|
زراعت ۽ ننڍو آبادگار امير علي قادري ملڪن ۽ قومن جي خوشحاليءَ پويان جيڪي به مالي وسيلا ۽ ذريعا ڪارفرما رهيا آهن، اُنهن ۾ زراعت لاشڪ بنيادي اهميت رکي ٿي. صنعتي انقلاب ۽ صنعتن جو قيام گهڻو پوءِ جو قصو آهي. اِها ٻي ڳالهه ته صنعتي انقلاب جي آمد ۽ جمهوريتن جي قيام تائين پهچندي پهچندي جاگيرداري نظام معيشت هاري ناريءَ جو رت سـَت چوسي ڇڏيو هيو ۽ هڪ عام ماڻهو غلامن جيان زندگي گهاريندو رهيو. اِهوئي سبب آهي جو دنيا جي ڪن خـِطن ۾ آخرڪار وڏا انقلاب آيا ته جيئن حڪومتي وهنوار ۾ عوام جي شرڪت کي ۽ عام ماڻهوءَ لاءِ معاشي انصاف کي پڻ يقيني بڻائي سگهجي. مغربي دنيا ۾ آمريڪا سميت زراعت کي غريب ماڻهوءَ جي ڌنڌي طور ورتو وڃي ٿو ڇو جو صنعتڪاريءَ کي وڌيڪ نفعو ڏيندڙ شعبو سمجهيو وڃي ٿو. اِن ڪري ئي زراعت ۽ ان سان لاڳاپيل سڀني ڌنڌن تي يا زراعت ۾ استعمال ٿيندڙ سڀني اِسمن تي حڪومتن طرفان مالي اِعانت ۽ سهڪار (subsidy) کي يقيني بڻايو وڃي ٿو، جڏهن ته اسان لاءِ سندن فرمانَ مختلف آهن ته سموريون مالي امدادون (subsidies) واپس ورتيون وڃن. اهڙيءَ صورتحال سبب زراعت ۾ استعمال ٿيندڙ هر شيءِ جو اگهه چوٽ چڙهيل آهي ۽ مٿان پاڻيءَ جي اڻاٺ آهي، جنهن سنڌ اندر سموري زرعي شعبي کي ڊانواڊول ڪري ڇڏيو آهي. اڄ ننڍو آبادگار اصل ٽياس تي ٽنگيل آهي ۽ لڳي ٿو ته ايندڙ ڏهن ٻارنهن مهينن ۾ ننڍن آبادگارن جي هڪ وڏي اڪثريت ڌوڙ ٿي ويندي ۽ اِهو وڏو هاڃو ٿيندو! ٻئي پاسي کاڌ خوراڪ جي سمورن اِسمن جو مهانگو هجڻ آهي. اِن ڏس ۾ اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن جي آڌار تي ڪنهن به ريت موجوده صورتحال کي اميد افزا ڪونه ٿو ڪوٺي سگهجي. مثال طور، هلندڙ سال جي مئي مهيني دوران کاڌ خوراڪ ۾ استعمال ٿيندڙ شين جي حوالي کان جيڪا افراط (Food Inflation) جي شرح هئي اُها قريبن اڻٽيهه سيڪڙو هئي، جيڪا پوئين سال (2007ع) جي مئي مهيني ۾ يارنهن سيڪڙو هئي، پر تازو ويجهڙائيءَ ۾ پئٽرول ۽ ڊيزل وغيره جا جيڪي اگهه وڌيا آهن ته افراط جي اِها شرح نتيجي طور چاليهه سيڪڙو تائين وڌيل هوندي ۽ اِها واڌ ڏينهن ٻه ڏينهن وڌندڙ آهي. اِهو سچ ته وڏو بحران آهي جنهن سان منهن مقابل ٿيڻ لاءِ ڪي تڪڙا ۽ جوڳا اُپاءَ وٺڻا پوندا. اِن پوري ناڪاري پس منظر کي آڏو رکندي اِهوئي سوال اٿاريو ويندو ته آخر زراعت کي ڪيئن ترقي وٺرائجي ته جيئن ننڍي آبادگار جو ڪو چاڙهو ٿي سگهي؟ جيڪي ماڻهو ٻهراڙين جي جاگرافيائي بيهڪ، اُتان جي ڳوٺن جي اهميت ۽ اُتانجي وسندڙ ماڻهن جي ذهني، اخلاقي ۽ نفسياتي جوڙجڪ کان واقف آهن. اُهي اِها ڳالهه چڱيءَ ريت سمجهي سگهن ٿا ته ڳوٺن ڀرسان رهندڙ اهڙن ننڍن آبادگارن کان جڏهن سندن زمينون سندن هٿن مان نڪري ويون يا اُهي آباد نه ٿي سگهيون ته اهڙي ڪٽنب سان جيڪو حشر ٿيندو اُن جي هڪڙي جهلڪ ئي ڪنهن باهوش ۽ باضمير انسان کي پريشان ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، ڇو جو اهڙيءَ صورتحال ۾ جيڪي سماجي ۽ معاشي مسئلا جنم وٺندا اُهي ڪنهن به صورت ۾ ملڪ ۽ اُن جي مجموعي ترقيءَ لاءِ بهتر نه هوندا. زرعي معيشت سان لاڳاپيل ماهرن طرفان مختلف مرحلن تي مختلف تجويزون پئي سامهون آيون آهن. اهڙين تجويزن جو مختصر وچور وٺڻ ضروري آهي ته جيئن ڪا بهتر صورتحال پيدا ٿي سگهي. پهرين تجويز اِها آهي ته آبادگارن جي زندگين ۾ ڪنهن مثبت ۽ پائدار تبديليءَ لاءِ لازمي آهي ته في ايڪڙ اُپت وڌائي وڃي، جو اِها بهتر زرعي پيداوار ئي آهي جيڪا آبادگار ۽ هاري ٻنهي کي سـُکيو ستابو رکي سگهي ٿي. اهڙي تجويز ڏيندڙ ماهر هڪ بنيادي ڳالهه وساري ويهن ٿا ته بهتر اُپت وٺڻ خاطر في ايڪڙ سيڙپ پڻ وڌائڻي پوندي، جيڪا ننڍي آبادگار لاءِ هميشه محال رهي آهي. اهڙي سيڙپ ٽه رُخي هجي ٿي: پهريون اِهو ته آبپاشيءَ جي روايتي طريقن کي خدا حافظ چوندي نوان طريقا اختيار ڪرڻا پوندا، جنهن لاءِ زمين تائين بجليءَ جي رسائيءَ کي يقيني بنائڻو پوندو يا آبادگارن کي پنهنجا واٽر ڪورس پڪا ڪرائڻا پوندا ته جيئن نهري پاڻيءَ جو نقصان گهٽائي سگهجي يا کين تلاءَ ٺهرائڻا پوندا ته جيئن انهن ۾ پاڻي اسٽور ڪري سگهجي، جيڪو ڪنهن ڏکئي وقت ۾ استعمال هيٺ آڻي سگهجي. سيڙپ جو ٻيو پاسو کيتي ٻاڙيءَ جي مشيني انداز ۽ طريقيڪار کي اختيار ڪرڻ وارو ٿيندو، جڏهن ته ٽئين پاسي مختلف ڪيميڪل ڀاڻن ۽ زرعي دوائن جو وڌيڪ استعمال اڻٽر ٿيندو. سون مٿان سهاڳو اِهو آهي ته ڪيترن ئي فصلن لاءِ وڌيڪ اُپت ڏيندڙ ٻجُ مهيا ئي نٿا ڪيا وڃن مارڪيٽ ۾. ڪن فصلن جي حوالي سان اهڙا هائبرڊ ٻج گهرايا به وڃن ٿا ته اُهي مارڪيٽ ۾ ڏاڍي مهانگي اگهه تي آبادگارن کي وٺڻا پون ٿا. انهن سڀني رُخن جي پورائيءَ لاءِ جنهن ناڻي جي ضرورت پوي ٿي، اُهو ناڻو گهٽ ۾ گهٽ ننڍي آبادگارن وٽ نه ميسر آهي ۽ نه ئي اِهو ممڪن بڻبو شايد هـُن لاءِ ته هـُو بهتر پيداوار لاءِ ڪا وڏي سيڙپڪاري ڪري سگهي!! ٻي تجويز اِها آهي ته زراعت سان لاڳاپيل ننڍيون صنعتون ٻهراڙين ۾ اُتي ئي لڳايون وڃن، جتي اهڙين صنعتن لاءِ گهربل خام مال آسانيءَ سان مهيا ٿي سگهي ٿو. ائين ڪرڻ سان نه صرف آبادگارن کي خام مال جو بهتر معاوضو ملندو پر اُتان جي نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا. اِن ڏس ۾ چئي سگهجي ٿو ته اهڙي تجويز تي هڪ وڏي حد تائين عمل به ٿيو آهي. مثال طور، کنڊ جا ڪارخانا يا سارين ۽ ڪپهه جا ڪارخانا ٻهراڙين ۾ ئي لڳل آهن پر اِها ٻي ڳالهه آهي ته مقامي ماڻهن لاءِ اهڙن ڪارخانن ۾ روزگار جا موقعا گهٽ ئي رکيا وڃن ٿا. ساڳي صورتحال اُنهن ڪمپنين ۾ پڻ ملي ٿي جيڪي پئٽرول ۽ گئس واري شعبي سان منسلڪ آهن. اِن جو وڏو سبب اِهو ڄاڻايو وڃي ٿو ته سنڌي ماڻهن وٽ اُها فني تعليم گهٽ آهي، جنهن جي ڪارخانن هلائڻ لاءِ ضرورت هجي ٿي. پر، ٻهراڙين لاءِ جنهن ڪاٽيج يا گهرو صنعت جي ضرورت آهي، اُن تي ڌيان نه ڏنو ويو آهي. پنهنجي ليکي ماڻهو يا ته چوپايو مال پالين ٿا يا ڪڪڙين جا فارم رکن ٿا پر اِهو سڀ ڪجهه ننڍي پئماني تي ٿئي ٿو، ڇو جو وري به ساڳي مصيبت ”ناڻي“ واري ڪـَر ُ کڻي سامهون اچي ٿي ته آخر انهن سڀني ڌنڌن لاءِ ناڻو ڪٿان اچي؟ چوڻ وارا چئي سگهن ٿا ته اِن ڏِس ۾ بئنڪون آهن جيڪي سيڙپڪاريءَ لاءِ يا فصلن لڳائڻ لاءِ وقتي سيزنل قرض ڏين ٿيون سو ننڍا آبادگار اهڙيءَ سهولت مان فائدو ڇو نٿا وٺن! ظاهر آهي ته اِن مرحلي مان نڪرڻ لاءِ هڪ ننڍي آبادگار کي جن مصيبتن سان منهن مقابلو ٿيڻو پوي ٿو اُهي کيس اِن سهولت مان فائدي وٺڻ تي آماده ئي نٿيون ڪن. ٽين تجويز اِها آهي ته اصل ۾ اها زرعي فارم جي سائيز ۽ اُن جي تنظيم جوڙجڪ ئي آهي جيڪا بهتر کان بهتر اُپت ۽ منافعي کي يقيني بڻائي ٿي. اِن ڏس ۾ سڀ کان اهم دليل جيڪو سامهون آندو وڃي ٿو، اُهو هيءُ آهي ته سموري دنيا جي معيشت عام طور تي ۽ پنهنجي ملڪ جي زرعي معيشت خاص طور تي جن تڪڙين تبديلين مان گذري پئي، اُن لاءِ لازم آهي ته زرعي فارمن جي سائيز وڏي هجي ته جيئن اُتي وڏي سيڙپڪاري به ڪري سگهجي ۽ گهڻو فائدو به حاصل ڪري سگهجي. سو، اِهي وڏا زرعي يونٽ ئي هوندا جيڪي ٻهراڙين ۾ تڪڙي تبديليءَ ۽ ترقيءَ جو سبب بڻبا جو اهڙا فارم مڪمل طور تي زراعت کي مشيني صورت ڏيندا ۽ جديد طريقن تي انحصار ڪندا. ٻئي پاسي اهڙن وڏن فارمن تي کيتي ٻاڙيءَ کان علاوه ٻين ننڍن وڏن ڌنڌن ڌاڙين کي به اختيار ڪيو ويندو ۽ ائين نه صرف وڌيڪ نفعي ڪمائڻ جا ذريعا ممڪن بڻبا پر آس پاس جي ماڻهن لاءِ روزگار جا وسيلا به پيدا ٿيندا. پر، اهڙا وڏا ۽ ترقي يافته فارم ٻن صورتن ۾ ئي پنهنجو گهربل وجود وٺي سگهن ٿا. هڪڙي صورت ته اِهائي آهي ته ننڍا آبادگار پنهنجي زمين ڪنهن وڏي زميندار کي وڪرو ڪري ڏين. اِن جو امڪان مٿي ڄاڻايل سببن ڪري کڻي هڪ حد تائين ممڪن نه بڻجي پر اِن مان گهربل هاڪاري نتيجا ڪونه ملندا، ڇو جو نه صرف سنڌ پرڳڻي ۾ پر ملڪي سطح تي پڻ تمام وڏا زميندار موجود آهن، پر اُنهن جا فارم نه ترقي يافتا آهن ۽ نه ئي اُهي روزگار جا ڪي گهڻا موقعا فراهم ڪن ٿا. اُهي اڄ به راويتي طور طريقن تي انحصار ڪن ٿا ۽ ”عام ماڻهو“ کان حقارت ڪن ٿا ۽ کين پنهنجو غلام سمجهن ٿا. ٻي صورت اِها آهي ته ڪي عالمي سطح تي ڪم ڪندڙ وڏيون ڪمپنيون هجن جيڪي اچي زرعي شعبي ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪن. ٽين صورت اِها بيهندي ته ڳوٺن جي چوڌاري ننڍا آبادگار باهمي سهڪار ذريعي ۽ هڪٻئي سان تعاون ڪندي پنهنجي پنهنجي زمين به بچائن ۽ ڪنهن وڏي فارم کي وجود ۾ به آڻين ۽ گڏيل طريقي سان اُن فارم تي سيڙپڪاري به ڪن ۽ وڌيڪ نفعو به حاصل ڪن. پر، اِن پوري سلسلي ۾ جن ٻن بنيادي ڳالهين جي ضرورت آهي اُهي ٻئي اڻلڀ آهن، يعني هڪٻئي تي ويساهه ۽ تمام اڳتي وڌيل سماجي شعور جيڪو اصل ۾ سياسي جماعتن جو ڪم هيو ۽ جيڪو اُنهن ڪونه ڪيو، ٻيو ته هت به ساڳي مصيبت سامهون ايندي يعني تمام گهڻو ”ناڻو“ ته جيئن آباديءَ لاءِ جديد مشيني طريقا استعمال هيٺ آڻي سگهجن. هاڻ لائق پڙهندڙ پاڻ ئي اندازو لڳائن ته سنڌ جي زراعت ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ڪهڙي صورت اختيار ڪندي، ۽ اِهو ته ڪنهن ناڪاري صورتحال کان ننڍي آبادگار کي آخر ڪيئن بچائجي؟ اِن تي ڀرپور بحث ٿيڻ گهرجي. اِن پوري پس منظر ۾ حڪومت کي ڪي تڪڙا ۽ جوڳا اُپاءَ وٺڻا پوندا ۽ اِن ۾ ئي سندن ناماچاري آهي. اهڙا اُپاءَ ڪهڙي نوعيت جا ٿي سگهن ٿا، اُن جي مختصر جو مختصر وچور هيٺ ڏجي ٿو: 1- زرعي شعبي سان لاڳاپيل مڙني شين تي مالي سهائتا (subsidy) جيئن جو تيئن ۽ مڪمل طرح واپس نه وٺڻ گهرجي. 2- موجوده صورتحال ۾ حڪومت جو مارڪيٽ تي ڪو به ڪنٽرول نظر نٿو اچي. نتيجي طور آبادگار خريد و فروخت ٻنهي صورتن ۾ واپاريءَ جي ور چڙهيل آهي. فيڪٽري ريٽ ۽ مارڪيٽ ريٽ ۾ ته ڪڏهن ڪڏهن ڪا به هم آهنگي نظر ڪانه ايندي آهي. اِهو گويا واپاريءَ جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي ته هـُو ڪهڙي اسم تي ڪيترو نفعو حاصل ڪري! ساڳئي شهر ۾ ساڳئي اسم لاءِ ڏهه اگهه ٻڌڻ ۾ ايندا. اِهو راقم جو ذاتي تجربو آهي سروي دوران ته ٽنڊي محمد خان شهر ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ يوريا ڀاڻ جي ٻوري هڪڙي واپاري ست سؤ ويهن رپين ۾ پئي وڪرو ڪئي ته ٻئي صرف ست سؤ رپين ۾ ته ٽئين ست سؤ ڏهه رپيا پئي ورتا ۽ واپارين طرفان اِهو وڌيل اگهه اُن اسٽاڪ تي پئي ورتو ويو، جيڪو هنن پراڻي ريٽ تي ڪارخانن کان ورتو هيو. اِن سموري قصي مان واپارين طرفان جيڪا غير اخلاقي ڳالهه سامهون اچي ٿي اُها مذهبي، قانوني ۽ سماجي لحاظ کان هرگز قابل قبول نه آهي يعني وڻج واپار جي حوالي سان سندن بنيادي اصول وڃي اِهو بيٺو آهي ته ”جيڪو جتي ڦاسي اُن کي اُتي ئي ڦاسائجي!“ گويا وڻج واپار جا ڪي مذهبي، اخلاقي ۽ قانوني اصول آهن ئي ڪونه!! ٻئي پاسي آهي شهري حڪومت جنهن جا سمورا ننڍا وڏا ڪارندا آهن جيڪي اِن پوري طوفانِ بدتميزيءَ ۾ ڄڻ ته مڪمل طور تي بي وس ۽ لاچار بڻايا ويا آهن، جڏهن ته اِهو سندن منصبي فرضن ۾ شماريو ويندو ته اُهي مارڪيٽ ۾ قيمتن کي ڪنٽرول ۾ رکن. 3- زراعت آهي ته فصلن جي حوالي سان مرض به ظاهر ٿيندا ۽ ٻيا ڪيترائي ٽيڪنيڪل مسئلا به پيدا ٿيندا جن جي تدارڪ لاءِ هر ضلعي ۾ هڪڙو اِي ڊي او (EDO) زراعت مقرر ٿيل هجي ٿو، جنهن جي ماتحتيءَ ۾ زرعي آفيسر ۽ ٻيو عملو ڪم ڪري ٿو. انهن مڙني صاحبن جو اِهو منصبي فرض آهي ته اُهي پنهنجين آفيسن کان ٻاهر نڪري آبادگارن وٽ وڃي فصلن بنسبت معلومات وٺن ۽ بهتر اُپت لاءِ ڪي معقول تدبيرون تجويز ڪن. هڪ اهڙي سروي دوران راقم سان ٽنڊو محمد خان جي ٻن نوجوان پڙهيل لکيل ننڍن آبادگارن، محترم غلام نبي وساڻ ۽ محترم غلام فريد عباسي جي ملاقات ٿي ۽ اُنهن جيڪي احوال ڏنا اُهي ڏاڍا ڏکوئيندڙ هيا، جن کي ڪنهن به ريت هاڪاري ۽ مثبت ڪونه چئبو. اهڙين مڙني آفيسن جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بنائڻ گهرجي. 4- پاڻيءَ جي مسئلي کي حل ڪرڻو پوندو نه ته خشڪساليءَ ۽ بيروزگاريءَ سبب عام ماڻهو آهي جيڪو ڏينهون ڏينهن ڏوهن جي دنيا ڏي ئي ڌڪيلجندو پيو وڃي يا وري ماڳهين آپگهات وارو رستو پيو اختيار ڪري. اِن صورتحال ۾ ٻهراڙين مان جيڪا سورش جنم وٺندي اُن جو ڪاٿو ضرور لڳائڻ گهرجي جو اُها سڀ ڪجهه نه ڳڙڪائي وڃي! ويجهي مستقبل ۾ مهانگائيءَ واري جيڪا ازدها آهي اُن جو ڪنٽرول ۾ اچڻ ممڪن نظر ڪونه ٿو اچي ته ٻئي پاسي اڃا به وڌيڪ خطرناڪ مرض آهي جيڪو اندران ئي اندران پوري سماجي ڍانچي کي اڏوهيءَ جيان پيو کوکلو بڻائي ۽ اُن مرض جو نالو آهي ”رشوت ۽ مالي بدنظمي“. اِن مرض کي جيڪڏهن ٻـُنجو نه ڏنو ويو ته عام ماڻهن ۾ نااُميدي تهائين وڌندي ۽ اِهو ڪنهن به ريت موجوده سرڪار لاءِ سٺو سنؤڻ نه آهي. هت ڪارلائل (Carlyle) جي اُنهن سونهري لفظن کي ورجائڻ ضروري لڳي ٿو، جڏهن هـُن چيو هيو ته ”ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي جو پنهنجن سمورن نيڪ ارادن ۽ نـِيـَتـُن هوندي به ماڻهو پنهنجو رستو دوزخ ڏي ئي جوڙيندا آهن.“ ننڍا آبادگار زرعي بئنڪ جا قرضدار آهن. ڪٿي ڪٿي اُنهن مـُور يعني اصل کنيل رقم واپس به ڪري ڇڏي آهي ۽ اُنهن ڏي هاڻ صرف وياج جا پئسا رهيل هوندا. اِهو مسئلو ائين ئي آهي پر جيڪڏهن واپس ڏنل رقم کي مـُور ۽ وياج جهڙن ٻن خانن ۾ جدا جدا ورهائي پوءِ حساب ڪتاب ڪبو ته پوءِ انهن ننڍن آبادگارن جي جان ڇڏڻي ناهي. هڪڙي پاسي فصل سـُٺا نٿا ٿين، پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب ٻيو کين فصلن جا اگهه سٺا ڪونه ٿا ملن، ٽيون مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي، جنهن ٻهراڙين جي ماڻهن کي اچي هڪ ويلي تي پهچايو آهي. سڀ کان مٿان زرعي بئنڪ آهي جيڪا سندن زمين جي نيلاميءَ جا پئي اشتهار ڇڏائي. هاڻ جڏهن ننڍن آبادگارن جو ساهه اچي نڙيءَ سان لڳو هجي ته کين گـُهٽا نه ڏيڻ کپن. اهڙا قرض معاف ٿيڻ گهرجن جتي مـُور جا پئسا ڏنا ويا آهن. سياستدانن ۽ صنعتڪارن جا قرض ۾ ورتل اربين رپيا معاف ٿي سگهن ٿا ته ننڍن آبادگارن ڏانهن رهيل وياج جي رقم به اَوس معاف ٿيڻ گهرجي. انصاف جي تقاضا اِهائي آهي. Sunflower50pk@yahoo.com |