ميمو کان پوءِ وري اين آر او جو ڌماڪو

حسام ميمڻ


لڳاتار ميمو وارو اسڪينڊل هليو پئي، سمورا سياسي ڌڙا، پارٽيون ۽ ٻيا ان اشو کي وٺي بيٺا هيا. مجال آهي جو ان مسئلي کي ڇڏين، ميڊيا به ڪين گهٽايو، ٽاڪ شوز، بحث، مباحثا، بس ميمو ئي ميمو هيو، سڀ ڪم وسري ويا، ڄڻ ڪو ٻيو ڪجهه پاڪستان ۾ مامرو هيو ئي نه! سارا رستا ائين پئي لڳا ته ڪنهن بند گهٽيءَ ڏانهن وڃي کٽي پوندا. بس اهو چوٻول هيو ته اجهو حڪومت وئي، حڪومت جو هاڻي ڇا ٿيندو، گهڻا ماڻهو اڄ تائين ان مسئلي کي سمجهي ئي نه سگهيا آهن ته آخر ٿيو ڇا هيو، هي ايڏو ٻڙڌڪ ڇا تي متل هيو، ڪک پن، جيت جنتر سڀ ميمو جي ور چڙهي ويا.

ميمو ڪيس ۾ حسين حقانيءَ جي وڪيل عاصمه جهانگير پريشان ٿي يا دل شڪسته ٿي ڪري چوڻ لڳي ته عدالتون به اسٽبلشمينٽ ٿي هلائي. هوڏانهن منصور اعجاز، جيڪو ميمو جو مک ڪردار هيو، اهڙيون پيو ڳالهيون ڇڏي جو ماڻهن جا هانوَ هٿن ۾ پئي آيا. سڀني ويچارن کي چپڙي وٺي وئي هئي ۽ هڪ قسم جي ڦڦڙي به ته آخر ٿيندو ڇا؟ پوءِ وري ڊرامي جو ڊراپ سين به ته ٿيڻو هوندو آهي، منصور اعجاز جيڪو ٻاهران ويهي سڄي ملڪ کي ميمو جي ور چاڙهي ڇڏيو هيو، ان اچي سيڪيورٽي رسڪ جو مسئلو اڀاريو ته هن جي جان کي خطرو آهي. هو اڄ ٿو اچي، سڀان ٿو اچي ۽ هن مهل تائين نه آيو، هن کي ڪميشن جي هدايت پٽاندڙ 9 فيبروري تائين پيش ٿيڻ لاءِ چيو ويو آهي. اڄ خير سان 5 فيبروري آهي، لڳي ائين ئي ٿو ته هو نه ايندو، ڪوئي آثار نظر نٿو اچي.

سائين حقاني صاحب هن جي اچڻ کان اڳ ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، هن جو نالو اي سي ايل ۾ به آيو، ۽ جيترو مونکي ياد اچي ٿو ته هاڻي هن جو نالو اي سيل مان ڪڍيو ويو آهي. هاڻي هو پنهنجي نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي. حسين حقانيءَ جي نوڪري وڃائيندڙ منصور اعجاز به اڃا تائين پاڪستان نه آيو آهي، حقاني صاحب گهڻو ڪري هاڻي پرڏيهه وڃي سگهي ٿو. مونکي ياد اچي ٿو اهڙو ئي واقعو عبدالقادر جوڻيجو پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ڏنو هيو. ڪتاب جو نالو هيو ”وڏا اديب، وڏيون ڳالهيون“ ان ۾ دنيا جي وڏن اديبن جا انٽرويو هيا، ان ۾ هڪ شاعر سنڊراس جو ذڪر آهي (يادگيريءَ جي بنياد تي لکان پيو هي واقعو) هو سڄي عمر اهو چوندو رهيو ته هن هڪ اهڙو نظم لکيو آهي، جو اڄ تائين دنيا ۾ ڪنهن اهڙو نظم نه لکيو هوندو. ان حوالي سان ويو ماڻهن کي تجسس جو شڪار ڪندو. هو ادبي حلقي ۽ دنيا جي اديبن ۾ مشهور ٿي ويو ته سنڊراس ڏاڍو ڀلو نظم لکيو آهي. ڏاڍو ڀلو شاعر آهي. هن جي ان نظم جي ناماچاريءَ جي ڪري هن جا ٻيا ڪتاب به وڪرو ٿيڻ لڳا ته سنڊراس لکيا آهن، تنهنڪري، ماڻهن هن جا ڪتاب ان نظم جي مشهوريءَ جي آڌار تي خريدڻ شروع ڪيا. آخر ۾ خبر تڏهن پئي ته هن صاحب اهڙو ڪو نظم لکيو ئي نه هيو، جنهن جي ڪري ايترو مشهور ۽ معروف ٿي ويو.

سنڊراس جو ڀانڊو 40 سالن کان پوءِ ڦاٽو هيو، پر منصور اعجاز وارو چڪر ته هاڻي ئي پڌرو نظر اچي رهيو آهي، پر ياد رهي ته پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ان کي ميمو اسڪينڊل جي حوالي سان هميشه محفوظ ڪيو ويندو. انسائڪلوپيڊيا ۾به اچي ويندو. قصو ڪوتاهه، منصور اعجاز پاڪستان ۾ اڃا تائين نه پهتو آهي، تنهنڪري، اهو ڪيس آهستي آهستي ڍرو ٿيندو پيو وڃي ۽ ڪافي حد تائين ميمو جي درياءَ جو پاڻي گهٽيو آهي. اهو ڌماڪو پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ وڏو ڌماڪو تصور ڪيو ويندو ۽ هاڻي ادارن جو هڪٻئي تي اعتبار وري معمول تي اچي رهيو آهي ۽ حڪومت مس وڃي ساهه کنيو ۽ شانت نظر پئي آئي، پر وري ٻيو ڌماڪو ٿيو آهي ۽ اهو ڌماڪو آهي اين آر او جو، جنهن تحت ملڪ جي وزير اعظم کي اين آر او جي ڪيس ۾ پاڪستان جي اعليٰ عدالت گهرايو آهي، جنهن کان پوءِ وزير اعظم جو وڪيل چوڌري اعتزاز احسن، جيڪو ”آج اور ڪل“ نظم جو شاعر به آهي، پريشان آهي.

 13 فيبروري 2012 تي جڏهن وزير اعظم جناب سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان جي وڏي عدالت ۾ پيش ٿيندو ته اهو ڏينهن به پاڪستان جي سياسي اتهاس ۾ وڏي اهميت رکندو. پاڪستان جي سياست ۾ تمام گهڻا يادگار ڏينهن آهن، هونئن به سياستدان، جيڪي عوام کان ووٽ وٺي، عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ ايندا آهن پوءِ ڪندا اهو ڪم آهن، جيڪو سندن دل چاهيندي آهي. خير، سڀني کي انتظار آهي ته 13 فيبروري جو ڏينهن ڪيترو ۽ ڪيئن يادگار ٿئي ٿو، ان لاءِ معاملو اعليٰ عدالت ۾آهي ۽ ان جو انتظار ڪرڻ گهرجي ته ڪورٽ سڳوري ڪهڙو فيصلو ٿي ڪري ۽ جيڪو ملڪ جي وڏي ڪورٽ چوي يا آرڊر ڏئي يا فيصلو ڪري، ان کي قبول ڪرڻ گهرجي.

اين آر او جي 2009 واري judgment جي حوالي سان حل اهو ئي آهي حڪومت وٽ ته اها سوئس اختيارين کي هڪ خط لکي، جنهن جي لاءِ ڪورٽ سڳوري چيو آهي ته ان کان پوءِ مامرو ٺري سگهي ٿو، ۽ پوءِ حڪومت پنهنجي ڪرت کي جاري رکي، جنهن ۾ سينيٽ جي اليڪشن ڪرائڻ، جُون جي مهيني ۾ پيش ٿيندڙ بجيٽ جي حوالي سان ڪم ۽ ان کان پوءِ جنرل اليڪشن تي ڪم حڪومت جي اوليتن ۾ هئڻ گهرجي.

وڌيڪ ڳالهيون 13 فيبروري تي سامهون اينديون ته ڪورٽ سڳوري ڪهڙو حڪم ٿي صادر ڪري، ۽ حڪومت ان تي ڪيترو پابنديءَ سان عمل ڪري ٿي. پر هڪ ڳالهه ذهن ۾ ضرور اچي ٿي ته آڪٽوبر ۾ جنرل اليڪشن ڪنهن به نگران سيٽ جي هٿ هيٺ ڪرايون وينديون، اليڪشن ۾ عوام ڪنهن کي چونڊيندو اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو، پر عوام لاءِ هر ڀيري جيان وري به اهو سوال ڪر کنيو بيٺو هوندو ته مهانگائي ڪيئن ختم ٿيندي، انفليشن في سيڪڙو ڪيئن گهٽبي، امن ڪڏهن ۽ ڪٿان کان ايندو، ٻاهرين رياستن جهڙوڪ آمريڪا سان اسان وارا چونڊيل نمائنده ڪيئن سفارتي رابطو ۽ ڪهڙي نوعيت جو رکندا. ڇا ڊرون حملا هميشه لاءِ رڪجي ويندا، ڇا دهشتگري جو به ڪو ڇيهه ٿيندو، ڪرپشن ملڪ مان ڪيئن ختم ٿيندي. اهي ۽ اهڙا کوڙ سارا مسئلا وري به چونڊيل نمائندن جي اڳيان هوندا ۽ عوام جي ڇا حالت ٿيندي، ڪجهه چئي نٿو سگهجي. بس، ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته عوام اهڙن ماڻهن کي چونڊي جيڪي واقعي عوامي هجن، جيڪي عوام لاءِ ڪم ڪن، عوام لاءِ جاڳن ۽ غريبن جا ڀرجهلا ٿين!

memonhisam@yahoo.co.uk