دعائن جي مدد سان دل کي اطمينان حاصل ٿئي ٿو 

حڪيم نذير احمد شيخ


انسان اشرف المخلوقات آهي پنهنجي جائز حاجتن ۽ مقصد  پوري ڪرڻ لاءِ هن وٽ جسماني مذهبي طاقت دعا جي صورت ۾ موجود آهي. ان ڪري دعا گهرڻ کي عبادت ۾ شامل ڪيو ويو آهي. رب پاڪ انسان کي دماغ ۽  ان ۾ عقل عطا ڪري جانورن کان بهتر بنايو آهي. حالانڪه جانور به کائي ٿو، پيئي  ٿو ، هلي چلي ٿو، ننڊ ڪري ٿو، جنسي عمل ادا ڪري ٿو،  بيمار  ٿئي ٿو، ساهه کڻي ٿو، پنهنجي ٻولي ٻولي ٿو. ليڪن عقل نه هئڻ سبب گناهه ثواب کان آجو آهي هن تي ڪو به  پڇاڻو نه  آهي. انسان کي عقل علم سوچ سمجهه جي نعمت نصيب نه هجي ها ته پوءِ نه هو پنهنجي خالق کي سڃاڻي ها.  بي وس لاچار ٻي جو هميشه محتاج، اڪيلو ئي زندگي گذارڻ تي  مجبور هجي ها. هي ته رب ڪائنات، خالق حقيقي جي حڪمت ۽ احسان آهن جو انسان کي عقل سوچ سمجهه ڪم ڪار ڪرڻ، ڳالهائڻ محنت مزدوري ڪرڻ جي صلاحيت ۽ طاقت ڏني اٿس، بري ڀلي سٺي  خراب جي تميز ۽ فرق  سڃاڻڻ جو شعور عطا ڪيو اٿس. پنهنجي مذهبي عقيدي مطابق عبادت ڪرڻ ۽ دعا گهرڻ جو حڪم ڏنل آهي. دل جي گهرائي سان دعا گهرڻ جي نتيجي ۾ قبوليت جو اهو ۽ ايترو به مقام حاصل ٿي سگهي ٿو جو مقدر جو لکيو به مٽجڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو . ڪنهن الله پاڪ جي نيڪ صالح ٻانهي هي ڳالهه  ٻڌائي ته صله رحمي ڪرڻ يعني ٻين سان  نرمي ۽ ٻين  تي رحم ڪرڻ ۽ صدقو ڏيڻ اهي  ٻه شيون رب پاڪ کي ايترو ته  پسند آهن جو ان عمل ڪندڙ شخص جي دعا کي قبوليت جو درجو حاصل ٿئي ٿو ۽ جيڪا لکيل تڪليف ۽ مصيبت هن جي مقدر ۾ آهي اها ٽري وڃي ٿي. ڄمار ۾ برڪت پوي ٿي، خاتمو ايمان سان ٿئي ٿو. بري موت مرڻ کا اهو انسان بچيل رهي ٿو انسان کي ٻيو ڇا گهرجي. دعا ته گهرندو رهجي رب پاڪ جي دربار جو در هر وقت کليل آهي. ٻانهون رب پاڪ کان دعا گهري ٿو ته رب پاڪ خوش  ٿئي ٿو ته هي شخص دنيا ڇا سڀ در ڇڏي صرف پنهنجي خالق  ۽ پالڻهار ڏانهن رجوع ٿيو آهي. پوءِ جنهن وقت ۽ جيڪا دعا ٻانهي  جي حق ۾ مناسب  ۽ بهتر آهي ان وقت اها دعا قبول ٿئي ٿي. دعا جي قبوليت جو دارومدار رب پاڪ جي حڪم ڪيل احڪامن جي پوري طرح بجا آوري يعني نماز، روزي، حج، زڪوات وغيره جي ادائگي پوري ذميواري سان ادا  ڪرڻ دعا جي قبوليت جو بنيادي شرط آهي، اڪثر ماڻهو شڪايت ڪندا رهندا آهن ته اسان دعائون گهري گهري ٿڪجي پيا آهيون قبول ئي نٿي ٿئي. حالانڪه رب پاڪ غفور رحيم آهي، هر ڪنهن جي هر وقت ٻڌي ٿو. ليڪن هي مثال سامهون رکو ته پٽ ڪيترو به فرمانبردار  ۽  لائق هجي، توهان هن کي پاڻي جي گلاس پيارڻ لاءِ چئو ته هو  هٿ ٻڌي چوي ته بابا آهيان توهان جو فرمانبردار پٽ پر پاڻي ڪو نه پياريندس ۽ اهو ڪم  مون کان نه ٿيندو ته ڇا  توهان هن جي فرمانبرداري ۽ ادب تسليم ڪندا. انسان رب پاڪ جون روزانه ڪيتريون بيشمار نعمتون استعمال ڪري ٿو، ڪيترين  نعمتن ۽ مهربانين سان رب پاڪ نوازيو آهي. پوءِ به هن جي آڏو سجدو ڏيئي ۽ هن جي حڪم ڪيل حڪمن جي پيروي نٿا ڪريون ۽ ڪيترين نافرمانين ڪرڻ باوجود هو روزي رزق روزانو عطا ڪري ٿو. جيڪي نافرمان ۽ منڪر آهن انهن کي به ڏئي ٿو بلڪه هر پساهه واري مخلوق کي ڪنهن نه ڪنهن طرح روزانو رزق پهچائڻ جو انتظام ڪري ٿو. دعا اهڙو لڪل خزانو ۽ عبادت آهي جيڪا جيتري وڌ کان وڌ گهربي اوترو رب پاڪ راضي ۽ خوش ٿئي ٿو. دعا نه گهرڻ واري ٻانهي لاءِ رب پاڪ ناراض ٿئي ٿو. انسان کي وڌ کان وڌ خوشي، دلي سڪون،  راحت، اطمينان ۽ غيبي راحت رب پاڪ جي ذڪر عبادت ۽ دعا گهرڻ سان حاصل ٿئي ٿي. اهڙي ڪيفيت کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي جڏهين ٻانهون رب پاڪ جي حضور دعا لاءِ هٿ کڻي ٿو ته ان ذات پاڪ جي هيڪڙائي ۽ وحدانيت جو  يقين ڀروسو ڏڍ ۽ آسرو هن جي دل ۾ تازو ٿئي ٿو ۽ انسان پاڻ کي اڪيلو نٿو محسوس ڪري. رب پاڪ جي ذات بي نياز ۽ بي پرواهه آهي هن آڏو ڪنهن جو زور نه هلي سگهندو آهي بلڪه زاري ۽ انڪساري نئڙت نياز عجر هيٺانهين  هن  ذات پاڪ  کي پسند آهي غرور ۽ وڏائي ڪندڙ کي رب پاڪ پسند ان ڪري نٿو ڪري جو انسان کي اها ڪنهن به صورت ۾ نٿي جڳائي بلڪه مغرور ماڻهو جنت جي خوشبو به نه وٺي سگهندو. دعا اهو آسرو ۽ روشني آهي ته انسان محسوس ڪري ٿو ته دنيا جا در ته سڀ هن لاءِ بند ٿي سگهن ٿا. انسان ٻئي انسان کي هڪ ٻه دفعو ڏيڻ بعد منهن ڦيرائيندو، ليڪن رب پاڪ جي اها ذات پاڪ آهي جيڪو ٻانهي کي ڏيئي عطا ڪري نه پچاريندو آهي ۽ نه ئي مهڻو ڏيندو آهي. دعا گهرڻ لاءِ نه وقت جي نه مسجد جي پابندي آهي بلڪه هلندي ڦرندي پنهنجو ڪم ڪار  ڪندي سمهندي ليٽندي هر وقت دل  جي محنت خشوع خضوع ۽ عاجزي سان جيئن فقير بادشاهه کان خيرات گهري ائين ستائي، ٻاڏائي پنهنجي ضرورت ۽ حاجت طلب ڪندو رهجي. دعا هميشه جائز  مطلب لاءِ هجي پاڻ سان گڏ هر  ٻئي جو خير گهرجي، پنهنجي لاءِ به ۽ جملي انسانن جي ڀلائي ۽ خير جي دعا گهرجي. هي ياد رکڻ گهرجي ته رب پاڪ کان گهريل  دعا تيستائين زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ رهي ٿي جيستائين  ٻنهي جهانن جي سردار تي درود سلام هڪ هڪ دفعو اڳيان ۽ پٺيان نه پڙهجي، درود صلوات پڙهڻ سان دعا جي قبوليت يقيني بڻجي ٿي. رب پاڪ غيب جو علم رکندڙ ۽ مالڪ آهي جنهن وقت جيڪا طلب ڪيل دعا جي قبوليت ۽ ان جي ڪم ٿيڻ جو مقرر وقت اچي ٿو جنهن جي انسان کي خبر ۽ ڄاڻ نه هوندي آهي ته اهو ڪم سرانجام ڏئي ٿو رڪاوٽون دور ٿين ٿيون ۽ ٻيڙا پار ٿي هن جون مرادون پوريون ٿين ٿيون. انسان جلد باز ۽ تڪڙو آهي چاهي ٿو ته جيڪا دعا گهري اٿم بس اڄ ئي قبول ٿئي، رب پاڪ نعمتون ،مال، اولاد  دولت ڏيئي به  انسان کي آزمائيندو آهي ته ڪيترو شڪر ۽ حق ادائي ڪري ٿو يا ان کي پنهنجو علم، عقل ۽ سياڻپ ڏاهپ ٿو سمجهي،  ڪڏهين تڪليف ڏيئي تنگي ۽ سوڙهائپ سان به بندي کي آزمائيندو آهي ته ڪيتري برداشت ۽ سهپ اٿس. شڪر گذار کي ته هر حال ۾ جنهن ۾ پيدا ڪندڙ پاڻ رکڻ چاهي راضي به رضا رهڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ هڪ  حقيقت کي مبني سچو واقعو ڪير پڙهڻ چاهي ته منهنجي تازي لکيل طبي ڪتاب بيمارين جا سبب ۽ ان جو جديد علاج جو صفحو نمبر 250 ۾ هڪ عورت جو رب پاڪ جي رضا ۽ حال تي راضي رهڻ ۽  شڪر ڪرڻ جو واقعو لکيل آهي . دعا ڪرڻ سان انسان پاڻ کي ڪنهن جي ڇانو ۽ طاقت جي زير اثر  پر فرحت خوش سمجهي ٿو جيترو ذهن ۽ خيالات پرسڪون ۽ اميد سان ڀرپور هوندا، توجهه ۽ هڪ ئي در کي مضبوط جهليندو ۽ سمجهندو اوترو دعا گهرندڙ کي پنهنجي دعا جي قبوليت جي پڪ  اندر ۾ پيدا ٿيڻ محسوس ٿيندي، ڪي انسان بي صبرا ۽ تڪڙا ٿيندا آهن ۽ ٻئي جي خوشي، خوشحالي ڏسي به حسد ساڙ بغض دل ۾  رکندا آهن، اهڙن ماڻهن لاءِ رب پاڪ طرفان اها ئي دنيا ۾ سزا ڪافي هوندي آهي ته هنن کي ڪڏهن به اطمينان ۽ سڪون نصيب نه ٿيندو. جيستائين اندر  اجرو ۽ صاف نه هوندو ماڻهو پنهنجي ئي حسد جي باهه ۾ پيو ڪڙهندو ۽  پچندو. ذهني ڊپريشن جا مريض گوليون ۽  دوائون کائي پاڻ کي پرسڪون رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. دوا  ڪجهه وقت لاءِ پنهنجو اثر ڪندي بعد ۾ وري اڃان وڌيڪ وڏي پاور واري دوا کائڻ جي ضرورت پوندي آهي. علاج ڪرڻ ۽ دوائن کائڻ کان منع هر گز ناهي ليڪن ان سان گڏ رب پاڪ جو ذڪر شڪر ۽ سٺن اعمالن ڪرڻ جو فڪر هجي ته دعائن جي قبوليت ۾ دير نٿي لڳي. انسان جي مٿان دعا جو نفسياتي بلڪه سچو ۽ واضح مثبت اثر پوي ٿو. انسان پاڻ کي خوش ۽ صحتمند محسوس ڪري ٿو. دعا پاڻ به ڪجي ۽ ٻين کان به ڪرائجي، رب پاڪ جي پيارن ۽ مقبول ٻانهن جي جنهن جي ڪنهن به دور ۾ کوٽ نه رهي  آهي، ليڪن هو هوندا لڪل آهن، پاڻ کي نيڪ ۽ صالح ظاهر نه ڪندا آهن. اهڙن نيڪ ٻانهن جي دعائن ۾ اثر هوندو آهي ۽ سندن گهريل دعائون قبول ٿين ٿيون ڪنهن جي بد دعا کان به ڊڄڻ گهرجي، ڪنهن ستايل ۽ ڏکويل جي اکين مان نڪتل لڙڪ ڪڏهن ظالم جي سزا جو به سبب بڻجي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته مظلوم جي بد دعا ۽ آسمان وچ ۾ ڪا رڪاوٽ ناهي. انسان کي هر وقت تڪبر، غرور، وڏائي کان بچڻ گهرجي. ڪنهن وڏي وڻ کي ڪيرائڻ ۽ ڪٽڻ لاءِ ڪهاڙي ڪافي هوندي آهي. ڪنهن به طبي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ خط لکي جوابي لفافو ائڊريس لکيل موڪلي جواب عاقل پلازا گورنمينٽ ڪاليج روڊ حيدرآباد کان حاصل ڪري سگهجي ٿو. هڪ طبي ڪتاب جنهن ۾ مختلف بيمارين جا سبب علاج ۽ نسخا قيمتي نقطا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه مواد موجود آهي. ٻه سو روپيه مني آردر ڪري موڪليو. ڪتاب پارسل ذريعي انشاءِالله موڪلبو.

رابطي لاءِ  9371907.(022)2610633-2634367-0300