|
لوري غارون ۽ ابراهيم منشي الطاف شيخ (حصو پهريون) ورجينيا رياست جو Shenandoahنيشنل پارڪ گهمڻ بعد اسان Luray Caves ُ(لوري جون غارون) ڏسڻ وياسين. هنن غارن تي هي نالو هتي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي Luray تان پيو جيڪو هاءِ وي 211 جي Exit تي آهي ۽ هن نيشنل پارڪ مان لنگهندڙ مشهور رستو اسڪاءِ لائين ڊرائيو جي اولهه ۾ 9 کن ميلن جي فاصلي تي آهي. هتي غارون ڪافي وڏيون ۽ صاف سٿريون آهن ۽ ٽوئرسٽ کي هڪ ڪلاڪ جي ٽوئر دوران ٻه ميل کن گهمائين ٿا. اندر لائيٽ جو سٺو بندوبست آهي ۽ هوا پڻ فريش آهي ۽ ملائيشيا جي باتو غارن وانگر چمڙن جي بدبوءِ ۽ پوڄارين طرفان ڇڏيل ڪِن ڪچرو نه آهي. هي غارون گهمڻ لاءِ في ماڻهو جي 18 ڊالر ٽڪيٽ آهي ۽ روزانو صبح جو 9 بجي کان ڇهين اندر ڏسي سهگجن ٿيون. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هنن غارن ۾ هزارين سال پراڻا ٺهيل Stalactites، Stalagmites ۽ ڪالم آهن.اهي شيون ڇا آهن ۽ غارن ۾ ڪيئن ٺهن ٿيون ان بابت احوال اڳتي هلي ٿا ڪريون. هي غارون جيڪي هزارين سال پراڻيون آهن انهن جي ڄاڻ 1878ع ۾ ڀرواري ڳوٺ ۾ رهندڙ هڪ فوٽو گرافر ۽ هڪ لوهه ۽ ٽِن جي ڪم ڪندڙ کي پيئي. هنن ڏٺو ته زمين ۾ ٺهيل هڪ سوراخ مان ڪافي پريشر سان ٿڌي هوا نڪري رهي هئي. هنن گڏجي پنج ڪلاڪ کان کوٽائي ڪئي جنهن ۾ ايترو ويڪرو سوراخ کوٽي سگهيا جنهن مان ماڻهو اندر گهڙي سگهي. ان ۾ پهريون ماڻهو جيڪو گهڙيو اهو ائنڊريو ڪئمپ بيل فوٽو گرافر هو ۽ هن کي جيڪو پهريون ٿمڀ Column نظر آيو. ان جو نالو آمريڪا جي پهرين صدر جارج واشنگٽن جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. اڄ هنن غارن کي هر سال پنج لک کن ملڪي ۽ غير ملڪي ٽوئرسٽ ڏسڻ لاءِ اچن ٿا ۽ قدرت جي هن ڪرشمي جي واکاڻ ڪن ٿا ۽ بقول هڪ انگريز ٽوئرسٽ جي. …..For more than 125 years, a Luray caverns has been renowned as one of the world’s most spectacular natural wonders. A world of magic and majesty, still as morvelously beautiful as described in the newspapers headlines over a century ago. هن غار جا خوبصورت اسٽالئڪٽائيٽ ۽ اسٽالئگمائيٽ ڏسڻ وٽان آهن. جيڪي پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي مان ٺهڻ ۾ هزارين سال وٺن ٿا. غارون ڪيترن ئي قسمن جون ٿين ٿيون ڪي جبلن تي مٿاهين ليول تي ٿين ٿيون جيئن غارِ حِرا آهي، جتي اسان جو نبي ڪريم صلعم وحي نازل ٿيڻ کان اڳ پاڻ غور وفڪر ڪندا هئا۽ جتي قرآن شريف جي پهرين آيت نازل ٿي. هي هڪ ننڍڙي غار آهي جتان سامهون ڪعبته الله تي بينظير پوي ٿي ۽ روشني به اچي ٿي جيتوڻيڪ دنيا جي ڪيترين غارن ۾ سج جي روشني بلڪل نٿي پهچي. ڪي غارون جيتوڻيڪ جبلن ۾ ٿين ٿيون پر انهن جا منهن گرائونڊ ليول تي ٿين ٿا. اهڙي ئي هڪ غار جو احوال قرآن مجيد جي ڪهف سورت ۾ آهي. ڪي غارون سمنڊ اندر به ٿين ٿيون جيڪي sea caves سڏجن ۽ ڪي Rock Shelters ۽ Grottos به سڏجن . ڪي غارون ڌرتي هيٺ به ٿين ٿيون جيئن هيءَ ورجينيا رياست جي وڏي ۾ وڏي غار ”لوري“ Luray آهي. بهرحال ڪي غارون سخت پٿر جون ٿين ٿيون ۽ اهي شروع کان آخر تائين خال Void رهن. انهن ۾ چاهي هيٺ پاڻي بيٺل هجي يا مٿان پاڻي ٽمندو رهي تڏهن به ڪجهه نٿو ٿئي. وڌ ۾ وڌ جتي پاڻي ٽمندو رهي ٿو اتي سوين سالن بعد گرائونڊ تي پور (erosion)ٿي وڃي. جبل نور (جنهن تي غار حرا آهي) اهو به ڪجهه اهڙن ئي سخت ۽ نهرن Solid پٿرن جو آهي. جن حاجين يا عُمري لاءِ ويندڙن هن جبل تي چڙهي چوٽيءَ تي ٺهيل هن مبارڪ غار جو اندريون حصو ڏٺو هوندو انهن کي ڄاڻ هوندي ته اها اڄ به اهڙي ئي حالت ۾ آهي. صدين جي هوائن. سج جي ڪرڻن يا موسم جي تبديلين ۽ مينهن طوفانن هن کي ذرو به نه ڳاريو آهي نه ڊاهيو آهي. اهو ان ڪري جو هن جبل (نور) جو پٿر گرانائيٽ Granites Rocks جو ٺهيل آهي. جنهن تي عربستان جهڙي سخت موسم به اثر نٿي ڪري سگهي ۽ جيئن هيرن لاءِ چيو ويندو آهي ته؛ Diamonds are for ever. تيئن هن قسم جي پٿرن لاءِ چيو وڃي ٿو Granitic rocks are for ever. اهڙي طرح مڪي پاسي جو جبل ثور آهي جنهن ۾ اها مشهور غار آهي جنهن ۾ حضور اڪرم صلعم جن هجرت جي موقعي تي قيام فرمايو هو. اهڙن ئي پٿرن واري هڪ ٻي غار جيڪا لاهوت لامڪان (بلوچستان) ۾ آهي جنهن کي 1964ع ۾ جناب علي نوار وفائي، عبدالقادر پاٽولي، مخدوم عباسي ۽ والد صاحب (گل محمد شيخ) سان گڏ مون کي ڏسڻ جو موقعو مليو هو. هن غار جو منهن تمام سوڙهو ۽ اڻانگي هنڌ تي آهي، منجهس پاڻيءَ جي سم Seepage به ٿيو پئي پر ڪنهن به پٿر ۾ ڳار يا پورائي Holes نظر نه آيا. يعني ان پٿر ۾ ڪو به چن Lime جهڙو نرم ڪيميڪل مليل نه هو. چوڌاري گرانائيٽ جهڙو سخت پٿر هو. انهن غارن جي ڇت تي يا فرش تي اسٽالئڪٽائيٽ يا اسٽالئگمائيٽ جهڙي Formation نه هئي باقي هي Luray جهڙيون غارون چُن واري پٿر Lime Stone جون آهن جن تي مينهن جي يا ڪنهن ٻي پاڻيءَ جو وڏو اثر ٿو ٿئي. خاص ڪري ان پاڻيءَ جو جنهن ۾ تيز ابيت موجود آهي. هن قسم جون غارون جيڪي Sedimentary Rocks به سڏجن ٿيون. ان جي پٿر ۾ هڪ ڌاتو ڪئلسائيٽ به ٿئي ٿو جنهن کي ڪيميسٽري جي زبان ۾ ڪئلشم ڪاربونيٽ سڏجي ٿو. مينهن جو پاڻي هن ڪيميڪل سان مڪس ٿي غارن جي ڇتين تان جڏهن ٽيپو ٽيپو ٿي سِمي ٿو ته ان ۾ موجود پاڻي هيٺ ڪِريو پوي پر ڪئلسائيٽ ۽ ان سان مليل ٻيا ڌاتو ڇت تي ڇلي جي وانگر چنبڙيو وڃن، ٿوري دير کان پوءِ وري ٻيو ڦڙو ٽمي ٿوجنهن مان پڻ ساڳيو ڌاتو پهرين ڇلي جي هيٺان ٻيو ڇلي ٺاهي ترسيو پوي. ائين هڪ ٻئي پويان سنها ڇلا ٺهندا وڃن ۽ ڇت تان هڪ گول ڇلن جي لٺ (شربت پيئڻ واري Straw وانگر) هيٺ ايندي رهي ٿي. بلڪه ڇت کان هيٺ لڙڪندڙ اهڙيون لٺيون Stalactite جن جا سوراخ بند نٿا ٿين اهي سڏجن ئي ”سڊا اسٽرا اسٽالئڪٽائيٽ“. ڇت ته لڙڪندڙ هنن لڙهين مان ڪن جا هيٺيان سوراخ بند ٿيو وڃن ۽ پوءِ اهي سوڊا اسٽرا اسٽالئڪٽائيٽ“. ڇت ته لڙڪندڙ هنن لڙهين مان ڪَن جا هيٺيان سوراخ بند ٿيون وڃن ۽ پوءِ اهي سوڊا اسٽرا Soda straw بدران Cone شڪل جون ٿين. بهرحال ڇِت تان لڙڪندڙ هر قسم جي ڇلن جون هي لڙهيون Stalactite سڏجن ٿيون. Calcite سان مليل هي ڦُڙا ڇِت ۾ لڙڪيل لڙهي ٺاهيندا جڏهن هيٺ ڪِرن ٿا ته هيٺ زمين تي به ڇِت جهڙا ڇَلا ڇَلا ٺهندا وڃن ۽ انهن زميني ڇَلن جي لٺ کي Stalagmite سڏجي ٿو. ڇِت وارين لڙهين ۽ زمين تي ٺهيل لٺين جا مٿيان انگريزي نالا هڪ ٻئي سان ڪافي ملن ٿا. مون کي ياد ٿو اچي ته انٽر سائنس ۾ جاگرافي جو آپشنل سبجيڪٽ پڙهائڻ وارو اسان جو پروفيسر مرحوم طارق مصطفيٰ صاحب اسان کي چوندو هو ته اهي نالا ياد رکڻ لاءِ انهن ۾ موجود C ۽ G جا اکر ياد رکو . جنهن نالي ۾ سي آهي (يعني Stalactite) ان جو واسطو C يعني Ceiling (ڇِت) سان آهي جنهن اکر ۾ G آهي يعني Stalagmite ان جو واسطو G يعني گرائونڊ سان آهي. ڪِن ڪِن غارن ۾ (جيئن ورجينيا رياست جي هن غار ۾) اهي ڪئلسائيٽ جون لڙهيون ۽ لٺيون ايڏيون ته وڏيون ٿيو وڃن جو هڪ ٻئي سان ملي هڪڙو يڪو ٿنڀ ٺاهين ٿيون. غارن ۾ ٺهيل اهڙي ٿنڀ جو جاگرافيائي نالو ”ڪالم“ آهي. هنن Luray غارن ۾ اهڙو ئي هڪ ڪالم Empress Column تمام خوبصورت آهي ۽ قدرت جي تعريف ڪندي نٿو رهي سگهجي. اهڙي طرح ڪجهه اسٽالئڪٽائيٽ ۽ اسٽالئگمائيٽ بيحد خوبصورت آهن جن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته ڏسڻ سان عقل چرخ ٿيو وڃي. اهڙن مان ڪجهه جا هنن Luray غارن جي انتظاميا وارن نالا به رکيا آهن، جهڙوڪ؛ Titania’s ,Veil جيڪا بلڪل سفيد رنگ جي شفاف ڇلن جي لڙهي آهي. Frozen Fountain هي بيحد ڳرو ۽ وڏو سفيد رنگ جي چادر يا پڙدي جهڙو فلو اسٽون آهي جيڪو زمين تي ٺهي پيو آهي. Stalacpipe Organ چئن کن ايڪڙن تي ڪجهه ڇت واريون لڙهيون يعني اسٽالئڪٽائيٽ هڪ ٻئي جي ڀرسان ائين ٺهي ويون آهن جن مان هار مونيم وانگر سريلا آواز ٿا نڪرن، Giant هال ۾ هڪ سڀ کان ڊگهو ۽ خوبصورت ٻٽو ڪالم آهي جنهن جي ڊيگهه 47 فوٽ آهي. منهنجا اهي پڙهندڙ جن جو جاگرافي ۽ ڪيمسٽري جهڙن سبجيڪٽن سان واسطو نه رهيو آهي انهن جي دلچسپي لاءِ هتي ڪجهه ڳالهين جي سمجهاڻي لکڻ ضروري سمجهان ٿو. ڪئلسائيٽ يا ڪئلشم ڪاربونيٽ جنهن مان هي ڇت واريون ڇلن جون لڙهيون Stalactite يا فرش تي لٺيون Stalagmite ٺهن ٿيون. پنهنجي نج حالت ۾ سچي موتي Pearl وانگر سفيد ۽ شفاف ٿين ٿيون جيئن مٿي ذڪر ڪيل فروزن فائونٽن آهي جيڪو نج ڪئلسائيٽ جو Stalagmite آهي. (هلندڙ) ڪئلسائيٽ (ڪئلشم ڪاربونيٽ) مان ٺهيل هي سڀ شيون ٽاڪئون ٿين ٿيون ۽ زور ڏيڻ سان ٽڙڪي پون ٿيون جيئن سچي موتي Pearl کي مُترڪو هڻڻ سان ڇيتيون ڇيتيون ٿيو وڃن. هتي اهو به لکندو هلان ته غارن ۾ ٺهيل هي شيون، سچي موتي، سپون Shells ۽ ڪوڏ، ويندي Snail جيت جو مٿيون تهه Shell ۽ بيضن Eggs جا ٻاهريان ڇلڪا سڀ هڪ ئي شيءِ ڪئلشم ڪاربونيٽ آهي. جپان واري ڪنهن سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته ان ۾ ڪا ميڊيڪل حقيقت ناهي ته سچن موتين ۽ ڪا شهواني يا جسماني طاقت آهي، توهان ڪلفٽن تي سمنڊ جي ڪناري تي پيل ڍير سِپن مان هڪ سپ Shell جو حمام دستي ۾ چورو ڪريو ۽ ٻيو سچي موتيءَ جو چورو ڪريو. ڳالهه ساڳي آهي. ٻنهي ۾ ساڳيو ڪيميڪل آهي. سچن موتين ۾ طاقت، شباب، جواني جو نعرو فقط وهم آهي جيئن ملائيشيا، هانگ ڪانگ ۽ چين پاسي جا چيني گينڊي Rhinoceros جي سڱَ جي پائوڊر لاءِ چون ٿا جيڪو سائنسي يا ميڊيڪل ريسرچ مطابق وارن جو Compress ٿيل ڇڳو آهي. هتي اهو به لکڻ چاهيان ٿو ته اهي ڇت واريون ڇلن جون لڙهيون Stalactite يا Stalagmites کي پنجاهه يا سئو سال ۾ نٿيون ٺهن پر انهن جي ٺهڻ ۾ هزارين سال لڳيو وڃن. هنن غارن جون مون ڪيتريون ئي تصويرون ڪڍيون آهن. پر خبر ناهي اخبار وارا يا ڪتاب جا پبلشر انهن مان ڪا ڇپين يا نه. بهرحال جن وٽ ڪمپيوٽر آهي اهي هن ويب سائيٽ تي انهن غار وارن جي انتظاميا طرفان ڏنل ڪجهه تصويرون ڏسي سگهن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي غارون ۽ انهن ۾ هزارين سالن جي عرصي مان ٺهيل عجيب ۽ خوبصورت شيون ڏسي ماڻهو سراپجيو وڃي. نيويارڪ ٽائيمس اخبار جونمائندو اليگزينڊر برانڊ پهريون سفرنامو لکندڙ آهي جنهن هنن غارن Luray caves جو سير ڪيو. اٽڪل سئو سال کن اڳ جي سفرنامي ۾ هن هنن غارن بابت لکيو آهي ته؛ It’s a magnificent cave. The most beautiful I, veseen. Trying to compare this cave to other would be like Comparing New York City to the town of Luray. انسئڪلوپيڊيا برٽينيڪا ۾ هنن غارن بابت ڏيڍ صفحو کن ڏنل آهي. رسل گرني جيڪو ليکڪ ۽ Explorers ڪلب جو صدر به رهي چڪو آهي ان پنهنجي ڪتاب ”ڊسڪوري آف لوري ڪئورن“ ورجينيا ۾ لکيو آهي ته؛ Luray Caverns remains a tribute to the courage and vision of explorers who will persevere to seek out secrets of our world. In an imperfect human world it is reassuring that the discovery of these men of vision has been preserved for the enjoyment of this and succeeding generation. لوري غارن مان نڪرڻ وقت سج اچي لٿو هو. ان ڏينهن اسان جو شايد آخري گروپ هو. نڪرڻ واري دروازي وٽ هڪ ننڍڙو سووينيئر شاپ ۽ چانهه ڪافيءَ جي ريسٽورنٽ هئي. اسان به اتي ئي چانهه پيئڻ چاهي ٿي پر هڪ ته رش ڪري ۽ ٻيو ته ههڙن خاص هنڌن تي هرشيءِ مهانگي ٿئي ٿي. سو اسان ميل ٻه اوڀر ۾ Luray ڳوٺ ۾ اچي چانهه پيتي. حميرا ٻڌايو ته هي ڳوٺ جيتوڻيڪ ننڍو آهي پر هنن غارن ڪري مشهور آهي. ان کان علاوه آمريڪا جي وئلي بيس بال ليگ جي Luray Wranglers جو ڳوٺ آهي. يوگي بيئر ڪارٽونن جو خالق پڻ هن ڳوٺ جو آهي جنهن جي ياد ۾ هتي Yogi Bear,s Gellystoneپارڪ آهي. ڳوٺ مان نڪرڻ وقت لوري هاءِ اسڪول جي عمارت ۽ Page news اخبار جي آفيس پڻ نظر آئي. ڪار منور پئي هلائي پر ٿڪل اسين ٻه حميرا رحمان ۽ آئون هوس جو رکي رکي اُٻاسيون به آيون پئي. ” ڪر خبر منور! ننڊ ته ڪانه ٿي اچي؟“ مون پڇيو مانس. ”منهنجو فڪر ئي نه ڪريو، توهان ڀلي سمهي رهو“ منور وراڻيو. ”نه منهنجا سائين ائين ته اسان به نه ڪنداسين“، مون چيومانس. ”جهوٽو لڳندي يا دير ٿي ٿئي. گهٽ ۾ گهٽ اسان مان هڪ ڄڻو سمهي ته ٻيو توسان ڳالهائيندو هلي.“ حميرا چيو. ”ڪنهن جي به ڳالهائڻ جي ضرورت ڪانهي، آئون ٿو ڪئسٽ ٻڌان.“ منو اعلان ڪيو. منور ٻه ٽي ڪئسٽ مٽائيندي آخر هڪ کي هلڻ ڏنو. مون رات گنجي ۾ گجندي ڪيڏا سنڌوءَ جا سرواڻ ڏٺا ٿي ٻهڪيا منهن ۽ ٻانن ٻر، مون ٻلواڻن هٿ ٻاڻ ڏٺا هت ڀيڄ ڀنيءَ جو ڀڙڪا ها ۽ ڪانن جا ڪيئن ڪڙڪا ها هت گونج متل هئي گولين جي ۽ ٽڪر ٽولين ٽولين جي ڏيئي منهان مهاڏا ٿي ، ڄڻ سانَ وڙهيا ڪي پاڏا ٿي هن ڀر کان ڀاڳيا ڀونيان ها، ۽ اڳيان چور اڀونيا ها مون جنگ اندر ڪئين جوڌا جاني، سورهيه پٽ سڄاڻ ڏٺا ... هي ابراهيم منشي پاڻ هو، جيڪو ڪنهن محفل ۾ پنهنجي شاعري ٻڌائي رهيو هو. ڇا ته سندس آواز ۽ ان ۾ جوش ۽ للڪار هئي. اسان جي ننڊ ته پهرين سَٽِ تي ئي هلي ويئي.. ”ابا منور متان ان ڪئسٽ کي بند ڪيو اٿئي.“ حميره رڙ ڪئي، ”اسان ننڊ تان هٿ کنيو.“ ..... هي آزادي جو جهيڙو هو ۽ ڀائر ڀائر ڀيڙو هو، هڪ غدارن جو ٽولو هو، جنهن ننگ نسل ۾ رولو هو، هئا لعنت سان منهن لال سندن، ڇا ويهي ڪريان مان ڳالهه سندن، ان ڪڙم جي قاتل ٽولي جا مون پِيلا منهن خود پاڻ ڏٺا....!! مون ابراهيم منشي جي شاعري پهريون دفعو اڄ کان ويهارو سال اڳ سئيڊن جي شهر مالمو ۾ وزير سومرو وٽ ٻُڌي هئي. جڏهن آئون اتي جي يونيورسٽي ”ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي“ ۾ هوس. اڄ اسان جو هي پيارو شاعر هن دنيا ۾ نه رهيو آهي. ابراهيم منشي هڪ مزاحمتي شاعر هو، جنهن پنهنجي ڌرتيءَ تي تبديليءَ جي چاهنا رکي. هو ڌرتيءَ وارن لاءِ حوصلي ، همت، سُرت، ساڃاهه ، جرئت ۽ جدوجهد جو سبب بڻيو رهيو. جنگ جنگ جنگ آ، منهنجي توسان جنگ آ پليت پير ڪر پري، هيءَ ڌرتي منهنجو ننگ آ ابراهيم منشي جي جيڪڏهن شاعري پڙهندئو ته ان ۾ هن جي زندگيءَ جو مقصد چِٽي طرح نظر ايندو. هو ڏوٿي ماڻهن جو همدرد ، وڏيري، سرمائيدار جو چٽو دشمن نظر ايندو. سندس شاعري سنڌي قوم لاءِ اتهاس جي اهمت رکي ٿي. هو عام ماڻهن جو آواز هو. اڄ جڏهن ورجينيا رياست جي رستن تي اسان جي گاڏي صحيح رستو وٺي وڃي رهي آهي، ته اسين ابراهيم منشي کي پنهنجو گيت ترنم سان پڙهندو ٻڌي گم ٿي ويا آهيون. سندس شاعريءَ ڪيڏو ته بيقرار ڪري وڌو آهي. ڪتيون ڪئين قيد ۾ گذريون، چڱو چيٽن ۾ملنداسون سرنهن پِيلا جهليندي گُل، تڏهن کيتن ۾ ملنداسون...! اتر جا واءُ جڏهن ورندا، اڇا سر، ڪانهه سنگ ڪڍندا، لهنديون ڪونجون جتي ڪڻڪي، انهن ڪيٽين ۾ملنداسون. ڇڏي درياءُ ويندو دهشت ، بنائي ٻيٽ ٻيلاٽيون چڙهي تڏهن ناءُ ننڍڙيءَ تي، انهن ٻيٽن ۾ ملنداسون. ”منور واهه جي ڪئسٽ هٿ ڪئي اٿئي. ڪٿان گهرايئي؟“ مون پڇيو مانس. ”مون کي به ٽالپر ٻڌڻ لاءِ ڏنو آهي “ منور وراڻيو. ”ڪهڙي ٽالپر“ طلعت ٽالپر؟“ شاهد ٽالپر؟“ مون پڇيو. ”شاهد ڏنو آهي پر آهي توهان جي ڳوٺائي سليم عرساڻيءَ جو.“ ”چڱو هاڻ ڳالهه ٻڌ.“ مون چيو، ”ڪنهن جو به هجي مون کي اهو ٽيپ ڪرائي ڏي.“ منشي محمد ابراهيم 15 جنوري 1934ع تي ڳوٺ جنهاڻ سومرو، تعلقو ٽنڊو محمد خان ۾ جنم ورتو هو. ڪنهن جي ٿي هت ذات وڪامي ، ڪنهن جي ٿي هت ڏات وڪامي ڪنهن جي ٿي هٿ بات وڪامي، ڪنهن جي ٿي هت رات وڪامي هيڏي وڪري ۾ جو نه وڪاڻو، تنهن کي مليو جيل ۽ ٿاڻو جهڙو ماڻهو تهڙو ناڻو، هر ڪو پنهنجي اگهه اگهاڻو جيڪو ماڻهو ڪونه وڪاڻو، سوئي ماڻهو موتيءَ داڻو. |