|
مملڪت اي مملڪت گيلاني جي قرباني- جمهوريت جي رواني
واه ڙي پاڪستان! اسان وٽ دنيا جي ٻي وڏي لوُڻ جي کاڻ، پنجين وڏي سون جي کاڻ، پنجين وڏي ڪوئلي جي کاڻ، ستين وڏي ٽامي جي کاڻ. پوءِ به آءِ ايم ايف کان پنڻ، آمريڪا کان قرض!! ٻيو وڏو ڊيم، ٽي ايٽمي ري ايڪٽرز، 5 درياءَ، پوءِ به لوڊشيڊنگ بجلي غائب. ڇهين وڏي فوج، ستين وڏي ايٽمي طاقت، نمبر1 طاقتور آرمي پوءِ به ڊرون حملن تي خاموشي. اٺين وڏي ڪڻڪ جي پيداوار، پوءِ به مهانگائي، ڪرپٽ ليڊر، خاموش عوام هر آچر ۽ سومر تي ملندڙ سوين ايس ايم ايس مان اهو هڪ آئون اوهان کي ٻڌائي رهيو آهيان. ڪيتري سچائي ڪيترو ڪرب آهي. پاڪستان الله تعاليٰ جي عطا ڪيل هڪ انمول نعمت آهي. حسين سرزمين، پهاڙن جي سيني ۾ ريگزارن جي دلين ۾ گهڻو ڪجهه اسان جو منتظر آهي. واقعي ڪيتري شرم جي ڳالهه آهي ته ٿر جهڙي ڪوئلي ۽ ريڪوڊڪ جهڙا ٽامي ۽ سون جا عظيم ذخيرا رکندڙ ملڪ بدحال آهي. دنيا ۾ مڃيل محنت ڪندڙ فردن تي ٻڌل قوم مهانگائي کان پريشان هجي. آءِ ايم ايف، عالمي بئنڪ، آمريڪا، يورپي برادري جي آڏو هٿ ڊگهيريو وڃي، جنهن جون ٽرينون بند هجن، نوجوان بيروزگار هجن، اهو ته سراسر نعمتن کان انڪار آهي. مملڪت جي مختلف ادارن تي مقرر سربراهن جي غير ذميواري ۽ لاپرواهي آهي. عوام ته انتهائي باشعور، فرض شناس، ڏينهن رات محنت ڪندڙ اهڙا اهڙا اي ميل ۽ ايس ايم ايس اماڻين ٿا جو مون کي فخر محسوس ٿئي ٿو ته آئون اهڙي حساس قوم سان لاڳاپو رکان ٿو جنهن کي پنهنجي وسيلن جو احساس ۽ مسئلن جي ڄاڻ آهي. پر ٿي ڇا رهيو آهي. نئون بحران، نئون ڌماڪو ۽ پوءِ پورو ڏينهن ان ۾ گذري وڃي ٿو. هاڻي 13 فيبروري تائين بحث مباحثا جاري رهندا. عدالت جو حڪم ڇو نٿا مڃين، صرف چونڊيل حڪمرانن خلاف ئي توهين عدالت ڇو، جنرلن کي ڇو نٿو طلب ڪيو وڃي. اسان جذباتي ماڻهو آهيون. جذبات کان ڪم وٺون ٿا. جذبات کي حقيقت مڃي وٺون ٿا. آئون پهرين ڏينهن کان لکي رهيو آهيان ته جذبات ڦيڻ وانگر هوندا آهن جيڪي آخرڪار ويهي رهن ٿا. ڦيڻ پاڪستان ۾ رهجي ويئي آهي. ميمو جا ٻئي ڪردار آمريڪا ۾ آهن. غيرت، قومي سلامتي، حلف جي وفاداري، آئين جو تقدس اهڙيون لهرون هيون جيڪي اوچين اوچين ديوارن وانگر اچي رهيون هيون پر زميني حقيقتن سان ٽڪرائجي ڪجهه جذب ٿي ويون ڪجهه واپس هليون ويون. چار سال پهرين هن ئي مهيني ۾ چونڊون ٿيون هيون. اهو چئي سگهجي ٿو ته هاڻي اسان جو جمهوري ڍانچو ايترو مضبوط ٿي ويو آهي جو اسان اين آراو، ميمو ۽ ڪيري لوگر بل جهڙا جهٽڪا برداشت ڪري وٺون ٿا. مشڪل اها آهي ته عادتون سڀني کي پراڻيون پيل آهن. چونڊيل حڪومتي ميمبر اهو سمجهن ٿا ته پراڻا خرچ پورا ڪرڻ ۽ ايندڙ خرچن لاءِ ڪجهه کانچا ڳولهڻ انهن جو جمهوري حق آهي. جيتوڻيڪ منهنجو ايمان آهي ته اهي ليڊر ملڪ جي وسيلن کي ڀرپور انداز ۾ استعمال ڪري خود اعتمادي ۽ ڪفايت شعاري سان قوم کي خوشحال بنائين ته ايترو ئي پئسو جيترو اهي ڦر ماري سان ٺاهين ٿا جائز طور تي انهن جي کيسي ۾ اچي سگهي ٿو. هن پاسي وري فوج به اهو خيال ڪري ٿي ته ملڪ کي ٺيڪ طريقي سان اهي ئي هلائي سگهن ٿا. انهيءَ ڪري اهي مقرر ڪيل اختيارن جي سرحدن کي پار ڪندا رهندا آهن، انهن کي عادت پئجي چڪي آهي مداخلت جي. عدليه نئين نئين آزاد ٿي آهي. پهرين نظريه ضرورت تحت اها آئين کان مٿانهين قدمن کي جائز قرار ڏيندي هئي. هاڻي اها پنهنجي آزادي مڃائڻ جي ضرورت تحت آئين جي تشريح پنهنجي انداز سان ڪري رهي آهي. ميمو جي حوالي سان عدليه ۽ فوج طرفان جيترا الزام هنيا ويا هئا، اهي انتهائي سنگين نوعيت جا هئا. قوم جو سوال اهو آهي ته اهي درست هئا ته هاڻي انهن تي ايترو زور ڇو نه پيو ڏنو وڃي. جيڪڏهن درست نه هئا ته پوءِ اهڙا بي بنياد الزام لڳائڻ وارن خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي پر آئون سمجهان ٿو ته گذريل ڇهن ڏهاڪن ۾ هن قوم جيترا صدما ڏٺا آهن، جيترا زخم کاڌا آهن، جيترا ورهاڱا ٿيا آهن، جيترا دوکا ڪيا ويا آهن، ان کانپوءِ ضرورت اها آهي ته سياستدان، حڪومت، مخالف ڌر،عدليه، فوج ۽ ميڊيا قومي سلامتي ۽ ملڪي معيشت جي حوالي سان هڪ عمل جو دائرو طئه ڪن، پوءِ سڀ انهن حدن جي پابندي ڪن. ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي ته سڀني کي هڪ فريم ورڪ جوڙڻو پوندو. هونئن ته مختلف خبرون هلي رهيون آهن، جمهوريت خاطر وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي قرباني ڏيئي سگهجي ٿي. عدليه جيڪڏهن هُن کي عدالت جي توهين جو ڏوهي قرار ڏي ٿي ته نااهل ٿي ويندو، جيڪڏهن انهيءَ کان اڳ ۾ صدر پ پ جي شريڪ چيئرمين جي حيثيت ۾ هُن کي استعيفيٰ لاءِ چوي ته عدليه جو دٻاءُ هلڪو ٿي سگهي ٿو. اتحادي گڏجي اهڙي شخص کي ايوان جو قائد چونڊين جيڪو سڀني لاءِ قابل قبول هجي. هن وقت سينئر وفاقي وزير چوڌري پرويز الاهي موزون ترين آهي. محاذ آرائي گهٽ ڪرڻ ۾ چوڌري شجاعت حسين نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. ان کانپوءِ پنجاب ۾ ايندڙ چونڊن ۾ مسلم يلگ (ن) جي مقابلي ۾ مسلم ليگ (ق) ۽ پ پ جي ڀائيواري مضبوط ٿي سگهي ٿي. اي اين پي متحده قومي موومينٽ جي ترميمي بل سبب ناراض آهي جنهن ۾ هزاره کي نئون صوبو بنائڻ جي تجويز آهي. اي اين پي موجوده بحرانن ۾ پ پ سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي ساٿ ڏنو. ان لاءِ پ پ هن کي ڪاوڙائڻ جوخطرو نٿي کڻي سگهي. الطاف حسين کي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سياسي شهادتون ٿينديون نظر اچي رهيون آهن، 2012ع انهن ئي هگنامن ۽ بحرانن ۾گذرندو. هڪ سٺي خبر اها ٻڌڻ ۾ پئي اچي ته موجوده حڪومت پنهنجي ايندڙ بجيٽ کي عوام دوست بجيٽ بنائڻ ٿي چاهي. جنهن ۾ ضروري شيون سستيون ڪرڻ لاءِ ڪجهه قدم کنيا ويندا. ڊيزل ۽ پيٽرول کي ڪافي ڊگهي عرصي لاءِگهڻو سستو ڪيو ويندو. جنهن ڪري ڪيتريون ئي شيون سستيون ٿي وينديون. سرڪاري ملازمن جو پگهار وڌايو ويندو. بجلي جا اگهه گهٽ ڪيا ويندا. انهن رعايتن سان جيڪڏهن ٻيهر حڪومت ملي ويئي ته مقصد پورو ٿي ويندو. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته انهن قدمن جي نتيجي ۾ جيڪو گهاٽو پوندو يا بين الاقوامي مالياتي ادارن جو دٻاءُ ٿيندو اهو ايندڙ حڪومت ڀوڳيندي. هڪ افواهه اها هلي رهي آهي ته ايندڙ ٻن ٽن هفتن ۾ پنجاب اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي ميمبرن جو وڏو انگ تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويندو. اهي پنهنجين سيٽن تان استيعفيٰ به ڏيئي ڇڏيندا. ان بعد ناقص دوائن جي اسڪينڊل ۾ دٻيل وزيراعليٰ پنجاب کي گورنر پنجاب اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چئي سگهي ٿو. ان ۾ عدليه پاران منع نامو به اچي سگهي ٿو پر ڏسڻو اهو پوندو ته عدليه ڇا ايتري حد تائين جانبداري جو مظاهرو ڪندي؟ اهي سوچون،رٿابنديون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن ۽ جيڪي معاملا ملڪ کي خود انحصاري ۽ خوشحالي ڏيئي سگهن ٿا اهي نظرانداز ڪيا پيا وڃن. ٿر جي ڪوئلي مان گئس جي پيداوار جو تجربو ڪامياب رهيو،انهن کي مشينري خريد ڪرڻ لاءِ 2 ارب رپيا هڪدم گهرجن. اهو پهرين کان طئه ٿيل آهي پر فنڊز جاري ناهن ڪيا ويا. هن منصوبي مان ايندڙ سال کان بجلي ملڻ شروع ٿي سگهي ٿي ۽ ڪجهه سالن ۾ توانائي جو بحران ختم ٿي ويندو. ريڪوڊڪ مان سون ۽ ٽامو روزانو ڪيئي هزار ڊالر ڏيئي سگهي ٿو پر اهو معاملو قانوني مونجهارن ۾ لڙڪيل آهي. هتي نه جمهوريت ڪم اچي رهي آهي نه عدليه جي آزادي ادارا ۽ وڏا ماڻهو هڪ ٻئي سان وڙهڻ بدران انهن ڪروڙين حياتين جو فڪر ڪن جن جون نگاهون ايوانن تي لڳل آهن. صرف ايس ايم ايس لاءِ: 92-3317806800 |