرستيءَ ۾ ويڙهيل خطو نظر ايندو، ۽ ان جي اڳتي وڌڻ جي ڪا به مادي بنيادن تي تشريح ممڪن بڻجي نه سگهندي. اڪلچريشن اڪلچريشن جي ٿيوري سڀ کان پهريون ڊي ڊي ڪوسامبي، هڪ هندستاني مارڪسي تاريخدان، 1965ع ۾ پيش ڪئي هئي. جيڪا اصل ۾ ننڍي کنڊ اندر طبقاتي سماج پيدا ڪرڻ جو وڏو سبب هئي. بعد ۾ ڪيل تحقيق کانپوءِ ڪوسامبي جا ڪڍيل نتيجا درست ثابت ٿيا آهن. پر هيءَ اڪلچريشن آهي ڇا ۽ ڪيئن ڪم ڪندي آهي؟ اڪلچريشن Acculturation بنيادي طور تي هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن ذريعي ٻه يا ٻن کان وڌيڪ گروهه يا قبيلا هڪٻئي جي روايتن، رسمن، عقيدن ۽ طرز زندگي جي رضاڪاراڻي طور مٽاسٽا ڪندا آهن. هن پروسيس جو اهم جز هي آهي ته سموري عمل ۾ جنهن وٽ جيڪو ڪجهه هوندو آهي، ان کي رضاڪاراڻي ريت ڇڏي، هڪ نئين جوڙجڪ، خيال، تصور يا عمل ڏانهن وڌبو آهي. اڪلچريشن جي ذريعي ننڍي کنڊ جا اڪيلائپ ۽ خودڪفالت جي زندگي گذاريندڙ گروهه، قبيلا، هم پيشه ور ماڻهو، رولو ٽولا هڪ وسيع سماجي مٽاسٽا ذريعي آهستي آهستي هڪ ئي سماج جو حصو ٿي ويا، جنهن کي طبقاتي سماج سڏجي ٿو. ان کان اڳ ڪنهن به ڌارئي حملي آور جي ڪا به ڪوشش سڦل نه ٿي سگهي هئي، ۽ قديم هندستان جا قبيلا پنهنجي اوائلي Primitive قسم جي حيثيت تي بضد رهيا. اڪلچريشن کي هٿ وٺرائڻ ۾ مک ڪردار برهمڻن جو هئو. هن پروسيس ذريعي، ننڍن گروهن ۽ قبيلن جي ديوتائن کي برهمڻن جي مندرن ۾ اهم حيثيت ڏني وئي ته جيئن اهي قبيلا ۽ ڇڙوڇڙ گروهه برهمڻن جي ديوتائن سان گڏ پنهنجن ديوتائن جي به پوڄا ڪري سگهن. نه صرف اهو ته انهن قبيلن پنهنجي پنهنجي ديوتائن جي پوڄا پئي ڪئي، پر باقي سموري سماج به پنهنجن ديوتائن سان گڏوگڏ انهن نون تبديل ٿيل ديوتائن جي پوڄا پئي ڪئي. مذهبي روايتون، عقيدا ۽ رهڻي ڪهڻي هڪٻئي سان ملڻ جلڻ لڳيون ۽ هڪ مارڪيٽ بجاءِ مندر معاشري کي گڏ ڪندڙ ۽ جوڙيندڙ جڳهه ثابت ٿيو. مندر اندر ڪٺي ٿيل سمورن ديوتائن جي پوڄارين جي پاڻ ۾ ميل جول ٿيڻ لڳي. پيداوار جي ذريعن جي ترقيءَ جي سطح ايتري نه هئي جو اهي سموري سماج کي ڪنهن مارڪيٽ ۾ گڏائن ها، تنهنڪري پيداواري رشتا مندر جي آڙ وٺي قائم ٿيڻ لڳا ۽ ڪافي حد تائين مذهب جو لباس اوڙهي معاشري کي تبديل ڪرڻ لڳا. اڳ ئي هندستاني سماج هزارن سالن جي اوائلي اڪيلائپ ۾ رهيو هو ۽ ان کي هڪ هنڌ گڏائڻ وارو ڪردار ڪابه ٻي شيءِ ادا نه ڪري سگهي هئي. اهو پهريون ڀيرو ٿيو جو مگڌ رياست جي دور ۾سماج جا سڀئي ڇڙوڇڙ يونٽ هڪٻئي ۾ ملي هڪ ٿيڻ لڳا هئا. اهي قبيلا جيڪا اڃا تائين مدري سماج ۾ رهندا هئا ۽ ديوتائن بجاءِ ديوين جي پوڄا ڪندا هئا، اهي پڻ باقي سموري سماج سان ان ريت ڳنڍيا ويا جو سندن ديوين جي باقي برهمڻن جي ديوتائن سان ”شادي“ ڪرائي وئي. توهان ڏسو ته دُرگا- پاروتي وڃي شِو جي پتني ٿي. ان ريت اهو ديوتائن جو هڪ جوڙو بڻجي پيو، جيڪي دراصل قديم زماني ۾ ٻن الڳ الڳ قبيلن جا ديوتا ۽ ديوي هئا. گڏوگڏ لڪشمي ديوي وڃي وشنو ڀڳوان جي پتني ٿي. ان سموري عمل وري نئين ڏندڪٿائن کي جنم ڏنو ۽ ديوي ديوتائن جي اهڙين ”شادين“ سان نيون سماجي ريتون رسمون ٺهيون. مختلف گروهن، قبيلن ۽ ٽولن جو هڪٻئي ۾ ضم ٿيڻ وارو اهو عمل، ڪوسامبي لکي ٿو، ته انتهائي دلچسپ پڻ هو. مثال طور نه رڳو ڪرشن ڀڳوان پر مهاتما ٻڌ، بشمول ڪجهه مظاهرِ فطرت جي ديوتائن جن ۾ آدمزاد مڇي ۽ ڪڇون به شامل آهن، اهي سڀ نيٺ وشنو نارائڻ جو اوتار بڻايا وڃن ٿا. ڀولڙي جي شڪل جهڙو هنومان، جنهن جو پنهنجو ئي هڪ الڳ مذهب ۽ پوڄاري ٽولو هُئو، اُهو وري رام جو وفادار ساٿي بڻايو وڃي ٿو، رام وري پاڻ وشنو جو اوتار آهي. وشنو نارائڻ هڪ وڏي شيش نانگ کي پنهنجي بستري طور استعمال ڪري ٿو ۽ ساڳي ئي وقت اهو ساڳو نانگ شِو جو سينگار آهي ته وري گڻيش لاءِ هٿيار طور استعمال ٿئي ٿو. گڻيش، جنهن جو مٿو هاٿيءَ جهڙو آهي اُهو شِو جي پتني جو پٽ آهي. ديوتائن، ديوين ۽ اوتارن جو اهو عجيب غريب ميلاپ هميشه لاءِ پيو هلندو رهي ٿو. جي انهن سڀني ڏندڪٿائن کي گڏ ڪري ڏسجي ته بظاهر انهن جو ڪو سينس نه نڪرندو، اهي فقط عجيب غريب قصا ڪهاڻيون لڳندا. پر انهن جي تمام گهڻي اهميت آهي. سا هيءَ ته ديوتائن ۽ ديوين جو پاڻ ۾ اهو عجيب غريب ميلاپ ۽ انهن جي پوڄا پاٺ سماج ۾ اڪلچريشن جي پروسيس جو حصو هُئا. ڪوسامبي جي لفظن ۾، ”ڳالهه صاف آهي. سمورو معاملو ڏي وٺ جي بنياد تي طئي ٿي رهيو هو.“ يعني توهان اسان جا ديوتا اپنايو، اسان توهانجون ديويون اپنايون. بهرحال، اهو ٿيو جو وسيع پئماني تي ان سماجي ڏي وٺ ننڍي کنڊ جي طرز زندگي تبديل ڪري ڇڏي. يعني ننڍا ننڍا، تاريخ جي اوائلي دور جا قبيلا ۽ گروهه هڪ طبقاتي سماج ۾ ضم ٿي ويا. قبيلي يا گروهه جو سردار، قبيلي جي ماڻهن جي مدد سان قبيلي جو حاڪم بڻجي ويو ۽ پنهنجو طبقو مٽائي کتري بڻجي پيو، جڏهن ته سندس باقي سمورو قبيلو شودر ۽ وئش بڻجي هيٺ هارين ۾ ضم ٿي ويو ۽ سماج جو هيٺيون طبقو بڻجي پيو. ڪڏهن ڪڏهن برهمڻ ڪنهن قبائلي سردار جو نسل وڃي مٿين ذات ۾ ڳولهي لهندو هو ۽ قبائلي سردارن سان شادي پڻ ڪئي ويندي هئي. ان مان پيدا ٿيندڙ اولاد برهمڻ-سردار ٿي پوندي هئي. اهو سڀ ان لاءِ ڪيو ويندو هو ته جيئن سماج اندر نئين پيدا ٿيل طبقن يعني ويشن ۽ شودرن کي پنهنجي تابع رکيو وڃي ۽ کتري- برهمڻ حڪمران طبقن جي ڌاڪ قائم رکي سگهجي. اڪلچريشن بنا ڪنهن مار ڌاڙ ۽ تشڊد جي ننڍڙن قبيلن ۽ گروهن کي وڏي زرعي طبقاتي سماج ۾ ضم ڪري ڇڏيو. اڪلچريشن جي هن سموري پروسيس هڪ ئي وقت ٻه اهم ڪم ڪيا، جيڪي تاريخي ماديت جي تناظر ۾ انتهائي اهم آهن. هڪ ته اڪلچريشن قبيلي ۽ گروهه جي اڪيلائپ Isolation ۽ خودڪفالت کي ختم ڪري ڇڏيو، ٻيو ته ساڳي ئي وقت اڪلچريشن قبيلي ۽ گروهه کي ٻن حصن، يا ٻن طبقن ۾ ورهائي طبقاتي سماج جوڙي ڇڏيو. هونءَ نه ته هڪ غيرطبقاتي سماج مان طبقاتي سماج جي ٺهڻ جو عمل ڏاڍو پرتشدد ۽ هيجان خيز هوندو آهي. جنهن ۾ هڪ قبيلي يا گروهه جي ورهاست طاقت ۽ تشدد جي بنياد تي ٻن طبقن ۾ ڪئي ويندي آهي ۽ هيٺين طبقي کي تابع رکڻ لاءِ تمام گهڻو خون خرابو ڪرڻو پوندو آهي. هتي اهو عمل اڪلچريشن جي ڪري نسبتن پرامن رهيو. سوال اهو ضرور پيدا ٿئي ٿو ته اهڙي قسم جي اڪلچريشن جيڪڏهن هئي ته پوءِ ان جا بنياد ڪهڙا هُئا، ۽ خصوصيتون ڪهڙيون هيون؟ اڪلچريشن جهڙو پروسيس ڪنهن به سماج ۾ تشدد ۽ ماراماري کانسواءِ صرف تڏهن هلي سگهي ٿو جڏهن طبقاتي سماج ۾ رضاڪاراڻي طور ضم ٿيندڙ گروهن ۽ قبيلن کي ان عمل مان ڪو فائدو هجي. ڳالهه سنئين سڌي آهي، ته جيستائين قبيلن ۽ گروهن جي زندگي ۾ مادي بنيادن تي ڪا ترقي نه اچي ها، ايستائين اهي نئين جڙندڙ طبقاتي صف بنديءَ ۾ شامل ٿي ضم نه ٿين ها. قبيلن ۽ گروهن جي زندگيءَ جي حالتن ۾ بهتري، يعني انهن جي مادي ترقي تنهن سماج ۾ صرف هڪ ئي طريقي سان ممڪن ٿي پئي سگهي. يعني ان وقت جي زرعي عمل ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ سندن آمدني ۽ وسيلا پنهنجي گذريل قبائلي طريقن کان وڌي وڃن ها ۽ سندن زندگيءَ ۾ بهتري اچي ها. ۽ ايئن ئي ٿيو هو. ان ۾ اهم ڪردار وري به برهمڻ ادا ڪيو. ٿيو ڇا جو برهمڻ نه صرف گروهن ۽ قبيلن کي پاڻ ۾ اڪلچريشن ذريعي ضم ڪيو، پر ان پيداوار جا اعليٰ ترين طريقا، ان دور جي بهتر ٽيڪنالاجي، مارڪيٽن جي وڌيڪ تُز ۽ درست ڄاڻ پاڻ سان گڏ آندي جنهن قبائلي زندگيءَ جي آمدنيءَ ۽ وسيلن کي يڪسر وڌائي ڇڏيو هو. اهو ڪردار صرف برهمڻ ئي ادا ڪري پئي سگهيو، ڇو ته سماج ۾ برهمڻ جي حيثيت اڳ ئي تعليم، ثقافت ۽ علم جي حوالي سان سڀني کان مٿانهين هئي. برهمڻ پاڻ ٻين جي ڪمايل واڌو قدر surplus تي موج ڪندو هو ۽ پورو ملڪ پيو گهمندو ڦرندو هو، جنهن ڪري کيس ٻين قبيلن ۽ گروهن کان وڌيڪ علم ۽ مارڪيٽن جي ڄاڻ هئي، ٽيڪنيڪي طور تي سڀني کان وڌيڪ حريف هو. برهمڻ پٺتي پيل سموري قبائلي زندگيءَ جا نوان طبقاتي بنياد وجهندڙ ثابت ٿيو. ڇو ته برهمڻ اڳ استعمال ٿيندڙ زرعي اپت جي پراڻن طريقن جي جڳهه تي زراعت لاءِ هَرُ متعارف ڪرايو. هَرَ جي ڪري زراعت ۾ انقلابي تبديلي آئي. برهمڻ نوان فصل متعارف ڪرايا، ڏور ڏور جي منڊين جي ڄاڻ پاڻ سان گڏ کڻي آيو، جنهن سان ڳوٺ آباد ٿيا، وڻج واپار وڌيو. اهو ئي سبب آهي جو راجا ۽ مهاراجا هميشه ڏور گنگا جي ميدانن کان برهمڻن کي پنهنجي راجيه ۾ گهرائيندا هئا ۽ کين سندن درٻارن ۾ خاص حيثيت حاصل هئي. اڪلچريشن ئي اهو واحد پروسيس هو، جنهن قبيلي جي پاڻڀرائپ ۽ اڪيلائپ ختم ڪري ان کي هڪ ”ڳوٺاڻي سماج“ Village Society ۾ ضم ڪيو. هن تاريخي پروسيس جي اهميت خود تاريخي ماديت جون سرحدون وسيع ڪري ڇڏي ٿي. ننڍي کنڊ ۾ طبقاتي سماج جو جنم انتهائي انوکي ريت ٿيو. ايندڙ مضمون ۾ اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪبي ته اڪلچريشن جي پروسيس ننڍي کنڊ ۾ طبقاتي سماج جنم ڏيڻ کانپوءِ ننڍين وڏين قومن کي ڪيئن جنم ڏنو؟ xaphor.emam@gmail.com |